آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

شاهه جي داداگيري

بهرحال هن گهٻراهٽ ۾ خوف وچان جيئن شاهه صاحب چيو هن لکي ڏنو ته؛ ”سيوهڻ ڪاليج جي اليڪشن ۾ محمد خان ابڙي جيئي سنڌ جي غنڊن سان گڏجي ڌانڌلي ڪئي آهي ۽ اها اليڪشن وري ڪرائي ويندي...“ جڏهن اها لکت مليس ته شاهه صاحب جي پاڳل پڻي جو دؤرو گهٽ ٿيو. اتان ٻاهر نڪتا ڇوڪرا ڊوڙايائين ته وڃي منڱڻهارن کي وٺي اچو ته دهل ۽ شرناين سان شام جو اسان جلوس ڪڍي فتح جو اعلان ڪيؤن. رات جو نائين وڳي شاهه صاحب جلوس ڪڍيو. سڄو شهر کڻي گڏ ڪيائين. پرنسپل کان ڇا لکرايائين ڄڻ سچ ۾ اليڪشن کٽي ويو هجي. جلوس ۾ نعرا ته اليڪشن ڪينسل ٿي ويئي ۽ محمد خان ابڙي تي لعنت، جيئي سنڌ وارن تي لعنت! ان وقت آءٌ صادق علي شاهه جي اوطاق تي ويٺو هئس ۽ هيٺان جلوس گذري رهيو هئو. ڇاڪاڻ ته اسين مٿي دڙي تي ويٺا هئاسين. 5-8 همراهه مون سان به هجن سبزواري سيدن واري بندوق ۽ ٻه پستول به ساڻ هجن. اسين به تيار ٿياسين، ته هن سان سوين ماڻهن جو جلوس آهي ڪو شرارت ڪري ته کين روڪينداسين جو اسين مٿي هجؤن هيءُ هيٺ. هي نعري بازي ڪندا رهيا مون ڏانهن جلسي وارن ماڻهن مان ڪجهه ماڻهن حقارت انگيز نظرن سان ڏٺو. مون خلاف نعرا هنيا ڪجهه ماڻهن ته لعنتون به وڌيون پر برداشت ڪندي خاموش رهياسين. باقي اهو طي هئو ته هنن حملو ڪيو يا پٿراءُ ڪيو ته پوءِ اسين به جواب ڏينداسين. جيڪي مرن ٿا، ڀلي مرن. پر جلوس هلندو رهيو. اسين ويٺا رهياسين. سمجهه ۾ ڪونه پيو اچي ته ڇا ٿيو. سڄي شهر ۾ هُلي ويو ته پرنسپل صاحب اليڪشن ڪينسل ڪري ڇڏي.