آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

ويساهه گهاتي ٿيندي ته رڙ ته ڪبي نه!

جنهن جي لاءِ به لکيو اٿس رڳو اهي ولي ۽ بزرگ ڪري تاريخ ۾ پيش ڪيا ويا آهن. ۽ ڪافي ڳالهيون جيڪي تاريخ ۾ درست ٿيڻ گهرجن جو اڄ کان سوين سال پوءِ ايندڙ نسل انهن شخصيتن جي هڪ پهلوءَ جا حوال ڏيندا رهن ٻي طرف جي خبر ئي نه هجين اها سنڌ سان، سيوهڻ سان ۽ تاريخ سان ناانصافي ٿيندي! اگر تاريخ لکجي رڳو ان ڪري ته واه واه ٿئي تعريف ٿئي ۽ ڪير ڪاوڙ نه ڪري ته پوءِ اهڙي ڦٽل تاريخ لکڻ جو ڪهڙو فائدو؟! باقي جي ڪنهن عيوضي لاءِ ايڏي محنت ڪرڻي آهي ته پوءِ ٺهيو!
قاضي حسن صاحب جي فارم ڀرڻ کان پوءِ آءٌ ان وٽ ويس ته سائين اوهان کي هيءُ شوق ڪيئن ٿيو آهي؟ ٻه گروپ بيٺا آهن، اوهان اڪيلا بنا پينل جي ڇو ٿا منهنجا 2 چار ووٽ خراب ڪيو! قاضي صاحب چيو سڀني کان وڌيڪ مان ووٽ کڻندس. چيو مانس پوءِ ته پينل هجي ها. چيائين نه آءٌ اڪيلو بيهندس. مون چيو مون سان گڏ بيهه. چيائين جيئي سنڌ جي پليٽ فارم تي ڪير ٿو بيهي-اسان اڃا ايترا قوم پرست نه آهيون! ته پوءِ سپاف وارن سان وڃي مل. ان کان به انڪار ڪيائين. پوءِ مون کيس عرض ڪيو ته قبلا! ووٽ ڪونه ملندئي. اوهان جو شهر ۾ مقام آهي. هن اليڪشن کان پوءِ اوهان کي شڪست ٿيندي جيڪا يقيني آهي. شهر ۾ پاڻ تي خواه مخواه ماڻهو کلائيندؤ. اوهان جو ته خير آهي ليڪن پنهنجي خاندان جي باري ۾ سوچيو. مون کي چيائين آئون ته ان ڪري بيٺو آهيان، جو توکي ڪيرائڻو آهي. هڪ طرف سپاف هڪ طرف مان.! مون چيو اهو ته وقت ٻڌائيندو. ڪيو خدا جو اهڙو ٿيو جو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پاڻ ئي وڃي قاضي محمد حسن صاحب عرف ”بلي“ جنرل سيڪريٽري جي اليڪشن تان هٿ کڻي ويو. پوءِ مليو ۽ چيائين اهو مون توتي ٿورو ڪيو آهي. مون توکي ئي تنگ ڪرڻ لاءِ فارم ڀريو هئو. وري تو منٿ اچي ڪئي هئي. سو مون کي تنهنجو خيال آيو ۽ مان هٿ ته کنيو، پر ووٽ به توکي ڏيندس. مون سندس شڪريو ادا ڪيو ۽ اڄ به جڏهن ملندو آهي، چوندو آهي ته مان هٿ نه کڻان ها ته تون ڪري پوين هان. مان به چوندو آهيانس بلڪل ايئن ئي آهي. هاڻي ڪراچيءَ ۾ سندس والد صاحب جيڪو حڪمت ۽ دواخانو هلائيندو هو، اهو پاڻ سنڀاليندو آهي. پيءُ وانگر وڏي ڏاڙهي، نمازي ۽ پرهيزگار ماڻهو آهي. خدمت جو جذبو ۽ ان سان گڏ دنياداري به اٿس. اڃا تائين ملندو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن اهي ئي ننڍي هوندي وارا ڀوڳ چرچا ڪندي چوندو آهي ته وڏو حڪيم آهيان. جي ڪنهن ”خاص نسخو“ گهرجئي ته گارنٽيءَ سان ڏيانءِ-ٺهيل ٺڪيل! مان سدائين سندس شڪريو ادا ڪري چوندو آهيانس ته جي ضرورت پئي ته اچي حاضر ٿبو!