آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

هر شخص ڪهاڻي آ

قدرت جا به عجيب ڪرشما
مهربان ٿئي، ته گهر ويٺي ڪن اڻ ڏٺلَ ۽ اڻ ٻڌل هستين کي اوچتو ئي اوچتو ويجهو آڻي، آشنا بنايو ڇڏي. برادرم محمد خان ابڙو، يعني هن آتم ڪٿا جو ڪٿاڪار ۽ اهو به اجهو ائين ئي ته سندم پُکي ۾ پيو.
يقين ڪريو، اُها ٻي نومبر سال 2020ع جي آڌي رات هئي. اوچتو فون وڄڻ لڳو. ياالله.... هي بيگاهه وقت ڪنهن کي ياد اچي ويو آهيان.
۽ ائين ڪندي موبائيل اسڪرين تي نگاهه وڌم. ڏٺم شاعر خوش بيان نورچشم احمد سولنگيءَ جو نالو لکيل نظر آيو.....
جي ها! هي اُهوئي احمد، جنهن سان الائي ڪهڙي بهاني، ڪي ورهيه اڳ، ساٿ جُڙيو ۽ ان کان پوءِ ڪجهه عرصي ٽُٽو ته ٽٽندو ئي ويو.
پر هي رات جو 2 وڳي ۽ احمد کي آئون ڇو ياد آيو آهيان، سوچيم شايد متان مڌ.....
پر نه.... اِهو منهنجو وهم هو. احمد جو آواز صاف، شفاف ۽ عقيدت جي خوشبوءَ سان ٽمٽار هو.
چوڻ لڳو..... محمد خان ابڙو ڀرسان ويٺو آهي. هم زلف آهي منهنجو.... ٽنڊي ٺوڙهي جي ڪنهن عمار علي مرزا بابت تصديق چاهي ٿو ۽ پڇي پيو، ڇا لڳندو هو اهو مرزا اوهان جو؟
ياالله! هي ڪير اجنبي شخص محمد خان!؟ جيڪو آڌيءَ رات وقت منهنجي ڀاءُ عمار عليءَ بابت پڇا ڳاڇا پيو ڪري! ۽ ڇو؟
تڏهن هنڌ تي هي جو آئون ليٽيو پيو هوس، هوشياري پڪڙي يڪدم اُٿي کڙو ٿي ويهي رهيس.
ٻڌايومانس: عمار علي ڀاءُ هو منهنجو وڏو.....
تڏهن هُن پار کان، هاڻي محمد خان انڪشاف ڪندي ٻڌائڻ لڳو.....
عمار علي منهنجي ڀاءُ غلام حسين جو دوست هو. 1980 ڌاري توهان جي هن ڀاءُ ٽنڊي ٺوڙهي مان.... ٻانهن کنئين هئي ۽ هو سيوهڻ ۾ اسان وٽ گهر ڀاتي ٿي اچي رهيو هو. اتي نڪاح وڌائين، لانئون لڌائين وڏو عرصو اسان سان ئي گڏ رهيو ۽ لڪو رهيو، المختصر.... اسان جو هي ڀاءُ عمار علي پوءِ ڪيئن ۽ ڪڏهن اسان سان مليو!؟ ۽ اها ڪهاڻي به بيحد دردهاڻي آهي ۽ ان جو تفصيل سان ذڪر پوءِ ڪڏهن ۽ هتي بس مختصرن عرض رڳو هي ته هٿن ۾ موجود هيءَ آتم ڪٿا، فون واري ان ئي محمد خان ابڙي جي آهي، جنهن جي خاندان اسان جي خاندان جي سام جهلي ۽ ڀاءَ عمار ۽ ڀاڄائي ڪنوار کي پنهنجي گهر اندر عزت آبرو سان ۽ ٻچن ۾ گڏ رهايو.....
۽ انهي وڙ لاءِ سندس خاندان جا اسان پريوار وارن تي اپر احسان. هاڻي ان ئي خاندان ۾ پيدا ٿيندڙ اسان جي محسن ڀاءُ غلام حسين جي هن ڪٿاڪار ڀاءُ محمد خان جي پنهنجي ڇا شخصيت ۽ هو پاڻ پنهنجي ذات ۽ ڏات ۾ ڇا هستي!؟ جواب آهي رول ماڊل.... پورهيت انسان ۽ اهڙو محبوب ماڻهو جنهن جي حياتيءَ جو اول آخر منشور رهيو آهي:
محنت محنت محنت......
