هڪ نئين مصيبت
هوڏانهن وري اها به خبر پئي ته مائي شادي ڪرڻ لاءِ راضي نه هجي. قصو ته خبر نه آهي ڇا هجي هاڻي وري سالي ۽ ڀيڻوي جا جهيڙا،هڪ دفعي ڪجهه مهينن کان پوءِ وري عنايت الله سومرو بابا ۽ ادا سان ملڻ آيو ۽ ٻڌايائين ته مان ڏاڍو تنگ ٿي پيو آهيان توهان ته وٺڻ لاءِ تيار ٿيا آهيو. هاڻي ڇوڪري راضي ڪونه ٿي ٿئي. بس هاڻي مان ته ڌڪ هڻي ڇوڪريءَ کي ٿو ماريان يا مان پاڻ خودڪشي ڪندس. پٺيان وڃي پاڻ ڄاڻن! ادا کيس چيو ڇوڪريءَ کي هيستائين وٺي اچو ته ڪو حيلو بهانو ڪري ڀيڻ کي به وٺي اچ هتي اسين نڪاح خوان گهرائي زبردستي ٿا نڪاح وجهون پوءِ تون آجو آهين. توهان ڀلي هليا وڃجو اسين ڄاڻون ته اسان جو ڪم! ڀلي جنهن کي زور لڳائڻو آهي لڳائي. هن پروگرام ترتيب ڏنو ۽ ٽائيم ۽ وقت مقرر ڪري هليو ويو. بابا وارن شهر مان منهنجي لاءِ ڪپڙا، بوٽ وغيره وٺي تياري ڪري ڇڏي! پٺيان ڳوٺ ۾ امان ۽ اديون يا ٻين ڀائرن کي ڪابه خبر نه هجي بس نڪاح ڪرڻو آهي اهو به زور ۽ زبردستيءَ سان. اهي سڀ معاملا طي ٿيا ته پوءِ ڪريم بخش، بابا ۽ ادا کي چيو ته هيءُ معصوم ان بلا کي ڪيئن منهن ڏيندو؟ جيڪا طلاق يافته به هجي ۽ وري نڪاح لاءِ راضي به نه آهي، سو اوهان ته هن سان نسورو ظلم ٿا ڪريو. ڏسو ڪونه ٿا شڪل ئي وسامي ويئي اٿس. هروڀرو اوهان کي ضد آهي ته پوءِ ...! ايئن چئي وري رڪجي ويو ۽ مون کي مخاطب ٿي چيائين بابا ۽ ادا ته اهڙا رشتا ڳولي شوق سان پيا ڪندا آهن هيءُ مائي توکي ٿا وٺي ڏين جو مون انڪار ڪيو هئو هاڻي تون ٻڌاءِ جي شوق اٿئي ته ٺيڪ آهي نه ته آءٌ ٿو قرباني ڏيان توکي ان آڙاهه ۾ ڪونه ٿو وجهان هنن جو ضد آهي ته پوءِ آءٌ پاڻ ٿو ان مائي کي منهن ڏيان ۽ سنڀاليان.
ڪريم بخش جي ايئن چوڻ سان منهنجو وساميل چهرو وري نين اميدن سان ٻري پيو. منهنجو من مهڪي پيو ۽ مون يڪدم ڀاءُ جا ٿورا مڃيا. هيءُ ڪم هونئن به منهنجي وس جو ڪونه هئو. ٻيو ته آءٌ ڪنهن منزل جي تلاش ۾ ڏينهن رات محنت پيو ڪيان.