آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

ملاحن جي نفسيات

مڇيءَ جي واپاري کي ايترو پئسو ضرور هجڻ گهرجي جو هو مارين کي (مڇي جي شڪار ڪندڙ ملاح کي ماري چوندا آهن) اڳواٽ پئسا ڏيئي سگهي. اوهانکي مڇي ملندي جي نه، ته پوءِ جيڪو وڌيڪ پئسا ڏيندو، ته انکي ڏئي ڇڏيندا! پوءِ جيڪو وڌيڪ پئسا ڏئي اڳ ۾ کڻي ويو، ته ٻئي جي ڊاٽسن خالي، جي مطلوبه مڇي نه ملي ته برف ۽ ڪرايو نقصان. سو انڪري هر واپاريءَ وٽ 4 ،5 سٺا ماري هوندا آهن، انهن مارين جا پنهنجا هڙا (ٻيڙيءَ جو ننڍو قسم) جنهن تي مڇي شڪار ڪري گڏ ڪري ڪناري تي کڻي ايندا آهن، ۽ هر ماريءَ وٽ وري ايترا ئي ملاح هوندا آهن، جيڪي مڇيءَ جو شڪار ڪري ان کي اچي مڇي پڄائيندا آهن، پوءِ اهو گڏ ڪري پنهنجي واپاريءَ وٽ مڇي کڻي ايندو ڪڏهن ته ماري لالچ يا ڪيش پئسن جي ڪري اندران ئي اندران مڇي، ٻئي ماريءَ کي ڏيئي ڇڏيندو ۽ پاڻ 4 ،5 ڪلو کڻي ايندو ۽ چوندو ته اڄ شڪار نه لڳو! اهي به ڪم ٿيندا هئا، ۽ انهن ڳالهين جي به واپارين کي خبر هوندي هئي، پر بي وس هوندا هئا، مطلب ته ملاح جيڪي ڪنهن وڏي ڍنڍ ۾ هوندا آهن، انهن تي نظر نٿي رکي سگهجي ۽ منڇر ته 100 ڪلو ميٽر وڏي ڍنڍ ڪو ملاح ڪهڙي پاسي ته ڪو ملاح ڪهڙي پاسي سواءِ اعتبار جي، واپاري ڪجهه نٿو ڪري سگهي، ليڪن ملاح جيسيتائين ڪوڙ يا بي ايماني (مڇيءَ جي مارڻ واري معاملي ۾) نه ڪري ته هن کي مزو نه ايندو. هزارن ۾ هڪ ايماندار ۽ زبان وارو! باقي ٿيو مڙئي خير! ڳالهائڻ ۾ وات ۾ گار هنن جي روزمرهه جو ڪم آهي، اهي سڀ مرحلا طي ڪري مڇي وٺي ڊاٽسن ۾ برف لڳائي، مٿان وري برف کي ڳرڻ کان ڪجهه بچائڻ لاءِ پلال، ٽئا، تڏا، ويڙهي سوگهو ڪري رسن سان ٻڌبو ته گاڏيءَ جي تيز اسپيڊ ۾ اهي تڏا وغيره جي اڏري ويا ته هوا ۾ برف ختم ٿي ويندي، انجي نتيجي ۾ مڇي خراب ٿي ويندي ۽ مارڪيٽ ۾ نقصان ڪندي يا ته مورؤن نه کپندي، انڪري اهو سمورو انتظام ڪبو آهي.
اها مڇيءَ جي گاڏي منجهند جو هڪ ٻي وڳي منڇر ويندي ۽ مٿيان سڀ مرحلا طي ڪري شام جو ستين يا اٺين وڳي ۽ ڪڏهن ڏهن کان يارهن به ٿي ويندا هئا، سيوهڻ ۾ اها گاڏي اچي منهنجي حوالي ٿيندي هئي، ۽ ادا وڏي کي خبر هوندي هئي ته اڄ ڪهڙي شهر جي مارڪيٽ سٺي آهي، پوءِ اڪثر ڪراچي، حيدرآباد ڪڏهن لاڙڪاڻي، سکر، ۽ گهوٽڪي ۾ گاڏي مڇي کڻي ويندي هئي، جيڪا رات جو ڏهين وڳي تائين سيوهڻ مان رواني ٿيندي هئي، ان وقت روڊ رستا زبون حالت ۾ هوندا هئا. ڪراچيءَ تائين 8 ڪلاڪ، حيدرآباد 4 ڪلاڪ، سکر 8 ڪلاڪ، گهوٽڪي 10 ڪلاڪ ، ڪراچيءَ ۾ هڪ ئي مارڪيٽ ملندي صبح جو 4کان 6 وڳي تائين گاڏي پهچندي هاڻي مڇي وري اتان آڙهيتن جي حوالي.