آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

چونڊن ۾ گروپنگ

جيئي سنڌ فيڊريشن 1978 جي اليڪشن لاءِ 2 گروپ سرگرم ٿيا، انهن ۾ هڪ گروپ جنهن کي آريسر صاحب ۽ ان وقت جي سرگرم مرڪزي اڳواڻ مولا بخش لغاريءَ جي حمايت حاصل هجي، ٻئي گروپ ۾ وري مرتضيٰ مهيسر جو پينل هجي، جنهن ۾ نائب صدر لاءِ مولي ڏنو راڄپر، قمر ڀٽي وغيره هجن، هوڏانهن آئون اڪيلي سر بنا ڪنهن جي حمايت ۽ پينل جي، صدارت جو اميدوار هجان، ان خبر کان پوءِ آريسر صاحب جي گروپ-جنهن جي صدارت لاءِ رسول بخش ٿيٻو، ۽ جنرل سيڪريٽريءَ لاءِ گل محمد جکراڻي هئا، اهي مولا بخش لغاري سان گڏ نديم عباسي، رسول بخش ٿيٻو، گل محمد جکراڻي مون سان لطيف آباد 2 نمبر ۾، سيد ولي محمد شاهه قلندر لعل شهباز جي سجاده نشين جي بنگلي تي ملڻ آيا. چيائون؛ اسان جي پينل ۾ اچ تون نائب صدر لاءِ اسان جي طرفان فارم ڀراءِ، ڇاڪاڻ ته هنن سڄي سنڌ جي دوري ۽ رابطي ۾ محسوس ڪيو ته هي آزاد اميدوار صدارت لاءِ کٽي ويندو، ان جي ڪري اسان جا ٻيا اُميدوار هارائي سگهن ٿا. مون به وڌيڪ خفي کان بچڻ لاءِ صدارت جي اُميدواريءَ کي ڇڏي، نائب صدر جي اُميدوار لاءِ راضپو ظاهر ڪيو، تڏهن منهنجون نديم عباسيءَ سان-جيڪو لطيف آباد 2 نمبر ۾ ولي محمد شاهه جي پاڙي ۾ رهندو هئو، روز ڪچهريون هونديون هيون، مولا بخش لغاريءَ کي رسول بخش ٿيٻو، جيڪو صدارت لاءِ اميدوار هئو ان جو لاچار به هيو، ۽ مان انهن کي جواب نه ٿي ڏيئي سگهيس، پوءِ سن ۾ 19 اپريل 1979 ۾ مرڪزي اليڪشن ٿي، هوڏانهن هنن پهريون قمر ڀٽي کي نائب صدر لاءِ بيهاريو، وري هنن منهنجي حمايت ڪئي، مونکي ياد آهي ته پوءِ منهنجي مقابلي ۾ قمر ڀٽي ۽ موليڏنو راڄپر هيا، کٽندڙ اميدوارن ۾ سڀني کان وڌيڪ ووٽ مونکي مليا- صدر، جنرل سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري سڀ اسان جي پينل جا آيا، قمر ڀٽي ۽ راڄپر جيترا ووٽ کنيا، اهي ٻنهي جا گڏ ڪيا ويا ته به منهنجا 18 ووٽ وڌيڪ هئا، ايئن آئون 1979 ۾ جيئي سنڌ ،ا،ف جو مرڪزي نائب صدر ٿيس، رسول بخش ٿيٻو صدر، گل محمد جکراڻي جنرل سيڪريٽري، علي محمد شاهه لڪياري جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيا وياسين. جڏهن آئون سيوهڻ ڪاليج جي اليڪشن کٽي ته اها سيوهڻ شهر جي ڪاليج يونين جي تمام وڏي اليڪشن هئي، انڪري اتان جي ڪافي عام ماڻهن ۽ شاگردن ۾ مون سان واسطو رکڻ جو شوق جاڳيو، جن ۾ سر فهرست سيوهڻ جا سيد خاندان، سيد ولي محمد شاهه لڪياري ، محمد شاهه (موني شاه)-ٻئي ڀائر پاڻ ۾ ڪونه ٺهندا هئا! مهدي رضا شاه، سيد صادق علي شاهه سبزواري جيڪو پڻ قلندر جي گادي نشين جو وڏو فرزند ۽ سندس ننڍو ڀاءُ بابلو شاهه جيڪو يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ وفات ڪري ويو، سيوهڻ جو تمام وڏو نالو سيٺ عبدالمجيد؛ لڄپال هوٽل واري جو واحد پٽ عبدالحميد (حامون) بليدي، عبدالسميع قريشي، عبدالهادي قريشي، آفتاب رضا مغل، سيد مظفر علي شاهه ، ڀانن مان لطيف سنگت جو غلام رسول لاشاري، فقير غلام رسول ڏهيو، لڪيءَ مان غلام حسين جويو، آراضيءَ مان اسلم شاهه ولد غلام حسين شاهه جهانگارا مان گاجي ڏنو شاهه ولد حاجي حبيب شاهه، علي نواز برفت، گل حسن پنهيار، بوبڪ مان ڊاڪٽر امين قريشي، بختيار پور وغيره، مون سڀني جي دل سان آجيان ڪئي ۽ سڀ منهنجا دوست ٿي ويا. انهن مان ڪيترا ته اڃا تائين مسلسل رابطي ۾ آهن، ڪيترن سان وقت گذرڻ جي ڪري ڪجهه رابطي جو فقدان به آهي، عبدالحميد بليدي هن جو والد صاحب عبدالمجيد بليدي اصل ويٺل ڪرم پور لڳ سيوهڻ شريف هنن جو ڳوٺ درياءِ سنڌ جي ساڄي ڪناري تي آهي، هي ڳوٺ يونين ڪائونسل چنا جي حد ۾ اچي ٿو، جنهن ۾ هيءُ ٻه وڏا ڳوٺ يا ننڍا شهر آهن، جن ۾ آراضي به شامل آهي.