آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

ڪامورو؛ ”ذاهدي“ صاحب

ذاهدي صاحب سيوهڻ آيو. اسٽيشن جي ڀرسان ريلوي جي ريسٽ هائوس آهي، اتي اچي ترسيو. اسان کي خبر پئي ته صبح جو سوير 15-20 ڇوڪرا ساڻ ڪري وڃي ريسٽ هائوس ۾ پهتس. ظاهر آهي ائڊيشنل چيف سيڪريٽري هجي. چڱو خاصو پروٽوڪول هئس پوليس ۽ ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ جا آفيسر به هجن. چيائون صاحب ناشتو پيو ڪري. ان وقت منهنجو سيوهڻ جي انتظاميه تي چڱو خاصو اثر ويٺل هجي. هنن کيس اسان جي آمد جو اطلاع ڏنو. ذاهدي صاحب اندر گهرايو ايترا ڇوڪرا ڏسي ٿورو پريشان ٿيو. چيائين ڪهڙا مسئلا آهن؟ اسان عرض ڪيو ته؛ سائين هڪ ته اسان وٽ Maths جو ليڪچرار ڪونه آهي. اهو ڪاليج ۾ مقرر ڪرائي ڏيو. چيائين بابا اهو منهنجو کاتو ڪونه آهي سيڪريٽري ايڊيوڪيشن جو ڪم آهي، مون چيو سائين اوهان ائڊيشنل چيف سيڪريٽري آهيو. هتي اوهان هر مهيني ڪم ڪار کي ڏسڻ اچو ٿا. اسان سيڪريٽريءَ کي ڪٿي ملنداسين؟ ڪراچيءَ وڃڻ لاءِ اسان وٽ خرچ ڪونه آهي. ان ڪري اوهان حڪومت سنڌ جا ايڏا وڏا ذميوار آفيسر آهيو، اوهان چوندؤ ته اسان جو مسئلو حل ٿي ويندو. چيائين آئون سيڪريٽري ائڊيوڪيشن کي چوندس. مون چيو سائين ايستائين هيءُ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ابراهيم صاحب بيٺو آهي. ان کي چئو ته هفتي ۾ ٻه دفعا اڌ ڪلاڪ لاءِ پيرڊ وٺي. چيائين پوءِ ڊيولپمينٽ جو ڪم ڪير ڏسندو؟ چيومانس سڀ ٿي ويندو اوهان چئوس. ذاهدي صاحب هن کي چيو ته هنن جي ڳالهه ٻڌين پيو هن ڪنڌ سان ”هائو“ ڪئي پوءِ ڇاٿو سمجهين اهو ڪم به ڪندين؟ چيائين سائين جيئن اوهان جو حڪم. چيائين ٿورو گهڻو پڙهائي سگهين ته بهتر ٿيندو. هن ها ڪيئي. ان کان پوءِ ٽيون مسئلو ته سائين هيءُ جان محمد ڀٽي جو ڳوٺ آهي. جيڪو بلڪل اوهان جنهن ريسٽ هائوس ۾ رهيا پيا آهيو. ان جي سامهون سڏ کن پنڌ تي آهي. ان ۾ پاڻيءَ جي لائين ڏيو، ڇو ته هيءُ ڇوڪرا گهر جو پاڻي ڀرڻ درياهه ڏانهن وڃن ٿا ته ڪاليج ۽ اسڪول کي دير ٿي ٿئين. اوهان مهرباني ڪري اها منظور ڪيو. جو اهو ڪم ته اوهان جي هٿ ۾ آهي. ٽي ڪروڙ نوي لک روپيا، 1976ع ۾ سيوهڻ پراجيڪٽ لاءِ اسپيشل گرانٽ جي طور ڀٽي صاحب ڏنا هئا. ان ڪري اهو اوهان لاءِ مسئلو ڪونه آهي. هن انجنيئر کان پڇيو ته ان ۾ گهڻو خرچ ايندو. انجنيئر چيو سائين واٽر سپلاءِ کان ڏيڍ ڪلو ميٽر پري آهي ۽ اندازن 6 کان 8 لک روپيه خرچ ايندو. ٻيو ته اسان جي ٽائون کان ٻاهر آهي ان ڪري ايترو وڏو خرچ ڪري ڪونه ٿا سگهون. پڇيائين ته ان جي اجازت لاءِ ڪنهن کي اختيار آهي. جواب مليس ته سائين اهو ته اختيار به اوهان وٽ آهي ليڪن پراجيڪٽ جي ايريا کان ٻاهر آهي. چيائين اوهان اسٽيمينٽ ٺاهيو ۽ منظوريءَ لاءِ مون کي موڪليو. بلڪه اڳئين مهيني، مان هتي ايندس. اتي ئي مون کان منظوري وٺي ڇڏجو. ڪراچيءَ موڪليوَ ته دير ٿي سگهي ٿي. مون کي چيائين تو منهنجو الاهي ٽائيم ورتو آهي. مون کي واپس به وڃڻو آهي. هاڻي ڇڏيو ته وڃي پراجيڪٽ جو ڪم ڏسان متان ڪٿي ڪو ايريا رهجي وڃي ۽ ڀٽو صاحب ڪنهن مهل به اچانڪ پڇي وٺندو آهي.