آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

منهنجو پهريون عشق

اها 17 جنوري 1973ع جي ڳالهه آهي، ان وقت حيدرآباد جي ڪاليجن ۾ قوم پرستن جي سياست جيڪا ان وقت شاگردن ۾ الاهي مقبول عام هئي. همراهه انهن جي ور چڙهي ويا سوچيائون هلون ٿا سنڌ يونيورسٽي اتي سائين جي ايم سيد جي سالگره آهي تون به هل ليڪن فاروق قاضي صاحب ۽ امام الدين اوٺي هلڻ کان انڪار ڪيو باقي سڀ مون سميت سنڌ يونيورسٽيءَ روانا ٿياسين. اهو منهنجي مشاهدي مطابق ايڏو وڏو قوم پرستن جو پهريون جلسو هو. جنهن ۾ مان به شريڪ ٿيس. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته اسٽيج تي عبدالواحد آريسر، حفيظ قريشي ۽ ٻيا به ڪيترا اڳواڻ موجود هئا پر اهي اڳواڻ ٻئي چٽا مون کي ياد آهن. تقرير جو وقت آيو هر طرف قومي نعرن جي گونج هئي. ان وقت انهن نعرن جي جوش ڀريي انداز مان ايئن محسوس ٿي رهيو هو ته بس اجهو آزادي ملي! سن جي سيد جي رهبريءَ ۾ ان جلسي کي ٻڌندو رهيس ۽ دل ۾ حسرت ڪندو رهيس ته ڪاش آئون به ايئن ليڊر هجان ها ڪاش آءٌ به پڙهندو هجان ها!!! اهڙي قسم جا خيال ۽ سنڌ بابت جيڪي مقررن تقريرون ڪيون انهن منهنجي زندگيءَ ۾ هڪ نئون موڙ آندو ۽ ڪجهه ڪرڻ جي جذبي سان سرشار ٿي سوچيندو رهيس! ڄامشوري جي هوائن ۾ پهريون دفعو سنڌ جي مادر علميءَ ۾ قدرم رکڻ مهل اندر جي ڪيفيت عجيب ۽ خوشگوار پئي محسوس ٿي. آخر جلسو ختم ٿيو قافلا پنهنجي پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿيا. ۽ نعرا هڻندا، رڙهندا ۽ ماڻهو هلندا رهيا. اسين به اتان ڪنهن بس ۾ چڙهي مارڪيٽ حيدرآباد ۾ اچي لٿاسين سڄو وقت سفر وارو جيڪو يونيورسٽيءَ کان حيدرآباد تائين جو اڌ مني ڪلاڪ جو هئو دوست پاڻ ۾ بحث مباحثو ڪندا هليا سنڌ جي ان وقت جي جديد سوچ رکندڙ اڳواڻن؛ عبدالواحد آريسر ۽ حفيظ قريشيءَ جي تقريرن ماڻهن جي دلين تي ڪافي نقش چٽيا ۽ نئون جذبو، ولولو ڪجهه ڪرڻ جي امنگ پيدا ڪئي. مان به اهو سڀ ڪجهه ٻڌندو ۽ اندر ئي اندر ۾ ڪجهه ڪرڻ جي عزم سان سرشار ٿيندو رهيس ليڪن حالتون اهڙيون جو آءٌ اڻ پڙهيل ۽ هيءَ ته شاگردن جي جيئي سنڌ تنظيم جون سرگرميون هيون. 1973ع واري ڏهاڪي سنڌ جي قومي سياست جو سمورو بار ڪنهن سياسي پارٽيءَ تي نه هو اها ذميواري شاگردن تي عائد هئي. سنڌ جي حقن ۽ آزاديءَ جي جدوجهد جيڪا سائين جي ايم سيد جي نظريي ۽ اعليٰ ڪردار جي مالڪ جهڙي رهبر جي اڳواڻيءَ ۾ شاگردن جي تنظيم جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ڪندي هئي.
