سرجيس تان سور!
ڌارين جون يلغارون به هن شهر تي وقت به وقت ٿينديون رهيون آهن. مغلن ۽ ارغونن به هن شهر کي پنهنجي طاقت ۽ تلوار هيٺ رکيو ۽ سيوهڻ تي پنهنجا ڪوٽ وال مقرر ڪندا رهيا.
سڪندر مقدوني به سڄي دنيا کي تلوار سان فتح ڪرڻ کان پوءِ، جڏهن سيوهڻ ۾ پنهنجي لشڪرن، خزانن ۽ اٽالن سميت لٿو ته تاريخ گواهه آهي ته هن شهر جي ڀومي پُترن جي ڪاپاري چوٽَ جي مقدونيا جو هي طاقتور فاتح سَٽَ سهي نه سگهيو.
طلوعِ اسلام کان اڳ هن شهر جي پنهنجي سماجي، سياسي، معاشي، روحاني ۽ مذهبي هڪ مستقل حيثيت رهي آهي. سيوهڻ جو سورج ۽ ان جي روشنائي گواهه آهي ته سيوهڻ سدائين امن جي ڌرتي ئي رهيو آهي.
سيوهڻ تعلقي جي يونين ڪائونسل بُوبڪَ جي ڳوٺ ٻِلهڻ (جيڪو منڇر جي ڏاکڻي طرف بچاءَ بند جي ڀرسان آهي) ۾ مون 1956ع ڌاري هڪ ننڍڙي غريب خاندان ۾ جنم ورتو!
پيدائش جي صحيح ۽ دُرست تاريخ جي ڄاڻ ته نه اٿم، نه ئي مائٽن علم گهٽ هجڻ سبب، منهنجي پيدائش جي ڪا حتمي تاريخ لکي آهي. البت امان ٻُڌائيندي آهي ته ڪاري ٻُوڏ جيڪا 1942ع ۾ آئي هئي. ان کان پوءِ وڏي ٻوڏ، جيڪا روينيو رڪارڊ موجب جولاءِ 1956ع ۾ آئي هئي. آئون عين انهن ڏينهن ۾ ڄائو هوس. منهنجي ڄم واري ڏينهن ٻوڏ جو پاڻي اسان جي گهر ۾ اچي پهتو هئو. امان ٻڌائيندي آهي ته مون جڏهن هن جهان ۾ اک کولي ته ٻوڏ جي پاڻيءَ جون لهريون ۽ ڇتيون ڇوليون، منهنجي کٽ جي هيٺان ڇُلي رهيون هيون ۽ پاڻي چئني پاون کي پاڻي چڪو هئو! جنهن مان صاف ظاهر آهي ته مون، ڄمڻ سان ئي سخت مصيبتن، ڏکن ۽ ڏوجهرن کي پاڻ سان گڏ کڻي هن ڌرتيءَ تي جنم ورتو هئو. بقول امان جي ته جيئن ئي ڪهاريءَ ٻوڏ جو پاڻي لٿو ته قحط ۽ ڏُڪار سبب انيڪ بيمارين منهن ڪڍيو.
گهر ۾ مان پنجين نمبر تي ڀائرن ۾ هوس. باقي سڀ ننڍا هئا. صرف سمجهه ڀريو ۽ بالغ هڪ وڏو ڀاءُ ادا غلام حسين ئي هئو، جنهن جي تقريبن سورهن ورهيه ڄمار هئي، جڏهن ته چوڏهن سالن جو ادا غلام قادر هئو. باقي سڀ ننڍا ٻار هئاسين.
مون کي ٻوڏ کان پوءِ بيمارين وگهي اڌ رنگي جي بيماري ٿي پئي، مون کي ته ياد ڪونه آهي ته پر ٻڌائيندا آهن؛ علاج لاءِ منهنجا مائٽ پهريون ڀيرو بوبڪ پهتا پوءِ اتان ڪنهن ٻڌايو ته هن جو علاج دادوءَ ۾ ٿيندو. ان وقت روڊ رستا ڪچا هوندا هئا، ٽرانسپورٽ جو ڪو خاطر خواه انتظام ڪونه هوندو هو. هڪ بس، ڪچي رستي ذريعي بوبڪ کان ٻلهڻ-باغ يوسف واري بند جو رستو ڏيئي سيوهڻ ايندي ويندي هئي. اڌ رنگي جي بيماريءَ جي ڪري منهنجي کاٻي ٻانهه ۽ کاٻي ٽنگ سخت متاثر ٿيا. بدن جو اڌ پاسو سُڪي ويو، نه ٽنگ ڪم ڪري نه هٿ.غربت جي ڪري منهنجي مائٽن ڪوشش ڪئي ۽ دادوءَ تائين علاج لاءِ مونکي کڻي آيا. ان وقت دادؤ ۾ علاج لاءِ مريض وٺي وڃڻ ايئن هئو جيئن اڄ ماڻهو انڊيا علاج لاءِ سفر ڪري. ايترو اهو سفر ڏکيو ۽ اڻانگو هوندو هئو! دادؤ تائين ٽي دفعا گاڏيون مٽائڻيون پونديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن ڏاند گاڏيءَ تي بوبڪ، ان کانپوءِ ٽانگي تي جتي هاڻي ”سبيل اسٽاپ“ آهي اتي پهچڻو پوندو هئو. پوءِ اتان ٽن چئن ڪلاڪن جي انتظار بعد ڪا کٽارو بس ملندي هئي، جنهن تي دادؤ وڃبو هو. اتي به هڪ ٻه ڏينهن لڳي ويندا هئا. ۽ واپسيءَ تي به سڄو سارو ڏينهن لڳي ويندو هئو.
بهرحال جيترو والدين جو وس هئو ايترو انهن وت آهر ڪوشش ڪئي. جنهن جي ڪري مان اڄ خدا جي فضل ۽ والدين جي توجهه ۽ ٿورن سان زندگي، سلامتيءَ سان جيئان پيو.
ٻلهڻ کان سيوهڻ ڏانهن لڏپلاڻ
سيوهڻ شريف اسان جي ڳوٺ کان اوڀر طرف چار ميل يا کڻي اڄ جي فاصلي مطابق چئون ته ڇهه ڪلو ميٽر جي فاصلي تي آهي. اتان لڏپلاڻ جي هلڪي يادگيري آهي ته جڏهن سامان ٻڌي، رستي تي آندو ويو ته اتان هڪ بس ايندي هئي جنهن ۾ سامان رکي اسان کي سيوهڻ لاءِ روانو ٿيڻو هئو. مون کي ياد آهي ته بس اڃا ڪافي پري هئي پر ان جو آواز منهنجي ڪنن تي پري کان پيو مان ڊڄي ويس ۽ ڀر ۾ رکيل رلي مٿان وجهي لِڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئس ته مار، اها الائي ڪهڙي آفت پئي اچي! بهرحال سيوهڻ پهتاسين اتي اچي هڪ واڻڪي جاءِ ۾ رهياسين.