ٽريڊ يونين جو جائزو
مون جائزو ورتو ۽ محسوس ڪيو ته ”سبيوا“ جنهن به يونين جي حمايت ڪري ٿي ته بدلي ۾ اهي وري سنڌين کي ايتري خاص اهميت نه ڏيندا هئا ۽ اهم پوسٽون به نه ڏيندا هئا. يونين ۾ هميشه ٽي سيٽون اهم هونديون هيون؛
• صدر
• جنرل سيڪريٽري
• خزانچي
ڇوته فنڊن وغيره لاءِ بئنڪ ۾ اڪائونٽ هوندا هئا ۽ چيڪن تي اڪثر ڪري انهن ٽنهي جي صحيح هلندي هئي. انهن ۾ خزانچيءَ جي پوسٽ اڃا به وڏي هوندي هئي ۽ اهم فيصلن ۾ سندس اتحاد کان سواءِ هو مشڪل ۾ اچي ويندا هئا پر ”سبيوا“ جنهن سان به اتحاد ڪندي هئي ان کي ٽنهي سيٽن کان هميشه پري رکيو ويندو هيو ۽ اسان وارا يار نائب صدر يا ڊپٽي جنرل سيڪريٽريءَ جهڙن عهدن تي ئي راضي ٿي پوندا هئا. انهن عهدن جي حيثيت، خانه پوريءَ واري هوندي هئي ۽ بس! کين ايتري اهميت هئي جو پنهنجو ڪو ڪم وغيره سولو ڪندا هئا مگر تنظيمي معاملن ۾ ڪجهه به نه ڪري سگهندا هئا.
اسٽيٽ بئنڪ ۾ ٽريڊ يونين جو باقاعده آغاز به ڀٽي صاحب جي اصلاحات جي ڪري ٿيو. اسٽيٽ بئنڪ جي هڪ برانچ ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ٽريڊ يونينون رجسٽرڊ هونديون هيون. مثال طور تي ڪراچيءَ جون چار-پنج يونينون رجسٽرڊ هونديون هيون. انهن ۾ به ”ڪلريڪل يونين“ الڳ ته وري ”نان ڪلريڪر يونين“ الڳ هونديون هيون. اهي به وري هڪ کان مٿي هونديون هيون. انهن جو ريفرنڊم به الڳ ٿيندو هيو. انهن جي چارٽر آف ڊمانڊ تي اڪثر چيف مينيجر ڳالهائيندو هيو، معاملا طي ڪري هيڊ آفيس مان منظوري وٺندو هيو. باقي چيف مينيجر وٽ مٿان جي منظوريءَ کان سواءِ ڪوبه اختيار نه هوندو هيو. اهڙي ريت اسٽيٽ بئنڪ جي 16 برانچن ۾ الڳ يونينون رجسٽرڊ هونديون هيون. وري هيڊ آفيس جي يونين الڳ ته ڪراچي آفيس جون يونينون الڳ هونديون هيون. اهڙي ريت هڪ ئي وقت 17 سي بي ايز هونديون هيون. يعني هر يونين پنهنجو مطالبو مقامي سطح تي ڪري سگهندي هئي. پوءِ طاقت ورهائجي ويندي هئي ۽ سڀ وڃي انتظاميا جي بغل ۾ ويهندا هئا ۽ ذاتي مفاد پورا ڪندا هئا. هڪ ٽريڊ يونين ۾ عهديدارن جو تعداد گهٽ ۾ گهٽ 20 ۽ وڌ ۾ وڌ 30 هوندو هيو. جنهن کي ايگزيڪٽو ڪميٽي چوندا هئا. ايئن 17 سي بي اي ۽ شڪست کائيندڙ يونينن جو ڳاڻيٽو 50 کان مٿي هوندو هيو. هر آفيس ۾ ٻه يونينون رجسٽرڊ هونديون آهن مگر ڪراچي ۽ لاهور ۾ تقريبن 20 ٽريڊ يونينون رجسٽرڊ آهن. اهڙي ريت 50 يوننين جي عهديدارن کي گڏ ڪبو ته 1500 ٽريڊ يونين جا عهديدار ٿين ٿا. اهي وري مزدورن جي نمائندي لاءِ ڀڃ ڊڪ ڪندا هئا. انهن ۾ جيڪي سڀ يونين جا عهديدار سي بي اي جي حيثيت ۾ هوندا هئا اهي به تقريبن 300 هوندا هئا. ايئن بئنڪ انتظاميا اسٽيٽ بئنڪ جي ٽريڊ يونينن ۽ سي بي اي کي مفلوج ڪري پنهنجي اشاري تي هلائيندي هئي. انهن سڀني سينٽرن (برانچن) تان وري چونڊيل سي بي اي وارن هڪ مرڪزي فيڊريشن تشڪيل ڏني. جنهن جي قيادت اڪثر ڪري ڪراچي، لاهور، پشاور، پنڊي، فيصل آباد ۽ ڪوئيٽا وارا ڪندا هئا. مگر فيڊريشن جون اهم پوسٽون ڪراچي ۽ لاهور وارن وٽ هونديون هيون. مطلب ته وڏو بحران خود ٽريڊ يونين وارن ۾ هوندو هيو. اهي پاڻ ۾ ئي ڪونه ٺهندا هئا ته ٻين جا وري ڪهڙا مسئلا حل ڪرائيندا؟ انهن سڀني ڳالهين ۽ معاملن کي سمجهڻ ۾ مون کي 4 سال لڳي ويا. ان کان بعد مان هر مسئلي کي سمجهي ۽ ڳالهائڻ جي قابل بڻجي ويس.
مان پنهنجي تنظيم ”سبيوا“ ۾ اها راءِ رکي ته اسين هميشه ٻين يونينن جي پليٽفارم تان محتاجي ۽ مجبوريءَ واري سياست ڪئي آهي. هڪ ته ايم ڪيو ايم وارا کٽي ٿا وڃن. ان ڪري اسين سدائين حزب اختلاف ۾ ۽ مزي جي ڳالهه ته ان ۾ به اسين ڪمزور پوزيشن تي آهيون. مٿي بيان ڪيل ٽن اهم سيٽن مان هڪ به اسان کي نه ٿي ملي. پراڻا ”سبيوا“ وارا دوست چوندا هئا ته اسان وٽ پنهنجي يونين ڪونه آهي. ان ڪري مجبوريءَ ۾ هو جيئن چون ٿا ته اسان کي ان کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ناهي سو اهو ڪرڻو ٿو پوي. پوءِ مون چيو ته ان مجبوريءَ مان ڪيئن نڪرجي؟ ان تي دوستن چيو ته پنهنجي ٽريڊ يونين جو رجسٽر ڪرائڻ ضروري آهي. مان پراڻن سبيوا جي ملازمن کان پڇيو ته اوهان وٽ 600 کان مٿي ميمبر آهن ۽ چند ماڻهن کي ڇڏي ڪري اڪثريت اسان سان گڏ آهي ته پوءِ اوهان 1973ع کان وٺي 1990ع تائين ان لاءِ ڇو ڪجهه نه ڪيو؟ ان تي پراڻن ساٿين چيو ته اوهان نوان نوان آيا آهيو هن ملڪ جي پورهيت کاتي (ليبر ڊپارٽمينٽ) جو حال اهو آهي ته اهو ٺهيو ته مزدورن جي ڀلائي ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ليڪن اهي به مزدورن سان اهڙو سلوڪ رکن ٿا جهڙو فيڪٽري مالڪان ۽ وفاقي ادارن جي انتظاميا سلوڪ روا رکندي آهي. انهن وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي طرفان وس ڪيو مگر ان جي باوجود اسان جي ٽريڊ يونين رجسٽرڊ نه ٿي سگهي. مان انهن کي چيو ته مان اوهان کي اها يونين رجسٽرڊ ڪري ڏيکاريندس. ان جو صرف هڪ فائدو اهو هيو ته اسان کي رجسٽرڊ پليٽفارم ملندو جنهن جي بنياد تان اسان پنهنجو مؤقف بنا ڪنهن خوف جي بيان ڪري سگهون ٿا. ان ۾ انتظاميا جو ڪو به آفيسر بنا ڪنهن سبب جي تنگ نه ڪري سگهندو. ويلفيئر ايسوسيئيشن جيئن ته رجسٽرڊ ڪونه هوندي هئي ان ڪري اهي پنهنجو مؤقف پيش ڪندي ڊڄندا هئا. ڇو ته اسان سنڌين ۽ بلوچن خلاف صرف انتظاميا مخالف نه هوندي هئي بلڪه مهاجر ۽ پنجابي به مخالف هوندا