آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

عبدالحميد بليديءَ جو سياسي ڪيريئر

هيءُ مون سان گهڻو سلهاڙيل رهيو آهي، مان سمجهان ٿو سندس وقت مون سان گڏ گهڻو گذريو آهي، ۽ اڃا-جڏهن ته هاڻي وڏن ماڻهن ۾ شامل آهي، پر پوءِ به اسان جو دوستيءَ ۽ ڏک سک جو واسطو مونکي ته ساڳيو محسوس ٿئي ٿو، ٿي سگهي ٿو ته پئسن ۽ پاور جي نشي ۾ هن جون ترجيحات بدليون هجن پر پوءِ به هن ڪوشش اها ئي ڪئي آهي ته خاص طور منهنجي تعلق واري معاملي ۾، مونکي شڪايت نه رهي، پر پوءِ به انسان آهي، ڪٿي ڄاڻائي ۽ ڪٿي اڻڄاڻائيءَ ۾ ننڍيون وڏيون ڳالهيون ته ٿينديون رهنديون آهن، پر پوءِ اهڙن معاملن کي هن به ۽ مون به پئي درگذر ڪيو آهي، ۽ سلسلو ساڳيو پريت وارو هلندو پيو اچي، مان جيئي سنڌ.ا.ف ۾ جڏهن سرگرم هئس ته منهنجي ڪري هن جو تعلق سائين جي،ايم سيد، سندس پٽ امير حيدر شاهه ۽ سندس پوٽي جلال محمود شاهه سان ٿيو، هي ماڻهو به اصول پرست سمجهيا وڃن ٿا، هرو ڀرو پاسو بدلائڻ پنهنجي لاءِ بي عزتي جي ڳالهه سمجهندا آهن، جنهن جاءِ تي هوندا آهن، اتي ئي بيٺا رهندا آهن، پوءِ ڏک سک پيا ڀوڳيندا رهندا آهن، مان به فيڊريشن جي ليڊرشپ جو مدو پورو ٿيڻ تي ڇڏي وڃي سرڪاري نوڪريءَ ۾ لڳس، پهرين پوسٽ آفيس ۾ ڪلارڪ ۽ پوءِ مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ ۽ وري اسٽيٽ بينڪ ۾ اسسٽنٽ جي نوڪري ملي، پوسٽ آفيس ۾ 1981 کان 1983، مهراڻ يونيورسٽي ۾ 1983 کان 1986 ۽ اسٽيٽ بينڪ ۾ 1986 کان اڄ تائين سلسلو هلندو پيو اچي!