رات جو هنن دوستن جي لياقت ڪالوني واري ڪرائي تي ورتل جاءِ ۾ رهياسين. جيڪي دوست نه هليا هئا، يعني امام الدين ۽ قاضي فاروق صاحب ته انهن کي حال احوال ڏنائون مان صرف ٻڌندو ۽ سوچيندو رهيس ليڪن اها حقيقت آهي ته ان پهرين جلسي منهنجي زندگيءَ ۾ وڏو ڦيرو ۽ انقلاب آندو ان وقت منهنجي عمر 17 سال هئي ۽ چوندا آهن ته ڪچي ذهن تي ڪا سوچ ۽ فڪر جلد پنهنجي جاءِ ٺاهي ٿي وڃي ته پوءِ ماڻهو ان فڪر جو پيروڪار ٿيو وڃي ۽ ان لاءِ هو هر قسم جو ڪم ڪندو آهي ايتري قدر جو ماڻهو پنهنجي جان به ڏئي ڇڏين. جيئن هاڻي هن ملڪ ۾ مذهبي انتهاپسندي ايتري ئي عمر جي نوجوانن تي ڪم ڪري انهن جي ذهنن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪري جيڪو حڪم ڏيندا آهن انهن جا نوجوان پيروڪار ايئن ڪندا آهن ايتري قدر جو بم پنهنجي جسم سان ٻڌي هڪ آسري خاطر ته مرنداسين ته شهيد ٿينداسين ۽ سڌو جنت ۾ وينداسين. ٻئي طرف سچ ۽ حق جون تحريڪون جيڪي آزاديءَ جي تحريڪ جو روپ اختيار ڪيو وڃن ۽ ان وقت سنڌ جي صورتحال ۾ اوهان ڏسو ته جي ايم سيد ان هلچل، سوچ ۽ فڪر جو اڪيلو اڳواڻ هوندي سنڌ کي آزاد ڪرائڻ جو فڪري درس ڏيندي ايتري قدر نوجوانن کي تيار ڪيو جو اهي به سندس هڪ حڪم تي ايئن مرڻ مارائڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيٺا هئا ليڪن هن سنڌ جي سچي سپوت هميشه عدم تشدد ۽ اهنسا جو پيغام ڏنو ۽ آزادي لاءِ به سوچ، فڪر، جدوجهد ۽ سياسي ۽ قومي شعور جو درس ڏنو ۽ سدائين عدم تشدد جو پيغام ڏيندو هئو. هن عظيم هستي ڪڏهن به پنهنجي ڪنهن ذاتي مقصد لاءِ تحريڪ يا پنهنجي ڪنهن به پوئلڳ کي تشدد لاءِ ڪونه ڀڙڪايو. پاڻ امن ۽ عدم تشدد جو ايترو ئي پيروڪار هئو جيترو گانڌي ۽ غفار خان! سندس ڪردار تي اڄ به ڪير آڱر نٿو کڻي سگهي ها سياسي اختلاف ۽ نظريي تي اختلاف ماڻهن جو حق آهي بهرحال اهي حالات انهن جو تجزيو ۽ ننڍي هوندي نوجوانيءَ جو پهريون سبق جيڪو سائينءَ جي سالگرهه ۾ ٻڌم جيڪو 1973ع انٽرنيشنل هاسٽل جي ميدان ۾ ٿيو اڄ به چٽو ياد آهي آئون ان مان Inspire ٿيس ۽ سوچڻ شروع ڪيم ۽ پوءِ ايئن حيدرآباد جي مل ۾ ڪم سان لڳي ويس ۽ پوءِ وڌيڪ سوچڻ ۽ هڪ منزل تي پهچڻ جو عزم ڪري ان ۾ پلاننگ ڪرڻ لڳس هاڻي جذبو ايترو ته پختو ٿيو جو سوچڻ لڳس ته ڪاش، اهڙي ڪنهن اسٽيج تان آئون به ڳالهايان ۽ آءٌ به هن تحريڪ جو ڪارڪن ۽ اڳواڻ ٿيان. اهي ڳالهيون جڏهن مان پنهنجي انهن دوستن سان ڪندو هئس ته اهي سڀ کلندا هئا. ليڪن مون همٿ ڪونه هاري ۽ پنهنجي ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد جي شروعات ڪيم.