تڏهن سندس آتم ڪٿا، شروع کان آخري تائين جڏهن پڙهي جو مون پوري ڪئي، تڏهن کيس ٽائٽل ڏنم.....
مثالي.... محنت ڪش انسان..... محمد خان
سبحان الله..... ڇا ته ڪشٽن، ڪشالن اهنجن ۽ ڏکن سان ڀرپور آهي هن جي رام ڪهاڻي... جنهن تي اياز گل جو شعر ياد اچي ويم:
دک جي نه پڄاڻي آ
هر شخص ڪهاڻي آ....
ظاهر آهي ته بقول اياز گل، هر خاص عام ماڻهو وٽ، ٻڌائڻ لاءِ پنهنجي هڪڙي آکاڻي هوندي ضرور آهي. سڀاويڪ ته اسان جي محمد خان وٽ به هئي جيڪا همٿ ڪري هن ڪتاب ۾ پاڻ لکي ورتي آهي.
علامه آءِ.آءِ قاضي صاحب فرمائيندا هئا، ڏکي سُکي زندگي، هرڪو ئي ڪاٽي ٿو، انڪري ڪوبه ماڻهو چاهي ته پاڻ بابت هڪڙو ڪتاب لکي يا لکرائي سگهي ٿو، حسن اتفاق محمد خان جنهن عام انسان واري زندگي گذاري آهي ته خاص ماڻهو واري به.... سو بحرڪيف! پاڻ بابت هي ڪتاب لکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پر سچي ڳالهه، اُٿندي ئي، محمد خان جي جنهن ڳالهه مون کي موهيو.... اُهو هن ڪتاب جو عنوان آهي:
وڃن سُور سنڌا ڪريو.....
جيڪو دراصل ڀٽائي صاحب جي هيٺين، جيءَ جياريندڙ سٽ مان هن اخذ ڪيو آهي:
کڻ اکيون کل يار.... ته وڃن سور.....
ته بس ڪتاب جو هي عنوان ئي ٻڌائي ٿو ته اسان جو محمد خان ڇا ته باذوق.... ادب دوست ۽ پڙهاڪو انسان آهي. هاڻي ڪتاب اندر سندس حياتيءَ جو سربستو احوال جو پڙهڻ شروع ڪيم ته پتو پيو، هو ڪيڏو نه ڀاڳ وند.... تعلقو سيوهڻ شريف جنهن کي پنهنجي هڪ هڪ ڌار سڃاڻپ ۽ شهر..... انهيءَ جي ننڍڙي ڳوٺڙي ٻلهڻ ۾ هو پنجين نمبر تي ماءُ جي هنج ۾ آيو.... يعني چار چراغ اڳي ئي روشن هئا ۽ پنجون ٻارڻ لاءِ دنيا ۾ هو اچي نڪتو.
پر اچڻ ۽ سندس ڄمڻ سان ئي ڪشٽ به ته شروع ٿي ويا، پهرئين سنڌ ۾ وڏيءَ ٻوڏ منهن ڪڍيو.... پوءِ مٿس اڌ رنگ جو حملو ٿيو.... پوءِ سيوهڻ ۾ گادي نشينن پاران سندن گهر تي حملا ٿيا....کيس تعليم پرائڻ جو به ڪيڏو نه چاهه هو، پر ذريعه معاش لاءِ پورهيا ڪرڻ سبب، پڙهائي کي اڌ ۾ ڇڏي ڏيڻو پئس... ۽ پوءِ پخته ڄمار ۾، تعليم بالغان ۾ شموليت..... پوءِ حيدرآباد ۾ ارشاد پٺاڻ جهڙي آدرشي استاد سان ملڻ... پر هتي ڇا حرج، جي پنهنجي ريڊيائي ڪليگ ارشاد پٺاڻ جو به ٿورو ذڪر ڪندو هلان، جيڪو ريڊيو حيدرآباد تي ڪاپئيسٽ (خوش نويس) به هو ۽ گڏ روشن خيال، ترقي پسند سوچ وارو قلمڪار پڻ. افسوس هاڃو هن سان هي ٿيو جو، ريڊيو جي بالا ۽ اعليٰ آفيسرن.... ارشاد پٺاڻ جي موجودگيءَ ۾ آغا سليم صاحب ۽ اي. بي بخاري صاحب، باباءِ قوم بابت ڪنهن مهاجر پروڊيوسر آڏو ڪوئي اڻ وڻندڙ گفتو ڳالهايو هو، جنهن کي ٻڌي هو برگيڊ 55 ۾ ويو، دانهن ڏنائين. جنهن سبب هو سڀ گرفتار ٿي ويا ۽ نارا جيل ڀيڙا وڃي ٿيا، ۽ پوءِ چار مهينا وڏا ڪشٽ ڪاٽي مس مس آزاد ٿيا. ته بس ان ئي آدرشي استاد ارشاد پٺاڻ وٽ تعليم بالغان ۾ پڙهندي پڙهندي، محمد خان ڇا ته هونهار شاگرد ثابت ٿيو. هيٺين ڪلاسن مان پڙهي، گهڻو مٿي پهتو، ايم.