هئا. ٻيو وڏو فائدو اهو ٿيڻو هيو ته اسان ان پوزيشن ۾ اينداسين ته پنهنجي پليٽ فارم جي موجودگي ۾ ٻين ٽريڊ يونينن جي اڳواڻن سان پنهنجي مرضيءَ مطابق ڳالهه ٻولهه ڪري سگهنداسين. جي يونين نه آهي ته پوءِ انهن يونين وارن جي مرضي ڀلي اسان کي پنهنجي باڊيءَ ۾ ڪا چڱي جاءِ نه ڏين ته ان صورت ۾ به انهن جي رحم و ڪرم تي. انهن کي اهو اختيار هوندو هيو ته ريفرنڊم ۾ بيهندڙ ڪهڙي يونين جي حمايت ڪيون ٿا پر جي پنهنجو پليٽ فارم هوندو ته پوءِ جي ڪنهن ڌر سان ٺاهه نه ٿئي ته اسان پنهنجي پليٽ فارم تان ريفرينڊم ۾ حصو وٺي ٿي سگهياسون. اهي سڀ ڳالهيون شدت سان ياد ڪندي مان پنهنجي سموري ڪاغذي ڪارروائي مڪمل ڪري ليبر کاتي وٽ رجسٽريشن لاءِ ويس. اتي خبر پئي ته ليبر ڊائريڪٽر، غلام علي شاهه پاشا آهي جيڪو منهنجي دوست امتياز علي شاهه (هاڻ پي آءِ اي ۾ آهي) جو عزيز هيو. مان امتياز کي سفارش لاءِ چيو ان جي سفارش تي سائين غلام علي شاهه دلچسپيءَ سان منهنجي مدد ڪئي ۽ هڪ مهيني جي وقت ۾ جيڪو وقت ليبر کاتي جي نوٽيس وغيره لاءِ گهربل هئو ان دوران ئي يونين رجسٽرڊ ڪري ڏني. اسان ان يونين جو نالو ”ڊيموڪريٽڪ يونين اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ڪراچي“ رکيو. ان يونين جو پهريون صدر مان ۽ جنرل سيڪريٽري غلام شبير سومرو (جيڪو ويجهڙ ۾ ڊپٽي چيف مينيجر ڪوئيٽا جي منصب تان رٽائر ٿيو آهي) ٿياسين. اسان جي يونين جي رجسٽريشن سنڌي ۽ بلوچ ملازمن ۾ اها اميد پيدا ڪئي ته هاڻي اسان جي سنڌين جو ڪجهه تحفظ ٿي سگهندو.
ان کانپوءِ اسان پنهنجي پليٽ فارم تان سرگرمين جو آغاز ڪيو. هاڻي مون سبيوا جي صدارت به ڇڏي ڏني هئي ڇو ته يونين جو ڪم تمام گهڻو هيو. هاڻي منهنجي نظر اسٽيٽ بئنڪ جي سي بي اي تي هجي ۽ نيٺ 1994ع جي ريفرينڊم جي تاريخ به آئي اسان پنهنجي حڪمت عمليءَ ۾ ڪامياب وياسين. اسان ايم ڪيو ايم مخالف جماعتن کي چيو ته صدر يا جنرل سيڪريٽري مان ڪا هڪ پوسٽ ڏيو.
هاڻ سڀئي يونينون جيڪي هن ٺاهه تحت اسان سان اتحاد ته ڪن پيون مگر انهن لاءِ مسئلو پيدا ٿي پيو ته اسان صدر يا جنرل سيڪريٽريءَ جو عهدو سنڌين کي ته ڏيون پر هنن وٽ ته ٻه يونينون ٿي پونديون هڪ سبيوا ۽ ٻي اسان جي. اسان چيو ته اسان کي دوستن سان مشوري جو ٽائيم ڏيو. ان کان بعد ۾ اسان يونين جي عهديدارن ۽ سبيوا جي گڏجاڻي گهرائي. فيصلي جو اختيار ته سبيوا جي قيادت کي هيو مگر انهن کي اسان جي فيصلي کي مدنظر رکڻو هيو. مون جڏهن سبيوا جي صدارت سنڀالي ته جنرل سيڪريٽري سبيوا جي پراڻن عهديدارن مان غلام شبير سومرو هيو جڏهن ته هاڻي يونين جي چونڊن ۾ به اسين ٻئي ساڳين عهدن تي پهتاسين.
