آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

نثار بلوچ؛ ڊي ايس پي!

بهرحال اچي ڄام شوري ڦاٽڪ تي پهتس سيوهڻ وڃڻ لاءِ بس جو انتظار ڪري رهيو هجان ته ايتري ۾ سامهون کان هڪ پوليس جي گاڏي نظر آئي ان وقت هيءُ اڄ واريون موبائيل پڪ اپ ڪونه هونديون هيون ان وقت پوليس وٽ پراڻي زماني جون وڏيون جيپون هونديون هيون-واڳ ڌڻي نيلام ڪندا هئا يا ناڪارا ڪندا هئا وري پوليس وارا ٺهرائي پيا استعمال ڪندا هئا...! گاڏي ڦاٽڪ ٽپي سيوهڻ واري رستي ڏانهن آئي مون ڏٺو ته نثار بلوچ اڳيان ويٺو آهي. هن به مون کي ڏٺو مون ٻئي پاسي منهن ڪيو منهنجي ذهن تي، منهنجي گرفتاري، جيل ۽ سختين جي نظارن جا عڪس ٺهڻ لڳا... ايتري ۾ گاڏي اچي منهنجي ڀرسان بيٺي. نثار بلوچ حيدرآباد مان واپس سيوهڻ پئي آيو... گاڏي بيٺي نثار بلوچ هيٺ لٿو ٻه پوليس وارا پٺيان ويٺا هجن هڪ ڊرائيور گاڏي پيو هلائي. نثار اچي ڪلهي تي هٿ رکيو؛ محمد خان ابڙو آهين نه؟ ها سائين آئون آهيان محمد خان ابڙو! سيوهڻ پيو وڃين؟ پڇيائين! ها ڪيم. ڊڄين ڇو پيو؟ چيم نه سائين! مڙس ته ڪيترو نه مضبوط آهين، پوليس کي ڏسي منهن ڇو لهي ويو اٿئي؟ نه اهڙي ڳالهه ڪانه آهي ڳوٺ پئي ويس ڪافي وقت کان گاڏيءَ جو انتظار پئي ڪيم ان ڪري ٿڪاوٽ جي ڪري اوهان کي ايئن محسوس ٿيندو هوندو، اچو اوهان کي چانهه پياريان، چيائين چانهه کي ڇڏ ويهه گاڏيءَ ۾؟ مون ٻيو ڪو چارو نه ڏسندي پٺيان وارين سيٽن ڏانهن وڌيس ته چيائين ته اڳيان اچ منهنجي ڀرسان ويهه. مون چيو سائين اوهان کي سوڙهه ٿيندي چيائين خير آهي اچ اڳيان پوءِ نثار ۽ ڊرائيور جي وچ ۾ ويٺس ۽ گاڏي سيوهڻ لاءِ رواني ٿي مان وڌيڪ پريشان ٿيس ته مون کي گرفتار ڪيو اٿس يا سيوهڻ تائين لفٽ ڏني اٿس؟!... اڃا ايترو سوچيم ته گاڏي هلڻ شروع ڪيو ڪجهه وقت خاموشي رهي مان ڳالهائڻ مناسب نه سمجهيو خيال پيا اچن ته هاڻي الئه ڇا ٿيندو؟ ايتري ۾ پيٽارو ڪاليج وٽ پهتاسين هيءُ به ڪنهن گهري سوچ ۾ هئو سو سوچن جو سلسلو ٽوڙيندي چيائين؛ ڏي خبر ڪاٿي هئين ايترن ڏينهن ۾ وري سيوهڻ ۾ به نظر ئي نه آئين؟ تو سان ملڻ لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪيم ڪافي دفعا پوليس وارن جي هٿان پڇايم خبر پئي ته سيوهڻ ۾ ڪونهي! چيم، اڄ ته هٿ اچي ويس چيائين مون توکي ڏٺو تو لنوايو پئي... مان هاسيڪار توڏي هلي آيس پر تون مون کي ڏاڍو ڊنل نظر آئين، ايئن ڇو؟ مون چيو هن وقت ڊڄڻ فطري عمل هيو! چيائين اُتي ته ٿاڻي تي ڪابه ڳالهه ڪونه پيو ٻڌين چيم ان وقت طاقت مون سان گڏ هئي ۽ اوهان پريشان هيا هينئر طاقت تو وٽ آهي، چيائين اهڙي ڳالهه نه آهي نه تو گرفتار آهين نه توتي ڪو ڪيس داخل آهي ۽ نه ئي تون پوليس کي گهربل آهين ۽ جيستائين مان سيوهڻ ۾ D.S.P آهيان توکي جيئن وڻي تون ڪر صرف ٽوڙ ڦوڙ ۽ قانون جي خلاف ورزي نه ڪجان باقي جلسا، جلوس، تقريرون ۽ قومي تحريڪ لاءِ جيترو وڻئي ڪم ڪر مان توسان گڏ آهيان مان پاڻ سائين جي ايم سيد جو شيدائي آهيان، اهو وري ڪڏهن تون سائين جي ايم سيد کان پڇجان ۽ وقت ٻڌائيندو ته آئون اوهان جو ڪيترو سچو ورڪر آهيان ۽ هيءُ سڀ اختيار قومي تحريڪ ۾ ضرورت پئي ته استعمال ڪندس. هن جون اهي خبرون ٻڌي دل وڏي ٿي. ڊپ لهي ويو خوشيءَ ۾ مهڪي پيم ۽ ساڻس ڪيل ورتاءُ تي به نادم ٿيڻ لڳس ۽ معذرت ڪرڻ لڳس، هن چيو ته تنهنجي عمر جي ۽ جذبات جي حساب سان تو ڪابه زيادتي ڪونه ڪئي آهي ٻيو ته آئون به هن تحريڪ کي دل سان چاهيان ٿو اوهان ته فيلڊ ۾ ڪم ڪريو پيا اسين ورديءَ وارا ته اوهان وانگر قومي ڪم نٿا ڪري سگهون باقي ڪڏهن به ڪم هجئي ته حڪم ڪجان سيوهڻ جو ليڊر آهين آءٌ به تنهنجو ڪارڪن آهيان. هن جي انهن ڳالهين ته منهنجي ذهن مان پوليس بابت پيدا ڪيل تاثر تبديل ٿيندو ويو! سچ چيو اٿن ته؛ پنج ئي آڱريون برابر ناهن هونديون.
*