آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

ٽريڊ يونين ڇا آهي؟

اسان جي سنڌي قوم کي سياست، ثقافت ۽ اسٽوڊنٽ سياست جي ته خبر آهي ليڪن ڪنهن اداري جي ٽريڊ يونين جي تمام گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي آهي. ان ڪري مان مختصر طور تي مزدور تحريڪ ۽ انهن جي ٽريڊ يونين جو ذڪر ڪندس ته جيئن قارئين کي ان بابت جوڳي معلومات ملي.
1973ع کان اڳ ۾ ٽريڊ يونين جي رجسٽريشن ليبر کاتي ۾ ٿيندي هئي. ليبر کاتي وارا اڪثر وڏين فيڪٽرين، وڏن صنعتي ادارن، وڏين هوٽلن، پبلڪ سيڪٽر ڪمپنين جهڙوڪ؛ پاڪستان پوسٽ آفيس، پاڪستان ريلوي، نيشنل شپنگ ڪارپوريشن، گيهه ڪارپوريشن، پورٽ قاسم، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ وغيره ۾ مزدورن جي نمائندگي ڪنديون هيون. پر يونين ۽ انهن جي قانون ۾ ايتريون ته پيچيدگيون هونديون هيون جو اڪثر مزدورن جي ٽريڊ يونينون ريفرينڊم کٽڻ کان بعد ۾ يا ته مِل مالڪن ۽ پبلڪ سيڪٽر ڪمپنين جي ڪامورا شاهي جي ”پاڪيٽ يونين“ ٿي ويندي هئي يا وري ڪورٽن ۾ پيا ڌڪا کائيندا هئا.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سڀ کان پهريان فيبروري 1973ع ۾ مزدورن لاءِ اصلاحات آندا. مقامي سطح تي جيڪي مِلون هيون. انهن جي رجسٽريشن ليبر ڊپارٽمينٽ، ۽ وفاقي سطح جي پبلڪ سيڪٽرن تنظيمن (ريلوي، پي آءِ اي، بئنڪون، پوسٽ آفيس وغيره) لاءِ نيشنل انڊسٽريل ڪميشن تشڪيل ڏئي انهن جي ميمبرن ۽ چيئرمين کي جج جا اختيار ڏئي ڇڏيا-جيڪي مزدورن ۽ مل مالڪن جي وچ ۾ ٿيندڙ فساد به ڪميشن جي صورت ۾ حل ڪندا هئا ته جيئن ملڪ جي صنعتي شعبي ۾ مزدورن کي ترت انصاف ملي سگهي. اڳتي هلي انهن ادارن ۾ مزدورن سان وڏا ويل وهايا ويا. ڪنهن به اداري ۾ ڪيتريون ئي ٽريڊ يونين رجسٽر ٿي سگهنديون هيون ۽ ان اداري ۾ هڪ يونين رجسٽر ٿي ۽ ٻئي نه ٿي ته ان اڪيلي يونين کي سي بي اي جو سرٽيفيڪيٽ جاري ٿيندو هيو.