آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

پهرين ملاقات

سائين جي ايم سيد سان منهنجي پهرين ملاقات 1974ع ڌاران ٿي. ان وقت اڃا آئون حيدرآباد جي ڪاف ڪاٽ مل ۾ مزدوري ڪندو هئس. هڪ دفعو بشير اوٺي سان گڏجي سن وڃڻ ٿيو. سن وڃڻ کان اڳ ۾ 1973ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جيڪو جلسو ٿيو هو، جنهن ۾ جوش ۽ جذبن سان سرشار هڪ خيال دل ۾ جاڳيو ته؛ ڪاش! آئون به هن ڌرتيءَ جي لاءِ ڪجهه ڪري سگهان. ليڪن ان لاءِ ارمان ته هڪ ته تعليم ڪانهي ۽ خواهش ته گهٽ ۾ گهٽ پليٽ فارم به سنڌ يونيورسٽيءَ جهڙو هجي! اتان اهي جذبا کڻي ذهن ۾ سانڍي هاڻي اها سڪ جاڳي ته هن تحريڪ جي باني جي ايم سيد سان ڪيئن ملاقات ڪجي؟ سو دوست بشير اوٺي سان اهڙي خواهش جو اظهار ڪيم، جنهن چيو ته جي ايم سيد گرفتار آهي. گهر ۾ نظر بند آهي. سندس پهري تي پوليس،C.I.D ۽ ڳجها ادارا اڀا ٿيا بيٺا آهن. اهي وري هر ايندڙ ويندڙ جي رپورٽ به ڪندا آهن. اگر هلڻ چاهين ته ڀلي هل. پر اهي خطرا سو، اٿئي! سندس خيال هئو ته اهي ڳالهيون ٻڌي محمد خان يا ته ٽري ويندو يا ڊڄي ويندو. بهرحال مون هڪ مقصد ۽ سوچ کي پاليو هيو. سو هاڻي اهڙين شين کي ڪير ٿو ٻڌي؟ سو بسم الله ڪري روانا ٿياسين. رستي ۾ سوين خيال ۽ تصور ته الائي ڪيئن هوندو، ڪهڙو رويو هوندس، ملندو الائي نه، جي ملندو ته الائي ڪهڙا سوال ڪندو ۽ ان سان ڪيئن ڳالهائبو جواب ڪهڙا ڏيندو... سوين اڌما، سوين وسوسا ۽ عشق جا جذبا کڻي اچي نيٺ مين چوڪ انڊس هاءِ وي تي لهي ٽانگي ۾ ويهي سن شهر پهتاسين. ٽانگي واري ٽانگي اسٽينڊ تي لاٿو، اتان پوءِ سن شهر ڏانهن وڌياسين. جتي بنگلي جي اڳيان سائينءَ جي بيٺڪ هئي. سن پهچندي سج لهي ويو هئو. اونده ٿي ويئي هئي. آئون سمجهان ٿو سن ۾ لائٽ ڪونه هئي. بنگلي جي نوڪرن ويهاريو. رات جي وقت هيٺ گلم وڇايل هئو. وڏو کليل ميدان هيو. ان ۾ ان وقت ٻه ٽي موٽرون ڪنڊ کان بيٺل، هڪ چوڪيدار-جنهن کي بندوق هجي ڪو پوليس وارو ڊيوٽيءَ تي يا سائين تي پهرو ڏيندي نظر ڪونه آيو. البته اهو چوڪيدار سول ڊريس ۾ پوليس وارو هجي ته هجي! اسين به ان گلم تي ويٺاسين ته هڪ ماڻهو آيو. عمر جو پڪو، شڪل ۾، فوٽن ۾ جيئن جي ايم سيد کي ڏٺو هجي، هوبهو اهڙي طرح-البته قد ۾ ڊگهو ۽ بت ۾ ڀريل هجي! پر اتان جتان اسين داخل ٿياسين. منهنجو پهريون دفعو هئو اها مون کي خبر ڪونه هئي ته حاويليءَ مان اوطاق ڏانهن به ڪو رستو آهي يا اسان جنهن دروازي کان آياسين سائين ان پاسي کان ايندو؟ مون ڀر ۾ ويٺل بشير اوٺي کان پڇيو ته هيءُ آهي ڇا سائين؟ چيائين نه، ان جهڙو لڳندو آهي. هيءُ حڪيم محمد صالح ڪانڌڙو آهي. سائينءَ جي ويجهن ماڻهن مان آهي. هر روز سائينءَ وٽ رات جو ڪچهريءَ تي ايندو آهي. رات جو-مطلب سانجهيءَ ٽاڻي ٻهراڙيءَ ۾ رات ئي ٿي ويندي آهي. جنهن شهر ۾ لائٽ نه هجي اتي ته سانجهيءَ ويلي اڌ رات لڳندي آهي. بهرحال ان سان دعا سلام ٿي. اهو به اسان جي ڀر ۾ اچي ويهي رهيو. مان بنگلي جو جائزو وٺندو رهيس. پراڻي قسم جو هڪ وڏو هال ٺهيل هجي ۽ مٿي به چڱو خاصو نظر پئي آيو. باقي چئني طرفن کان جايون هيون، اسان جتي ويٺا هئاسين. ان جي ڏکڻ ۾ هال اوڀر ۾ ڪچيون جايون، اتر ۾ سائين جن جي حويلي، اولهه ۾گاڏين جي گيريج ٺهيل هئي. وچ ۾ وڏو ميدان هئو. ڪانڌڙي صاحب جي اچڻ جي ڪجهه دير ۾ سائين جي ايم سيد حاويلي واري پاسي کان ڏيڍيءَ مان نمودار ٿيو. هڪ هٿ ۾ ٽارچ هجيس. ٽارچ جي پاڇولي جي مدد سان اسان واري پاسي وڌندو رهيو. وچولو قد، بت ۾ هلڪو ۽ جسماني طور ڪمزورڙو! ڏسڻ سان دل ۾ خيال آيو ته واقعي ”مڙسن جا قد نه ماپبا آهن.“ اسان جي نظر جيئن سائينءَ تي پئي ته احتراماً اٿي بيٺاسين. اچڻ شرط السلام عليڪم ڪيائين. اسان جواب وعليڪم السلام چئي ساڻس نوڙي ملياسين. پوءِ ويٺاسين. ٽارچ جي روشني منهن ۾ هنيائين. تعارف ٿيو مون سان گڏ آيل همراهه کي سڃاڻندو هئو. مون سان سندس نئون تعارف ٿيو. خوش خير عافيت ٿي. پوءِ ڳالهين جو سلسلو هليو ته سائين جي ايم سيد پڇيو بابا احوال ڏيو، ڪيئن اچڻ ٿيو؟ ڪو ڪم ڪار آهي، ته ٻڌايو. اسان مان بشير اوٺي چيو ته سائين حال احوال خير جا، اوهان جي سڪ لڳي سو سلام ڪرڻ آياسين. هي همراهه نئون ٿو نظر اچي. سائينءَ جي نگاهه ڪمال جي هوندي هئي ۽ يادگيري به واهه جي. پوءِ عمر جي حساب سان کڻي گهٽ ٿي هجي نه ته ياداشت ۽ پراڻن ماڻهن ۽ واقعن جي ترتيبوار يادگيري هوندي هئس. بشير اوٺي چيو ته دوست سيوهڻ جو آهي، نالو محمد خان ابڙو اٿس. سائينءَ پڇيو ته ابا ڇا ۾ پڙهندو آهين؟ مون عرض ڪندي وراڻيو ته سائين دعا ڪيو ته ڪٿي ڪجهه پڙهي پوان. في الحال حيدرآباد جي هڪ مل ۾ مزدوري ڪندو آهيان! ڪارخانن ۾ ته رڳو پنجابين جو قبضو آهي. توکي ڪيئن رکيائون؟ سائينءَ پڇيو! مون چيو سائين، بس مڙئي جڳاڙ ٿي ويو. سائينءَ پڇيو پگهار گهڻي ٿئي؟ مون چيو، سائين في الحال 168 روپيه ملن ٿا. اڃا نئون آهيان. شايد اڳتي وڌائي ڏين. پوءِ سيوهڻ جي ڪافي ماڻهن جا نالا کنيائين. گل محمد شاهه؟ مون چيو سائين فوت ٿي ويو آهي. چيائين خبر آهي. ڀلا سندس پٽ مراد شاهه ڀلا اڃا عشق ڪري پيو يا ڇڏي ويو؟ مون چيو سائين خبر نه آهي! چيائين لاهور جي ڪنهن ناچڻي سان ٻڌو اٿم ته عشق پيو ڪري؟! بشير چيو ”ها سائين اسان به ٻڌو آهي.“ پوءِ سائينءَ ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو ته؛ گل محمد شاهه تمام وڏي شخصيت جو مالڪ هئو. سندن اولاد خبر نه آهي، ڇا پيو ڪري؟ مون چيو سائين، الله سائين ساڃهه ڏيندن. پوءِ ٻين ڪيترن سيدن، پيرن، فقيرن جا نالا ۽ انهن جي مڪمل معلومات هئس جيڪا ٻڌائيندو رهيو. جن ۾ صادق علي شاهه، عزت علي شاهه، پير بخش شاهه، باجارن جي سيدن جا نالا جن ۾ بقادار شاهه، باقر شاهه، آراضيءَ جي جئندل شاهه، ڪوڙل شاهه، سيوهڻ جو ڪوفي-لاصوفي؛ خادم سومرو! ۽ فقير نوراحمد سهتو مطلب ته انهن سڀني جا جڏهن نالا کنيائين ۽ ڪيترن جا ڪي قصا به ٻڌايائين ته ايئن لڳو ته هيءُ سيوهڻ جو آهي يا سيوهڻ جي سڀني هلندڙ ڦرندڙ ماڻهن سان واسطو هئس. پوءِ خبر پئي ته سائينءَ جي اليڪشن جو اهو ئي تڪ هئو. جيڪو ٿاڻي بولا خان ڪوٽڙيءَ کان سيوهڻ تائين هوندو هئو. سو مون سوچيو ته پوءِ اهي ماڻهو ڪيئن ڪونه سڃاڻندو هوندو! سائين به ساڳي گلم تي اسان جي سامهون هڪ ننڍي پٿراڻي وڇايل هجي ته جيئن زمين جي سختيءَ سبب پٽ تي ويهڻ ۾ تڪليف نه ٿئي. باقي سائينءَ جي لاءِ ڪو اسپيشل بسترو يا چادر وڇايل ڪونه هئي. جيئن مهمان ويٺل هئا ايئن ئي پاڻ ويٺو رهيو. ڪافي دير اونداهي ۾ ڪچهري ٿيندي رهي. ڪو ماڻهو اندر داخل ٿيندو يا ڪو نوڪر ايندو ته ٽارچ کڻي سندس منهن ڏانهن هڻي پڇا ڪندو هئو، ته ڪير؟ پوءِ جواب ملندس. وري ٽارچ وسائي ڀر ۾ رکي ڇڏيندو هئو. ان ڏينهن ايتري ڪچهري ٿي البت ڪجهه مزيد احوال ۽ ڪچهري ڪانڌڙي صاحب سان ڪيائين. هن به ڪيترن ئي موضوعن تي پئي ڳالهايو. نوڪرن کي چيائين ته ابا مهمانن جا بسترا لڳايو. کٽن تي بسترن جو انتظام ٿيو. سندس لاءِ ڪٽليءَ ۾ چانهن ۽ بسڪوٽ آيا. اسان لاءِ شروع ۾ چانهن اچي ويئي. پوءِ ماني لڳي. سائينءَ ماني ڪونه کاڌي. اسان محسوس ڪيو ته هيءُ شايد اسان سان ماني ڪونه ٿو کائي، الڳ ايندس. ليڪن سندس لاءِ الڳ ماني ڪونه آئي. ماني کائي بس ڪئيسين ته نوڪرن کي چيائين صبح جو ناشتو به ڏجون ۽ اسان کان پڇيائين ته جي هتي هوندؤ ته ڏهين يارهين تائين مان به اچي ويندس. اسان چيو ته نه سائين اسين ناشتو ڪري واپس هليا وينداسين. ۽ سائين، اسان کان موڪلائي گهر هليو ويو. آءٌ ڏاڍو خوش ٿيس ته پهرين ملاقات ۾ ايتري تفصيلي ڪچهري به نصيب ٿي، ڇو ته ان ڏينهن ٻيو ڪو مهمان ڪونه هئو. بس هڪ ڪانڌڙو صاحب هئو. مون بشير کان پڇيو سائينءَ ماني ڪونه کاڌي؟ چيائين ماني به گڏ کائيندو آهي، ليڪن رات جو سندس ماني اها هئي چانهه بسڪوٽ. باقي منجهند جي ماني ٺيڪ ٺاڪ کائيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ناشتو به ڪندو آهي، اسان سائينءَ جي وڃڻ کانپوءِ سمهي پياسين ۽ صبح جو ناشتو ڪري پنهنجي ماڳ ڏانهن روانا ٿي وياسين. اهو هو سائينءَ سان پهرين ملاقات جو احوال.