آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

اليڪشن ۾ اميدوار

سيوهڻ ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ شرط مون ايترو ڪم ڪيو، جو اتي صرف هڪ شاگرد جيڪو محمد انور ڀٽو هئو، ٻيو ڪو به جيئي سنڌ جو نظرياتي ساٿي ڪونه هئو. انور ڀٽو به ان ڪري جو ڪجهه وقت مون سان رهي بحث مباحثا ڪري منهنجو هم خيال ٿيو هو. باقي سڀ اميدوار ذاتي دوستي ۽ اثر جي ڪري اليڪشن ۾ بيٺا رهيا. ليڪن اهو پينل، مون انائونس ڪيو. جيئي سنڌ جو سپاف جي پينل ۾ جن مقابلو ڪيو ان ۾ مون کي هينئر رڳو ٽي نالا ياد آهن.
1. اشرف پنجابي انٽر جو شاگرد صدارت لاءِ
2. امان سرهيو انٽر جو شاگرد نائب صدارت لاءِ
(جيڪو بنا مقابلي ڪامياب ٿيو)
3. نظير احمد سومرو جنرل سيڪريٽريءَ لاءِ
4. قاضي محمد حسن صديقي جنرل سيڪريٽري آزاد (آزاد اميدوار)

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ جي طرفان پينل
1. قربان ڪلهوڙو (انٽر) صدارت لاءِ
2. عبدالهادي قريشي (انٽر) نائب صدر لاءِ (هٿ کڻي ويو)
3. محمد خان ابڙو (فرسٽ ييئر) جنرل سيڪريٽريءَ لاءِ
4. محمد عرس سولنگي (فرسٽ ييئر) جوائنٽ سيڪريٽريءَ لاءِ
5. محمد انور ڀٽو (انٽر) ڪلاس نمائندو ڪائونسلر
6. عبدالخالق ميمڻ (فرسٽ ييئر) ڪلاس نمائندو فرسٽ ييئر
اليڪشن جي رات آئي. اسان جي اوطاق تي ٽوٽل 6 ڄڻا هجن. جيڪي اليڪشن ۾ مون سان گڏ بيٺا. هڪ هٿ کڻي ويو،ٻيو عبدالهادي اهو به ڪونه آيو. شام ٿي سڀ مايوس هجن. مون چيو هاڻي ڇا به ٿئي صبح جو اليڪشن ۾ هلنداسين.
محمد انور ڀٽي جا چار مائٽ به پڙهندا هئا. ليڪن اهي اليڪشن ۾ ڪونه بيٺا. پر انور جي ڪري مون سان گڏ هئا. انهن ۾ يونس ڀٽو، خدابخش ڀٽو، عبدالرحمان ڀٽو ۽ چوٿون به ڪو هئو. ان ڪري اسان کي اها پريشاني ڪونه هجي ته ايجنٽ ڪير ٿيندا؟ جو اميدوار ايجنٽ ڪونه ٿيندو هئو. هُن پاسي جي خبر پئي ته سائين حاجن شاهه جي ڊپ ۽ دٻدٻي جي ڪري سموري ڪاليج جا شاگرد هن جي اوطاق تي پهچي ويا. سندن تعداد 70 جي قريب هئو. ٽوٽل 78 شاگرد-پنج اسان وٽ جيڪي اميدوار هئا ۽ باقي سڀ انهن وٽ. صرف ڀٽا انهن وٽ ڪونه هئا، اهي پنهنجي گهرن ۾ هئا. صورتحال اها هئي جو سڀني چيو صبح جو ڪاليج ڪونه ٿا هلون. مون چيو ميدان ڪونه ڇڏبو. اسين هلنداسين پوءِ جيئن ٿيو. صبح ٿيو ۽ اليڪشن شروع ٿي. حاجن شاهه مطمئن هئو ته ٽوٽل شاگرد مون وٽ ويٺا آهن. جيئن ته پاڻ ضلعي سپاف جو صدر هئو، سو هو صبح جو سوير دادوءَ هليو ويو. ڇو جو اتي به پينل بيٺل هئس. هتان هي مطمئن بي فڪرو ٿي ويو. اليڪشن هلي، شام جو رزلٽ انائونس ٿي اسان کي مليا 67 ووٽ ۽ سپاف کي مليا 11 ووٽ. جنهن ۾ 7 اميدوارن جا پنهنجا ووٽ باقي 4 ووٽ وڌيڪ ملين! ووٽرن سڄي رات شاهه صاحب وٽ مانيون کاڌيون صبح جو هنن جي گاڏين ۾ ووٽ وجهي هنن جي ئي ڪيبن ۾ ويٺا رهيا ۽ هنن جي شڪست کان پوءِ به هنن سان گڏ ٿي هنن جي اوطاق تي ويا. حاجن شاهه کي دادوءَ ۾ خبر ملي ته رزلٽ هيئن آيو آهي. هو دادوءَ ۾ اليڪشن جي کٽڻ جي خوشيءَ ۾ جشن ملهائڻ پهتو هو، سو هن خبر کان پوءِ وائڙو ٿي پيو. اتي ئي رڙيون ڪيائين دادؤ جي دوستن پڇيس ته ڇا ٿيو آهي؟ شاهه صاحب اوهان ڏي خير ته آهي ڪو ماڻهو ته ڪونه مري ويو آهي. پاڻ کي سنڀاليندي چيائين نه! رات مون وٽ 70 ووٽ گهر ۾ هئا ۽ هينئر...!!! صبح جو اسان جي گاڏين تي چڙهي ووٽ وجهڻ ويا ۽ رزلٽ بلڪل ابتڙ. مون سان ڌانڌلي ٿي آهي.