آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

غلام حسين شاهه آراضيءَ واري سان جهيڙو

سيد غلام حسين شاهه ولد جئندل شاهه آراضيءَ واريءَ جو ٿورو گهڻو ان وقت چورن ۽ لوفرن سان به سهڪار هوندو هئو. ٿيو ايئن جو جيئن ئي اسين سيوهڻ واري جاءِ ۾ ويٺاسين ته اتي سائين مراد شاهه اسان کي اٿارڻ چاهيو مگر نه اٿاري سگهيو. پوءِ ڪجهه وقت بعد هڪ مهاجر ڪليم جا ڪاغذ کڻي آيو. اسان جي گهر جي ڀرسان ان ڪليمينٽ جو ٻيو به گهر هئو. جيڪو اسان جي گهر سان ڀت ڀت ۾ هو. گهرن جو نقشو عاليشان هئو، ان وقت هڪ گهر ئي ٺهرايو هوندن ۽ وچ ۾ ٻه دروازا ڪري الڳ الڳ پورشن ڪيا هوندائون ان جي چئن طرفن کان رستا هئا ڏکڻ کان وڏو رستو جنهن طرف هينئر ٻگهيا (لوڙهائي) ٿا رهن. انهن مان هڪ ڄڻي نياز لوڙهائيءَ جي اٽي جي چڪي به آهي. ۽ اهو رستو سيد غلام علي شاهه جي حويليءَ کان ٿيندو درگاهه جي اڳيان پارڪ کان نڪرندو شاهي بازار ڏانهن وڃي ٿو. ٻيو رستو اوڀر کان جتي ڪنهن زماني ۾ فقيرن جي هڪ ڪافي (جتي محب فقير ان وقت گڏهن ذريعي پئسن تي پاڻي ڀري پهچائيندو هئو) هوندي هئي. ٽيون رستو جنهن وٽ چين مل واڻيو ۽ هڪ مهاجر رهندو هو. جنهن وري اها جاءِ عبدالمجيد بڙديءَ کي ڏني. ۽ چوٿين طرف نوابشاهه جي رندن جڳهه ورتي هئي. ان سان گڏ سليمان اوٺو اچي رهيو. اها ته پهريان شاڪر مهاجر جي هئي. جيڪو شهر ۾ گرمين دوران ڪلفيون وڪڻندو هئو اهي پاڻ ۾ ٽي ڀائر هئا ذاڪر، شاڪر ٽيون نالو وسريم ٿو. انهن وري اها جاءِ حاجي سليمان اوٺو جيڪو مختيار ڪار آفيس ۾ ڪلرڪ ۽ پوءِ مختيار ڪار ٿي رٽائر ٿيو ان ورتي مطلب ته چئن طرفن کان رستا ۽ گهٽيون کليل هوندا هئا. ليڪن هڪ ڪچين سرن جو ٺهيل گهر جنهن جي هر ديوار جي ويڪر ٽي فٽ ۽ مٿان ٽيئر گاڊر ۽ زمين اندران500 وال ٿيندي.
سو ڪليمينٽ آيو ته هن اچي ڊمانڊ ڪئي 8000 في گهر ٻنهي گهرن جا 16 هزار روپيه! اسان وٽ ان وقت ايترا پئسا ڪونه هئا اها 70 عيسوي سن جي ڳالهه آهي. بابا شهر جي ڪنهن وڏي ماڻهو وٽ ويندو هو نه ئي انهن جي حاضري ڀريندو هئو. نه انهن جي ڪا ناجائز ڳالهه مڃيندو هئو ان ڪري هر ماڻهو پيو دل ئي دل ۾ سڙندو هو ۽ ڀُرندو هئو. کيس پنهنجو پراڻو مهربان دوست ياد آيو. اهو هئو؛ سائين جئندل شاهه! ان کي چيائين ته ٻه جايون آهن هڪ ۾ مان ۽ ٻئي ۾ نبن سونارو ٿو رهي. ڪليمينٽ جي ڪاغذ ۾ هڪ جاءِ آهي پر هينئر ان جا ٻه حصا آهن اوهان مهرباني ڪري منهنجي مدد ڪيو ته آئون پوءِ اهو قرض اوهان کي واپس ڪندس.
سائين جئندل شاهه چيو اهي پئسا آهن ته گهڻا ليڪن مان ڪجهه سوچيان تون ايئن ڪر هفتي کانپوءِ جو وقت ڏي ڪليمينٽ کي ته آئون انتظام ڪري ٿو وٺان.
ائين هفتي کان پوءِ بابا جڏهن سائين جئندل شاهه صاحب ڏانهن آراضيءَ ويو ته هن ملاقات ڪندي ٻڌايس ته 2 جايون آهن. هڪ ۾ تون ويٺو آهين ۽ ٻئي ۾ نبن سونارو ٿو رهي. سو اسين ٻنهي جاين جا پئسا ڀريون ٿا هڪ ۾ توهان ويٺا رهو. جيستائين تو وٽ پئسا ٿين، جڏهن پئسن جو انتظام ٿئي ته تو وارو اڌ توکي لکي ڏينداسين. ڇاڪاڻ ته جاءِ ٻه پورشن هئي. ليڪن ڪاغذن ۾ داخلا هڪ گهر جي ٿيل آهي. پوءِ بابا کي جئندل شاهه صاحب چيو ته منهنجو وڏي پٽ غلام حسين شاهه سان صلاح مشورو ٿيو آهي 16000 هزار هاڻي ڏيانس ٿو. توهان ڪليمينٽ واري همراهه کي وٺي اچو ته لک پڙهه ڪيون ۽ ايئن ڪليمينٽ واري کي 16000 هزار مليا ۽ هو ڪليمينٽ جا ڪاغذ ۽ ايگريمنٽ ڪري جڳهه جا ڪاغذ غلام حسين شاهه جي نالي ٿي ويا.