عبدالله شاهه ۽ آکاڙي ۾ پهلواني گُر
هن سيد، مارڪيٽ جي ڀرسان سيٺ مجيد بڙدي جي هوٽل جي پاسي کان شاهي بازار ۾ هڪ آئيس ڪريم ۽ شربت جو ريڙهو لڳايو، اسان جي برف جو ڊيپو هئو، ان ڪري هن سان واسطو رهندو هو سڄو ڏينهن برف موڪليندا هئاسين. شام جو حساب ڪتاب لاءِ وڃبو هو ته ڪڏهن شربت ڪڏهن آئيس ڪريم ته ڪڏهن ڪا بوتل به پياريندو هو. مان سمجهان ٿو ان وقت ۾ سندس عمر 50-55 ورهيه هوندي. اڇي ڪاري-گاڏڙ سونهاري مٺ کان به وڏي ۽ بدن ۾ پهلوان هوندو هو. سندس شوق ۾ پهلواني به شامل هوندي هئي. پر ملهه نه (اکاڙو) ”اکاڙو سنڌي ۾ ان جاءِ کي چوندا آهن جتي پٿر جون ڪجهه ڇپون، جنهن کي ”پنڃري“ چوندا هئا. جيڪا پٿر کي گهڙي مستطيل شڪل جي ٺاهيندا هئا. ان کي ڪٽي ان ۾ هٿ وجهڻ جيترو مُٺيو ٺاهيو ويندو هو. ان جو وزن اڌ مڻ کان شروع ٿيندو هئو ۽ پنج سير ۽ ڏهه سير جي فرق سان وزن وڌندو ويندو هئو. ان آکاڙي ۾ وڏي پنڃري، پوڻن ٻن مڻن جي هوندي هئي. جيڪا شايد ئي ڪو ماڻهو کڻي سگهندو هئو. ان کان علاوه ان آکاڙي ۾ ڪڻڪ جي مشين جي پٿر جي جنڊ جا پُڙ به رکيل هوندا هئا“ ۽ ٻي شيءِ ”ويٽ لفٽ“ ”اها وري لوهي راڊ، جنهن ۾ ٻنهي پاسي کان گول پُڙ وجهندا هئا. ان ۾ هر پُڙُ وزن ۾ برابر هوندو هئو پوءِ پهلوان جيترو کڻي سگهندو هجي.“ اهو اکاڙو ان سيد عبدالله شاهه جي ڪوششن سان شروع ٿيو ۽ سندس شوق جي ڪري اهي شيون گڏ ٿيون. مارڪيٽ جي منڍ ۾ پرائمري اسڪول جي ڀرسان بندر محلي جي آخري ڪنڊ تي هڪ ميدان خالي هوندو هئو. ان جي ڀرسان مسجد هوندي هئي. شام جو لوهي سامان ان مسجد جي هجري ۾ رکبو هئو. اتي شام جي وقت تي ان پهلوانيءَ جو جوهر ڏيکاربو هئو. سيد عبدالله شاهه هر روز مون کي چوندو هو ته تون ننڍو آهين پر نوجوان به آهين. برف جو ڏکيو ڪم ڪرين ٿو مڻ جو وزن ڪلهي تي رکي شهر جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين وڃين ٿو. برف ۽ پٿر جي وزن ۾ ڌڪ ساڳيو ڏکيو آهي. تون شام جو ايندو ڪر ۽ ورزش به ٿيندي ۽ توکي تنهنجي پهلوانيءَ جي به خبر پوندي ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته هڪ سال جي اندر تون آکاڙي جو وڏو پهلوان هوندين تو کان وڌيڪ ڪير به وزن ڪونه کڻي سگهندو. ۽ آءٌ توکي ان پهلوانيءَ جا ڪجهه گر به سيکاريندس. ڇو ته طاقت ۽ زور تو ۾ آهي، باقي ٽيڪنڪ آءٌ توکي سمجهائيندس. انهن ٻنهي جي استعمال سان تون پنهنجي طاقت جي سطح کان وڌيڪ وزن کڻي سگهندين ۽ انهن پنڃرين سان راند به کيڏندينِ.