ٽريڊ يونين ۾، جنرل سيڪريٽريءَ جي حيثيت اهم هوندي آهي. ڇو ته سموري رڪارڊ ۽ خطن پٽن تي اهو ئي صحيح ڪندو آهي. ان ڪري مون کي پڪ هئي ته يونين وارا جڏهن ٺاهه ڪندا ته جنرل سيڪريٽريءَ جي پوسٽ جي گهر ضرور ڪندا. ان ڪري اسان ميٽنگ ۾ فيصلو ڪيو ته اگر هو جنرل سيڪريٽريءَ جي گهر ڪندا ته غلام شبير سومرو پنهنجي سيٽ خالي ڪندو اگر صدارت گهرندا ته محمد خان ابڙو صدارت ڇڏيندو. اسان ان فيصلي سان، سبيوا جي قيادت کي اختيار ڏنو ته هو جيڪو فيصلو ڪندا اهو مون کي قبول هوندو. ڇاڪاڻ ته يونين کي رجسٽر ڪرائڻ وارو شخص مان هيس اگر مان ڪو ضد ڪرڻ چاهيان ها ته مان ڪري پئي سگهيس مگر مون کي پنهنجي قومي تشخص کي اڳتي آڻڻو هيو.
انهن اسان کان، اسان جي يونين جي جنرل سيڪريٽريءَ جي سيٽ گهري. اسان جي دوستن ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته انهن کي صدارت تي راضي ڪيون مگر هو پنهنجي گُهر تي قائم رهيا. ايتري قدر جو تيستائين ڳالهه ٻولهه بند ٿي وئي. آخرڪار اسان جي پراڻن دوستن انهن کي جنرل سيڪريٽريءَ جي سيٽ ڏئي ريفرينڊم، ”ڊيمو ڪريٽڪ يونين اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، ڪراچيءَ“ جي پليٽ فارم تان وڙهڻ جو فيصلو ڪيو. ان جو لکت ۾ به ٺاهه ڪيو ويو. اسين جنرل سيڪريٽريءَ جي پوسٽ ۽ ٻيون سيٽون هنن کي ڏنيون. هاڻي وري سبيوا وارن هڪ ٻيو مسئلو کڙو ڪيو ته غلام شبير سومرو جنرل سيڪريٽريءَ جي سيٽ خالي ڪندو ته محمد خان ابڙو به صدارت جي سيٽ خالي ڪندو ۽ ان تي وري غلام شبير سومرو ايندو. ان تي مون چيو ته مان اوهان جي فيصلي سان متفق ناهيان. ايئن چئي مان گڏجاڻيءَ مان اٿي هليو آيس. هو ته آخري ڪارڊ پيا کيڏڻ چاهين. اسان جي قوم ۾ سهپ گهٽ، انا، ضد ۽ ساڙ وڌيڪ آهي. ان ڪري انهن کي ٻئي ڪنهن جو اڳتي وڌڻ بنهه نه وڻندو آهي. انهن پراڻن دوستن منهنجي محنت ۽ جستجوءَ کي اڃا تائين هضم نه ڪيو. مگر انهن کي مان هڪ ڳالهه ڪئي ته اگر اڳئين ڌر کي صدر جو عهدو ڏيو ته مان هاڻي ئي هٽڻ لاءِ تيار آهيان باقي اگر اوهان غلام شبير جي جنرل سيڪريٽري شپ نٿا بچائي سگهو ته مونکان ڇو پيا استعيفيٰ ڏياريو؟ هنن جو چوڻ هيو ته يونين، سبيوا جي آهي ۽ سبيوا جو هر فيصلو قبول ڪرڻو پوندو. مون چيو ته اوهان سموري زندگيءَ ۾ يونين رجسٽرڊ نه ڪرائي سگهيا. يونين رجسٽرڊ ڪرائيندڙ اڪيلو مان آهيان. اوهان کي جيڪڏهن پنهنجو صدر ڪرائڻو آهي ته پوءِ اوهان پنهنجي يونين تان اليڪشن وڙهو. اسان جي يونين کي ريفرينڊم نه ويڙهايو. انهن اها به ڪوشش ڪئي ته اسان جو صدر غلام شبير اگر عهدو خالي نه ٿو ڪري ته پوءِ اوهان پنهنجي يونين ۾ صدر جو عهدو ڏيو ته ان تان ريفرينڊم وڙهؤن. ان لاءِ کين جواب مليو ته ايئن ڪونه ٿيندو. يونين اوهان واريءَ تان وڙهبو ۽ جنرل سيڪريٽري شپ جو عهدو ڏيو باقي ٻيا عهدا اوهان ڪيئن ٿا ورهايو اهو اوهان جو اختيار آهي. اسان ان ۾ ڌر ڪونه ٿينداسين.
