آيل، ڪريان ڪيئن؟!
1978ع جو سال ايترو ته ڳرو ثابت ٿيو جو هاڻي ته هڪ هڪ پل عذاب ۾ پيو گذري، ٻه ڀائر ڄامشورو اسپتال ۾ هڪ گدو اسپتال ۾ هڪ ڀاڻج ان حادثي ۾ گذاري ويو. گهر ۽ خاندان جي باقي پوئتي رهيل ماءُ ڀينرن ۽ زالن جون تڪليفون ۽ آهون ته ڪير ڏسي ۽ ٻڌي نه پيو سگهي، ته هن گهر ۾ ڪيترو ڏکن جو منظر هوندو، کين آٿت ڪير ڏيندو، سڀ جا سڀ مرد اسپتال ۾ باقي هنن جي تيمارداريءَ لاءِ، گهر ۾ صرف والد صاحب جيڪو به پوڙهو ، اهو به اسپتال ايندو هئو، وري ڏينهڪ هليو ويندو هئو، باقي 2 ڀائر ڪو ڌنڌو مزدوري ڪري گهر جو ڪار وهنوار پيا هلائيندا هئا، ان وچ ۾ اڃا هيءُ مريض اسپتال هجن، ته ادا وڏي جو ٻيو نمبر پٽ اقبال جنهن جي عمر 15-14 سال هوندي، دل ۾ تڪليف ٿي پيس ان کي جلديءَ ۾ کڻي حيدرآباد لعل بتي (ايمرجنسي) اسپتال ۾ پهچايو ويو، ان جي ٽيسٽن مان خبر پئي ته هن کي دل ۾ ڪو سوراخ آهي، ان لاءِ هن جي طبيعت ٿورو ٺيڪ ٿئي ته ڪو فيصلو ڪبو، في الحال مينيج ڪرڻو آهي، پر خدا جا پنهنجا فيصلا آهن، مون اسپتال ۾ ادا کي ٻڌايو هاڻي هيءُ ڪافي حد تائين بهتر آهي، ليڪن هلڻ کان ته اڃا لاچار آهي، ٻن ڏينهن ۾ ان جي پٽ جو انتقال ٿي ويو، الا-مان ڇا لکان؟! ڇا گهڙيون هونديون، ڇا مهل هوندي، اسان هن کي ٻڌايو، هن ايترو چيو ته مان ته هتي پاڻ بيوس هئس، جي هلڻ جي طاقت هجي ها ته هن ٻچڙي لاءِ ڀڄ ڊڪ ته ڪيان ها، پوءِ زندگي ته الله جي هٿ ۾ آهي، اهو ارمان ته نه رهي ها ته آئون ڪجهه به ڪري نه سگهيس، ايئن چوندو زارو قطار روئڻ لڳو، هوڏانهن اسپتال جو عملو ۽ مريض سدائين پيا چوندا هئا، ته الائي هنن جي قسمت ۾ ڇا آهي، ٻن ٽن مهينن ۾ ايترا وڏا حادثا ۽ واقعا، بهرحال هن جي لاش کي به ايمبولينس ۾ ڄامشورو کڻي آياسين، ادا کي ويل چيئر تي گيٽ وٽ وٺي وياسين، ٻيو نمبر ڀاءُ پنڌ ڪري آيو، هن جو آخري ديدار ڪيو پيءُ کي اهو وڏو افسوس ته؛ پٽ معاف ڪجان، مان پاڻ بيوس ۽ لاچار آهيان، آئون ته ايترو بد نصيب آهيان، جو تنهنجي لاش کي ڪلهو ته ٺهيو، تنهنجي قبر تي مٽي به نٿو وجهي سگهان، هن جي حالت خراب ٿيندي ويئي، ظاهر آهي پٽ جو موت هجي ۽ ماڻهو بيوس لاچار ۽ مجبور هجي، صفا دل ڏاريندڙ منظر هئو، جلدي ايمبولينس لاش کڻي سيوهڻ رواني ٿي ويئي، هوڏانهن گدو اسپتال هيڏانهن ڄامشورو اسپتال-ٽنهي مريضن جي مان پيو سنڀال ڪيان، چند ڏينهن ۾ ايترا واقعا، ايتريون آزمائشون، ايترا ڏک ۽ تڪليفون ڏنيون به الله سائين ۽ صبر ۽ برداشت جي قوت به انهي مالڪ طرفان ئي عطا ٿي، جو سڀني شين کي پئي ڏٺوسين، پوءِ به صبر ۽ شڪر ڪبو، الله جي در تان نا اميد نه ٿيڻو آهي، ۽ وري به ان جي در ٻاڏائي دعا گهرڻ سان ئي دلي سڪون ملندو آهي، ۽ آئون به سربسجود زارو قطار روئندو ۽ ٻاجهه لاءِ ٻاڏائيندو رهيس، ايتري ۾ ڊاڪٽر عبدالحميد شيخ جو والد صاحب سيٺ ولي محمد شيخ جيڪو ان وقت ادا غلام حسين جو سهرو هجي، هاڻي ته منهنجو به سهرو ٿئي، ان کي جگر ۾ ڪينسر جي تڪليف ٿي، اها تڪليف اڳ ۾ ظاهر ٿيل ڪونه هئي، کيس به اچي ڄامشورو اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، ميڊيڪل جي وارڊ ۾ داخل هجي، هن کي اچي رت جون الٽيون شروع ٿيون، ۽ شايد هڪ هفتو اسپتال ۾ رهيو، ۽ پوءِ گذاري ويو. وري ان جي لاش کي به ايمبولينس جي ذريعي سيوهڻ روانو ڪيو ويو، ان کان اڳ ۾ اهو اطلاع به ادا غلام حسين کي ڏنو ويو، هن چيو ته مونکي به مين گيٽ وٽ ويل چيئر جي ذريعي وٺي هلو، ته آئون به پنهنجي سهري جو آخري ديدار ڪيان، ايئن هن پٽ ۽ سهري جو آخري ديدار اسپتال ۾ ئي ڪيو، هي سڀ واقعا 1978 جي اپريل کان شروع ٿيا ۽ آگسٽ تائين هلندا رهيا، شايد اهو ئي سبب آهي، جو آئون ان مصروفيت سبب اسپتالن ۾ رهيس، ۽ جيئي سنڌ فيڊريشن کي وقت ڪونه ڏيئي سگهيس، جو سيپٽمبر 1978 تي اهلڪارن وارو ڄامشورو ڦاٽڪ جو واقعو ٿيو، جنهن ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج ٿيا، آءٌ وقتي طرح ان مصروفيت کان پري رهي، ذاتي مصروفيت ۾ رهيس، آخرڪار ادا غلام حسين کي اسپتال مان چئن مهينن بعد موڪل ملي، ٻنهي ٽنگن تي گوڏن کان مٿي پلستر ٿيل هجي، ۽ في الحال هلڻ جي اجازت ڪونه هئس، سندس سڀ حاجتون بستري تي ئي ٿينديون هيون، اسپتال ۾ اسين کيس سنڀاليندا هئاسين، ۽ گهر ۾ سندس 2 زالون، ڊاڪٽرن ايئن چيو ته سندس ٽنگن جو پٽو هر مهيني يا ٻئي مهيني بدلي ٿيندو ، ان لاءِ خاص ڪا ٽيڪسي ڪري سيوهڻ مان ڄامشورو اچڻو پوندو هئو، پوءِ اهي پٽا تبديل ڪري ٻيا چاڙهيا ويندا هئا، ۽ وري نئين تاريخ ڏيئي روانو ڪندا هئا، ٽوٽل وقت جيڪو بستري تي رهيو، اُهي 13 مهينا هئا، ان کان پوءِ آخري دفعو جڏهن هن جي ٽنگن تان پٽا هٽايا ويا، ته پنيءَ واري پاسي کان هڏو پيو نظر اچي، پٽن لهڻ کانپوءِ خبر پئي ته پيرن جا آڱوٺا ۽ مري جي جاءِ تان به فريڪچر هئا، پوءِ اهي پاڻ ئي ڳنڍجي ويا، جنهنڪري پير به صحيح طرح زمين تي به ڪافي وقت ڪونه رکي سگهندو هئو، پوءِ اهو سلسلو به ڪافي وقت هلندو رهيو، زيتون جي تيل جي مالش سان گڏ ڊاڪٽرن چيو ته في الحال ٽنگن جي ورزش ڪرايوس، مسلسل پٽا ٻڌڻ ڪري رت جو دورو گهٽ رهڻ ڪري ٽنگون ڪمزور آهن، ڪجهه وقت لڳندو، پوءِ آهستي آهستي بيساکين جي سهاري هلندو، ۽ آهستي آهستي هن جون ٽنگون کٽ کان هيٺ لڙڪايونسين، ته به سور پيو ٿئيس، هاڻي دوائن وارو علاج ته مڪمل ٿيو پر اڃا به الائي ڪيترو وقت مڪمل ٺيڪ ٿيڻ ۾ لڳندو! بيساکين تي ئي صحيح پر هلي ته سهي... زمين تي پير رکڻ لاءِ به ڊاڪٽرن جي هدايتن مطابق ورزش ڪرائيندا رهياسين، پوءِ ٻه مهينن جي عرصي ۾ هن زمين تي پير رکڻ شروع ڪيو، پوءِ آهستي آهستي هلڻ جي عادت وجهڻي پيس، ايئن پيو لڳي ته هن کان هلڻ ۽ پير زمين تي رکڻ وسري ويو هجي، هر گهڙي هن کي عجيب پئي لڳي، ڪاوڙ، غصو ۽ بيوسي هن جي چهري مان ظاهر هجي، طبيعت ۾ چڙ به ڪافي رهندي هئس، جو ماڻهو مسلسل 15 مهينا هڪ بستري جي حوالي هوندو، ته ان جي ڪيفيت ڪهڙي هوندي سا ته حقيقت ۾ اهو ئي ڄاڻي يا سمجهي سگهندو، جيڪو ان ڪيفيت مان گذريو هوندو، الله سڀني تي رحم فرمائي ۽ شل اهڙين آزمائشن کان پناهه ۾ رکي، آمين!