ڪافي وقت چوندو رهيو. نيٺ آءٌ ان آکاڙي جو ميمبر ٿيس ۽ واقعي ايئن ٿيو ته سال کان اڳ ۾ مان وڏن پهلوانن جي مقابلي ۾ اچي ويس ۽ پوءِ آکاڙي جو وڏو وزن کڻندڙ پهلوان ٿي ويس. آکاڙي وڃڻ کان پوءِ آءٌ صبح جو سوير هڪ ڇٽانگ مکڻ ۽ ان ۾ چئن کان پنج ڪارا مرچ ثابت، وجهي ڳهي ڇڏيندو هئس. ۽ مٿان لسيءَ جا ٻه گلاس پيئندو هئس. پوءِ سڄو ڏينهن برف جي مزدوري ۽ شام جو آکاڙو ته اهو مکڻ هضم ٿي ويندو هيو. ۽ جسم ۾ طاقت ۽ جوت پيدا ٿي پوندي هئي. پوءِ مون هڪ سال جي اندر آکاڙي ۾ رکيل سڀ پنڃريون کنيون. هڪ پنڃري مڻ ٽيهه سير هئي، ان کي وڏي ڪوشش کان پوءِ ڪلهي تي آڻي سگهيس. ڪلهو پنڃري کڻڻ مهل هڪ اسٽاپ يا اها جاءِ آهي جو هيٺان ڪنهن پنڃريءَ کي پٽيو يا کنيو ته پهرئين جهٽڪي ۾ اها پنڃري ڪلهي تائين اچي ويندي هئي. ليڪن ان جي اصل منزل ڪلهي کان مٿي جهٽڪو ڏيئي جنهن ۾ پهلوان ٻنهي ٽنگن کي ويڪرو ڪري سڄي جسم جو زور هڻي هٿ تي رکيل پنڃري ٻانهن جي طاقت سان مٿي ٽپ ڏيئي ٻانهن سڌي ڪري کڻڻي هوندي آهي. جي ٻانهن سڌي ٿي ويئي ته اهو وزن پنڃري کڻڻ ۾ ڪامياب هوندو آهي. پر جي هو اهو وزن ٻانهن سڌي ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪري پوي ۽ پويان مٿي نه کڻي سگهي ته ان وزن کي شمار نه ڪري سگهبو آهي. ڪلهي تائين پنڃري اڌ پنڌ ضرور آهي پر مٿي ٻانهن کي سڌو ڪري اهو وزن پوءِ چند سيڪنڊن لاءِ برداشت ڪرڻو پوندو آهي. پر ٻانهن تي جهلڻو پوندو آهي. ايئن مان هڪ ٻانهن تي جيڪا پنڃري مٿي تائين پهچائي سگهيس. اها هڪ مڻ پندرهن ڪلو تائين هئي باقي ڏيڍ مڻ ۽ پوڻا ٻه مڻ صرف ڪلهي تي آڻي سگهيس. پٿر جا گولا به هوندا هئا. جيڪي وڏا هوندا هئا. ۽ ننڍا به هوندا هئا ان گولي جو وزن ٻه مڻ هوندو هئو. ان کي ٻنهي هٿن سان زمين تي لوڏي کڻبو هئو. جيئن چئجي ته ڀاڪر ۾ ڪري آهستي آهستي سيني کان ٿيندو ڪلهي تي پهچائبو هئو. اهو ڏيڍ سال جي شديد محنت کانپوءِ کڻي ويس ۽ پوءِ اهو ٿڪائي به وجهندو هئو ۽ جڏهن اهو کڻبو هو ته پوءِ ٻيو زور ڪونه ڏيئي سگهبو هو.
ان کان پوءِ ويٽ لفٽنگ لوهه جي راڊن ۾ لوهي پڙن جي وزن کي ٻنهي هٿن سان کڻڻ لاءِ پهرين ان وزن کي لوهي راڊ ۾ ٻنهي هٿن سان زمين تان کڻي سيني تي جهلبو هئو. پوءِ وري جمپ ڏيئي ٻنهن ٻانهن کي مٿي سڌو ڪبو هئو. پوءِ جي ٻانهون سڌيون ٿيون ته وزن جي تور مڪمل نه ته نه! پر انهيءَ سڄي ڪم ۾ ڪجهه ٽيڪنڪ ضرور هوندي هئي. وزن کڻندي ڪٿي به پٿر ڪري سگهندو هئو جي پنڃري آهي ته اها ٽنگ ٻانهن ۽ چيلهه يا مٿي تي به سموري وزن سان ڪري سگهندي آهي پوءِ ان کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته ماڻهو جي سموري نظر ۽ توجهه ان وزن ۾ هجي پوءِ اها پنڃري هجي، ويٽ لفٽ هجي يا پٿر جو گولو هجي ان جي غير متوازن (Disbalance) ٿيڻ سان ماڻهونءَ کي ڪيئن نڪري بچڻو آهي، اها ٽيڪنڪ آهي. باقي ان پهلوانيءَ ۾ طاقت جو عنصر 80 کان 90 سيڪڙو ۽ ٽيڪنڪ 10 کان 20 سيڪڙو آهي. جيئن ملهه جي پهلوانيءَ ۽ ڪٻڊي جي پهلواني ۾ هنر ۽ ڪاريگري وڌيڪ آهي طاقت به آهي جنهن کانسواءِ هر ڪو پهلوان ڪونه ٿو ٿي سگهي. ليڪن هنر جو داءُ پيچ هڻڻ ۽ داءَ پيچ کان بچڻ جو ماهر هئڻ ضروري آهي. هن ۾ ڪاريگري ايتري ضرور گهرجي ته اوهان جي هٿن مان کڻندڙ وزن ڪري ته ان کان ڪيئن بچجي پر سائين عبدالله شاهه جو اهو چوڻ هيو ته هي زور ۽ پهلواني حضرت عليءَ جي راند آهي. هن ۾ نقصان ڪونه ٿيندو آهي الله سائين پاڻ ان مهل مدد ڪندو آهي. ۽ ماڻهو بچي ويندو آهي مون کي ياد آهي ته اسين جنهن مهل اهڙي زور آزمائي ڪندا هئاسين ته ان مهل شهر جا تقريبن 40 – 50 ماڻهو اچي ڏسندا هئا ۽ سٺي ڪرتب ڏيکارڻ تي تاڙيون وڄائي داد به ڏيندا هئا.