آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

دادوءَ ۾ جادو

مان جيئن 1975ع ۾ سيوهڻ هاءِ اسڪول مان نائين ۽ ڏهين درجي جو امتحان جو فارم پرائيويٽ شاگرد جي حيثيت سان ڀرايو ۽ دادوءَ ۾ سينٽر قائم ٿيو. ان وقت سيوهڻ تعلقي بورڊ طرفان امتحان وٺڻ جو سيوهڻ ۾ انتظام نه هئو. جنهن ڪري اسين اهو امتحان سيوهڻ مان دادوءَ ۾ وڃي ڏنو. دادوءَ ۾ رهائش لاءِ به انتظام ڪرڻو هجي، ته ان لاءِ دادو ۾ ابڙن سان واسطو هيو. عبدالرحمٰن ابڙو اسان جي وڏن جو دوست هئو. ان کي چيو ويو ته ڇوڪري جو سينٽر دادو ۾ لڳو آهي. امتحان ڏيڻ ايندو، دادو ڪاليج روڊ تي سندن وڏي ڀاءُ جي اوطاق هئي. پاڻ دادو ڪاليج کان ڏکڻ طرف ڳوٺ ۾ رهندا هئا. سندن اوطاق جا ٽي حصا هوندا هئا. مٿئين حصي ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي آفيس (جيڪا هنن تنظيم کي ڪرائي تي ڏني هئي). هيٺ هڪ حصي ۾ ٻه ماڻهو رهندا هئا. شايد ڪنهن بئنڪ جا ملازم هئا ۽ هڪ حصي ۾ سندن اوطاق هوندي هئي جو جڏهن به دادو شهر ۾ اچن ڪم ڪار سانگي ته اتي اچي آرام ڪندا هئا. سو اهو حصو مون کي ڏنائون ڇاڪاڻ ته مون کي نائين- ڏهين جا سڀ پرچا ڏيڻا هئا ان ڪري منهنجو اتي رهڻ 20 ڏينهن کن ٿيو.