1990ع جي اليڪشن ۽ قمر ڀٽي
عبدالحفيظ پيرزادو هئو ته سکر جو ڪيترا دفعا ايم اين اي ۽ وزير به رهيو هو، شايد پنهنجي اباڻي تڪ تي توجهه نه ڏيئي سگهيو ۽ ڪراچيءَ جو ٿي ويو! ماڻهن سان رابطو ختم ڪري ڇڏيو هئائين ۽ ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ کان پوءِ 13-12 سال هي خاموش به رهيو اهو ايترو عرصو آهي جو ماڻهو، اگر متحرڪ نه هجي ته عوام کان به وسريو وڃي-سو سکر مان کيس ڪابه اميد ڪونه هئي. تنهنڪري هن صاحب اچي هن تڪ تان فارم ڀرايو. سائينءَ سندس حمايت ڪئي جو پ پ جي مقابلي لاءِ تڪ جو ڪو چڱو سياستدان تيار به ڪونه هئو ۽ امير حيدرشاهه به صوبائي سيٽ تي بيٺو هئو سو انهن ٻنهي جو پئنل تيار ٿي ويو. ان دوران سائين جي ايم سيد جو مون ڏانهن نياپو به آيو. جنهن ڏينهن مون کي گهرايو ويو ان ڏينهن پيرزادو صاحب به اڳ ۾ ئي سائينءَ وٽ ويٺل هجي ۽ اندر قمرڀٽي جيئي سنڌ قوم پرست پارٽي جو ليڊر به هجي. ان تازو جيئي سنڌ تحريڪ ۾ هڪ الڳ گروپ ٺاهيو هجي. پنهنجي تشخص کي بچائڻ لاءِ ان گروپ جو چيئرمين ٿي ويهي رهيو! الائي ڇو مون کي ان وقت قمر ڀٽيءَ جو اهو انداز پسند ڪونه هئو اڃا تازو ٻه ٽي ڌڙا ٺهي چڪا هئا جنهن ۾ بشير قريشي، قادر مگسي، عبدالخالق جوڻيجو جا گروپ سرفهرست هئا. مٿان هن به پنهنجو گروپ ٺاهيو. هن مون سان گڏ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ ڪم پڻ ڪيو ۽ پوءِ جڏهن مان مرڪز ۾ نائب صدر لاءِ بيٺس ته منهنجي مقابلي ۾ قمر ڀٽيءَ ۽ هڪ نوابشاهه واسي. موليڏني راڄپر جي وچ ۾ مقابلو ٿيو، نتيجي طور ٻنهي هڪ جيترا ووٽ کنيا انهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪجي ته به منهنجا هنن ٻنهي کان 18 ووٽ وڌيڪ هئا سو قمر ڀٽيءَ جي طبيعت ۽ سوچ نرالي آهي! هينئر تائين 21 سالن ۾ به پنهنجي پارٽيءَ کي پنهنجي ڳوٺ مان ٻاهر ڪونه ڪڍي سگهيو آهي بلڪه ايئن چئجي پنهنجي فيمليءَ کان به ٻاهر ڪونه ڪڍي سگهيو آهي! بهرحال هر ڪنهن کي هتي ليڊر ٿيڻ جو وڏو شوق هو! هن کي ڏسندي ئي منهنجي طبيعت ۾ ڪاوڙ اچي ويئي هاڻي پيرزادو صاحب به ويٺو هجي هڪ ٻه ٻيا ماڻهو به-سو پئي سوچيم ته وجهه ملي ته پنهنجو اوٻر ڪڍان. سائينءَ چيو ته پيرزادو صاحب آيو آهي. هن تڪ تان M.N.A ٿيڻ لاءِ. هن جي مدد ڪرڻي آهي مون چيو؛ سائين حڪم کپي! ڇاڪاڻ ته مان سيوهڻ جي اليڪشن ۾ ڪافي اثر انداز ٿيندو هئس ۽ تمام گهڻو سرگرم هوندو هئس پوءِ پيرزادي صاحب سان سندس ورڪ ۾ گڏ هوندو هئس. ايئن قمر ڀٽي پنهنجي پارٽيءَ جي ڪارگردگيءَ بابت ڳالهايو مان ڪاوڙيو ته اڳي ئي پيو هئس سو مون کي موقعو مليو. مان زندگيءَ ۾ پهريون دفعو سائين جي ايم سيد جي سامهون ڪجهه تکو ڳالهايو. چيم، سائين، جيڪو ماڻهو چئن ماڻهن جي پارٽي ٿو ٺاهي اهو به اوهان وٽ چڱو مڙس ته پوءِ جي اهڙن ماڻهن کي اوهان همٿائيندؤ ته هاڻي ان تحريڪ جا لاتعداد ٻيا به ٽڪرا ٿيندا. ان تي سائينءَ صرف مون ڏي نهاريو. ٿوري ڪاوڙ به آيس پر شايد پيرزادي صاحب جي موجودگيءَ جي ڪري چيائين ڪجهه به ڪونه ۽ پوءِ آئون به چپ ڪري اٿي اچي ٻاهر ويهي رهيس. هاڻي وقت ثابت ڪيو آهي ته سائينءَ جي ان نرم رويي ۽ سڀني سان غير مشروط پنهنجائپ جي انداز مان منفي سوچ رکندڙن تحريڪ جو ڪيترو نقصان ڪري وڌو.