آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

سيوهڻ ۾ محرم جون تقريبات

سيوهڻ جي ننڍپڻ جي جن دوستن سان وقت گذريو، انهن مان سيد منور علي شاهه ولد سيد موٽيل شاهه به هڪ آهي. هن سان اڪثر محرم مهيني جي موقعي تي امامن جي ياد ۾ تابوت ۽ سيجون ٺاهي پيا پاڙن جي مختلف گهٽين ۾ ماتم ڪندا هئاسين. ان ۾ شاهنواز علوي ولد حسين بخش علوي ۽ ٻيا ڪيترا ننڍا وڏا ڇوڪرا اچي گڏ ٿيندا هئا. جيئن ته آئون شيعو نه هئس ،پر اهڙين تقريبن ۾ خوشيءَ سان وڃي شريڪ ٿيندا هئاسين. وري ماتم ڪرڻ ۽ مرثين پڙهڻ، ان کان پوءِ جيئن محرم جون تقريبات شروع ٿينديون هيون انهن ۾ شوق سان شريڪ ٿيندا هئاسين. مطلب ته محرم ۾ مولائي ۽ سندن وڏا پِٽڻ ۽ افسوس جي ڪيفيت ۾ نظر ايندا هئا. اسين وري ان کي تفريح ڪري وٺندا هئاسين. وڏن جي مجلس ۾ ويندا هئاسين. مجلس جي معنيٰ آهي ته ڪنهن امام بارگاهه يا ڪنهن پڙ واري جاءِ تي شيعن جو عالم اچي تقرير ڪري ۽ ماڻهو گڏجي ان کي ٻڌندا، روئندا ۽ سينه زني ڪندا هئا. خبر ته ڪونه هوندي هئي ته ذاڪر چوي ڇا ٿو تڏهن به اسين به پيا روئندا ۽ سينه زني ڪندا هئاسين. پر جيئن سمجهه وارو ٿيس ۽ وڏو ٿيس ۽ هر سال ان تسلسل کي ورجائيندي مسلسل انهن جي مجلسن ۾ ويهندي مون سميت سڀني کي انتظار صرف ان ڳالهه جو هوندو هئو ته ڪنهن مهل ٿو ذاڪر مصائب پڙهي ۽ پوءِ نياز - جيڪو امامن جي صدقي ۾ سرنديءَ وارا مولائي ڪندا هئا. سو کائون! ان خيرات ۾ ڪٿي ڪٿي ته ويهاري کارائيندا هئا ته ڪٿي ڪٿي ته ماڻهو ان خيرات جي ديڳين تي پيا لامارا ڏيندا هئا، ڇاجا امام، ڇاجو روئڻ ڇاجو افسوس، رڳو اهو مقابلو هوندو هئو ته ڪير ٿو جلدي گهڻو نياز گڏ ڪري پنهنجي پنهنجي گهر کڻي وڃي. ان جو سبب اهو به هئو ته سنڌ سدائين غريب پرور ته رهي آهي ليڪن ڌارين ۽ مختلف قومن جي يلغار سبب اسان جي اقتصادي ۽ معاشي حالت بد کان بدتر رهي آهي. ماڻهو ڪم علمي، جهالت، بک ۽ بيروزگاريءَ جي ڪري پنڻ ۽ خيرات وٺڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي.
سيوهڻ شهر ۾ سيدن جو وڏو تعداد اهل تشيُّع سان تعلق رکي ٿو. ان ڪري محرم ۾ ٿيندڙ سڀني تقريبات جو انتظام به گهڻو ڪري سيدن جي حوالي هوندو آهي.
سيد ولي محمد شاهه کانپوءِ سندس پٽ سيد گل محمد شاهه جيڪو اسان ڏٺو. پوءِ سندس اولاد محمد مراد شاه، سيد حاجن شاهه ۽ الله بخش لڪياري وارا اها رسم نڀائندا پيا اچن. باقي ته پٺين ٽنهي ڀائرن گل محمد شاهه ۽ ولي محمد شاهه جيڪو نالو روشن ڪيو آهي، اهو شهر جي ماڻهن کان ڳجهو ڪونه آهي. اهو ذڪر اڳتي ايندو في الحال محرم جي حوالي سان اهي سيد ۽ ٻئي طرف سبزواري سيد جيڪي وريل شاهه ان کانپوءِ سندس پٽ سيد صادق علي شاهه اسان جي وقت ۾ سندس ڀائرن ۾ حاجن شاهه (فتح علي شاهه) مظفر علي شاهه ،۽ ارشاد علي شاهه ٻئي ننڍا سرڪاري ڪامورا هئا. سي ان قسم جي تقريبات ۾ نظر ايندا هئا. سبزواري سيدن جي اڳواڻيءَ ۾ سيد موٽيل شاهه سندس پٽ عزت علي شاهه ۽ هاڻي سندس ڀائر ۽ پٽ ڪجهه رسمن ۾ شريڪ هوندا آهن.
انهن سيدن وٽ پنهنجون امام بارگاهون آهن. امام بارگاهه وڏن شهرن ۾ ڏٺيونسين. جت تشيُّع جي عقيدي وارا، امامن جي روزن جي شبيهه ۽ امامن سان مشابهه شيون رکي اتي اچي خيرات ۽ ماتم ڪندا آهن. اهي سڄو سال کليل هوندا آهن. ليڪن اسان جي شهر جون ٻه امام بارگاهون، هڪ سبزواري سيدن جي پاڙي ۾ (جنهن کي شير علي شاهه سبزواري جيڪو شيرڻي شاهه جي نالي سان مشهور هئو) اهو سنڀاليندو هئو. پر اها امام بارگاهه صرف محرم جي عاشوري واري عشري ۾ آباد هوندي هئي. ان کان پوءِ سبزواري سيدجو گهوڙو اتي ٻڌو پيو هوندو هئو. جنهن لاءِ چوندا هئا ته هي امامن جي نالي سان منسوب ڪيل گهوڙو آهي. جنهن کي ذوالجناح به چوندا آهن. ۽ هر سال محرم جي 7 تاريخ تي ان جي مٿان ڪلنگيون، پَڙ ۽ گل گلاب جا هڻي سينگاري ان کي ان امام بارگاهه مان جلوس جي شڪل ۾ پهرين قلندر شهباز جي مزار ۽ پوءِ پير پوٽن جي پڙ تي گهمائي اچي اختتام پذير ڪندا هئا .جتي سبزواري خاندان جو بزرگ مير ڪلان جو مقبرو آهي ۽ سبزواري سيدن جو قبرستان به آهي.
ٻي امام بارگاهه مشالچين جي پاڙي ۾ آهي جنهن جي سنڀال ان وقت سائين بابو علوي ۽ ماستر قربان انصاري ڪندا هئا. اهو گهوڙو 8 تاريخ تي نڪرندو هئو. پهرين جلوس جي صورت ۾ قلندر ۽ پوءِ ڪربلا (سيوهڻ ۾ ڪربلا، مولائين پنهنجي ٺاهي ڇڏي آهي) ويندا هئا، جتي سيد ثابت علي شاهه مشهور مرثيه خوان جو مقبرو آهي ان کي ڪربلا ٿا چون.