آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

ورڪرن جي تربيت جو انداز

هڪ دفعي منجهند جي وقت ماني لڳي 10-12 شاگرد ليڊر ۽ ڪارڪن هجن ماني سڀني ڍؤ ڪري کاڌي ان کان پوءِ انڊن مان تيار ٿيل پُڊنگ آئي سڀني حسب ذائقه کنئي پر هڪڙي ساٿي-جيڪو ڀنگ جو به شوقين هوندو هئو سو ان پليٽ ۾ تمام گهڻي وڌي ته سائين چيس ته، ابا ايتري کائي سگهندين؟ هن ٻڌو الائي نه اڃا به ٻه چمچا پليٽ ۾ وڌائين ۽ پليٽ ۾ تقريبن اڌ ڪلو جيتري پڊنگ پئجي ويئي هاڻي سائين به سڀني تان توجهه هٽائي هن تي مرڪوز ڪيو هن کائڻ شروع ڪيو اڃا ٻه ٽي چمچا ڀري کاڌا هوندائين ته هن محسوس ڪيو ته وڌيڪ ڪونه کائي سگهندس سائين هن مان نظر نه پيو ڪڍي هن به محسوس ڪيو ته سائين مونکي ڏسي پيو. وري زور ڪري 2 ننڍا چمچا ڀري وات ۾ وڌائين پر ايترو مٺو هلي ڪونه پيو سگهيس. کائيندو به وڃي ۽ ڳيت به ڪانه پئي اچيس. نيٺ سائين چيس ته بس نه ٿو کائي سگهين ته ڇڏيس هرو ڀرو زور ڏيئي کائيندين ته بيمار ٿيندين پوءِ ٿورو کلي چيائين ته ايتري هٻڇ نه ڪجي. جيتري ضرورت هجي اوترو کڻجي، ضرورت پوي ته وري کڻجي ان ۾ ڪو حرج ڪونه آهي.