هاڻي سبيوا وارا پريشان آهن ته هتي هو ڪونه پيا مڃن ۽ هتي وري مان نابري واري ويٺو هيس. مؤقف چٽو هيو ته اگر هو صدر جي سيٽ نه ٿا وٺن ته پوءِ پنهنجي دوست لاءِ سيٽ ڇو خالي ڪيان؟ انهن سوالن جا هنن وٽ جواب ڪونه هئا. سواءِ ان جي ته اهو سبيوا جو مسئلو آهي. مان معذرت ڪندي چيو ته آئون به کين ايئن ڪرڻ ڪونه ڏيندس. وري هنن دوستن وڃي ٻئي ڌر کي چيو ته اوهان محمد خان ابڙو تي اعتراض ڪيو. هنن ايئن ڪيو. انهن کي مون تمام گهڻي سختيءَ سان جهليو ته اوهان کي ڪوبه حق ڪونه آهي. اوهان پنهنجي يونين تان وڙهو مان هاڻي اوهان جي حوالي پنهنجو پليٽ فارم (ڊيموڪريٽڪ يونين اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، ڪراچي) ڪونه ڪندس. مان انهن دوستن جو ذڪر به ڪيان ٿو جن تي مون ايترو لکيو آهي: انهن ۾ غلام شبير سومرو، منظور شاهه، الطاف شيخ، غلام سرور پنوهر، اسماعيل کوسو سرفهرست هئا. بلوچن ۾؛ عثمان بلوچ ۽ غلام رسول بلوچ نه پئي چاهيو ته هي اڳتي وڌي ڇو ته کين ذاتي تشخص لاءِ خطرو نظر پئي آيو پوءِ انهن سڀني ٺاهه ڪندڙ يونين کي به استعمال ڪيو. منهنجو مؤقف مضبوط ۽ وزنائتو هيو ته سبيوا ۽ ٻين ڌرين کي اگر ڪو اعتراض آهي ته صدر جي عهدي تي انهن کي آڻيو پوءِ ڀلي غلام شبير سومرو جنرل سيڪريٽري رهي. نه ته مان پنهنجي فيصلي تي اٽل آهيان، مون کي ڪير به منهنجي مقصد کان پوئتي نه ٿو هٽائي سگهي. آخرڪار سڀ ڌريون ۽ سبيوا به مجبور ٿي منهنجي مؤقف جي تائيد ڪئي. اهڙي ريت صدارت مون وٽ رهي ۽ اسان گڏجي ايم ڪيو ايم جي يونين خلاف اليڪشن وڙهي. جيڪا اسان صرف 60 ووٽن جي فرق سان هارائي. خير اهو مقابلو ته ڪراچيءَ ۾ ٿيو. ان کان بعد مان ان فڪر ۾ لڳي ويس ته ڪنهن به طريقي سان هنن جو اسٽيٽ بئنڪ جي يونين ۾ مقابلو ڪجي. ان لاءِ منهنجي يونين ”ڊيموڪريٽڪ يونين اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، ڪراچي“ پنهنجو جنرل سيڪريٽري ڊگهڙيءَ جي پنجابي سيٽلر لياقت علي ساهي جيڪو چٽي ۽ واضح سنڌي ڳالهائيندو هيو، مگر اندروني طور پنجابين سان ويجهو هيو. سياست جي مجبوريءَ جي ڪري سو گڏ هلندو هيو ۽ ٻئي طرف اسان به اڪيلي سر ايم ڪيو ايم جي دهشت جو مقابلو ڪونه ٿي ڪري سگهياسين ۽ ان قسم جي مجبورين سبب ننڍن مخالفن سان گڏجي هلڻ جو طي ڪري اڳتي وڌيس. اهڙيءَ ريت منهنجي لياقت علي ساهيءَ سان آهستي آهستي ويجهڙائپ شروع ٿي. هڪ يونين۾ رهندي اهو ضروري هيو ته پاڻ ۾ ڪنهن حد تائين هم آهنگي پيدا ڪجي، جيڪا ڪنهن حد تائين قائم به ٿي. ان دوران مون پنهنجو مؤقف چٽو ۽ واضح رکيو. مان لياقت ساهي کي سڌو چيو ته مان ڪنهن به ريت قومي مفادن ۽ ملازمن جي تڪليف تي پوئتي ڪونه هٽندس ۽ نه ئي وري توکي ڪنهن اهڙي ڪم جي اجازت ڏيندس. ان ڪري اگر پنهنجي رويي کي مثبت رکندين ته يونين کي فائدو ملندو. هن به ايئن ئي ڪرڻ ۾ پنهنجي بهتري سمجهي. اهڙي ريت هن جي ذهن۾ سنڌي ملازمن لاءِ اڳواٽ موجود رويو به آهستي آهستي بدلجڻ لڳو. هن واعدو ڪيو ته پاڻ ڏک ۽ سک ۾ گڏ هونداسين. هو انتهائي چالاڪ هيو. هاڻي ٿيو ايئن ته اسان جي يونين جي باري ۾ مشهور هيو ته اها سبيوا جي يونين آهي. مگر مون کي اهو خطرو هميشه رهندو هيو ته هن يونين تي انهن جي اڪثريت جي ڪري قبضو به ٿي سگهي ٿو.
نيٺ فيلڊ ۾ اسان جي مخالف کٽيندڙن ليبر يونين جي ڀرپور مخالفت ڪئي ۽ حزبِ اختلاف جو ڪردار ادا ڪيو. هتي اها ڳالهه ڪرڻ انتهائي ضروري آهي ته مٿين سڀني ڳالهين جي باوجود هڪ ڳالهه مون ۽ لياقت ساهيءَ ۾ مشترڪ هئي ته اسان ٻئي ايم ڪيو ايم جا ڪٽر مخالف هياسين. ان معاملي ۾ هن ڪابه ٻٽي پاليسي نه رکي. اهو ئي اهم سبب هيو جو اسين هڪ ٻئي جي ويجهو ٿياسين ۽ آخر تائين ڪا هڪ به خبر اهڙي سامهون نه آئي ته هن ڪڏهن به ايم ڪيو ايم سان ڪو ڳجهو رابطو رکيو! بهرحال اسان ٻئي ايم ڪيو ايم جا انتهائي حد تائين مخالف رهياسين. ٻئي طرف هارائڻ جي باوجود اسان متحرڪ هياسين. ان کان بعد سي بي اي ۽ انتظاميا ملي ڀڳت ڪري اسان جي خلاف انتقامي ڪارروايون تيز ڪيون. غلطيءَ سان اسان کان هڪ سرڪيولر نڪري ويو. جيڪو انتهائي خطرناڪ هيو. اهو گورنر جي ڪنهن سيڪريٽريٽ معاملي تي هيو. اهو وري اسان کي خفيا طور تي انتظاميا جي هڪ آفيسر ٻڌايو هيو. اسان به سرڪيولر ۾ لکي ڇڏيو ته ان عمل ڪري اسان جي خلاف هڪ انڪوائري ڪميٽي ٺاهي وڃي، جنهن ۾ هڪ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ۽ 6 ڊائريڪٽر مقرر ٿيا پوءِ ان انڪوائريءَ کي مون ذاتي طور سيد عبدالله شاهه-جيڪو 1996ع تائين وزيراعليٰ سنڌ هيو کان سفارش ڪرائي روڪرائي ڇڏيو. جيڪو هڪ وڏو داستان آهي. ان بابت ڪنهن مناسب جاءِ تي تفصيل سان لکبو. بهرحال اها حقيقت آهي ته سيد عبدالله شاهه پاران ڀرپور مدد ملڻ ڪري اسان جون نوڪريون بچي ويون.
*