اي اڪنامڪس ۾ ٿيو. پوءِ پاڪستان اسٽڊيز ۾ ماسٽرس جي ڊگري ورتائين. شاگرد سياست ۾ سرگرم ڪارڪن ٿيو، سائين جي.ايم.سيد جي قربت ماڻيائين، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو عهديدار ٿيو، مهراڻ يونيورسٽي، پاڪستان پوسٽ آفيس ۽ ان بعد اسٽيٽ بئنڪ ۾ چڱو منصب ماڻيائين. اتي يونين ۾ رهي، بهادري ۽ جرئت ڀريا قدم کنيائين، آفيسرن سان مهاڏا اٽڪايائين ۽ پورهيت ڪارڪنن جو همدرد ساٿي ٿي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو، ائين پوءِ جتي جتي به رهيو.... چوندو رهيو..... پورهيت الله جو دوست آهي ۽ آئون الله پاڪ جي ان دوست جو دوست آهيان ۽ سدائين ان جو ساٿي رهندس. ائين هر هنڌ مخدوم سائين جي هن شعر کي منشور بنايائين:
اگر خدمت ڪرڻ جي ناهي طاقت طالب الموليٰ،
ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.

علاوه قائدانه خوبين جي، قدرت محمد خان کي قلم کڻڻ ۽ لکڻ جي صلاحيت به ته ڏيئي ڇڏي. جنهن مان فائدو وٺندي هن پنهنجي جدوجهد، محنت حياتيءَ جو ته سربستو احوال لکي ورتو، پر ان سان گڏوگڏ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ پنهنجي ايامڪاري واري زماني، سائين جي.ايم.سيد سان ملاقاتن، ۽ سيوهڻ شريف جي تاريخ به لکي ڏيکاري آهي، خاص ڪري سيوهڻ شريف ۾ محرم الحرام جي ماتمي جلوسن، اُٺن تي نغارا وڄائڻ، ۽ گجگاهه علم طوق وارن جلوسن بابت به گداز انداز ۾ لکي ڄڻ سيوهڻ ۾ عزاداري جي تاريخ رقم ڪري ورتي آهي. علاوه ازين ڪراچيءَ ۾ رهائش دوران، سنڌ پرست ڪارڪن جي حيثيت ۾، شانتي نگر، سچل وارو لکيل سندس احوال ۽ ماروئڙا ڳوٺ اندر سنڌي ماڻهن جي آبادڪاري ۽ محمد خان جي انهن ڪوششن کي ساراهڻ کان سواءِ هتي رهي نٿو سگهان.
آتم ڪٿا ۾، محمد خان جا هي ٻه اعتراف به نهايت واکاڻ جوڳا سمجهو:
”سنڌ جي مانائتن مصورن، موسيقارن شاعرن ۽ عالمن جو احترام ڪرڻ، آئون پنهنجو فرض ڄاڻندو آهيان.“
”مون انتهائي ڪوشش ڪئي آهي ته آتم ڪٿا ۾ جيڪي ڪجهه به لکان، سچ لکان ۽ ڪابه ڳالهه مصنوعي نه هجي.“
ته بس هن آتم ڪٿا ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ کي پڙهندي پڙهندي ڪيڏو نه خوش پيو ٿيان ته نورچشم احمد سولنگيءَ، آڌي رات جو هڪ اهڙي هستي سان منهنجي واقفيت ڪرائي جنهن جي سهڻي گفتار ۽ هن پُراثر تحرير مون کي ايترو ته موهيو جو هن وقت حسرت ڪندي لکان پيو ته:
جيئن موڀي ڀاءُ غلام حسين ۽ برادرم عمار علي مرزا پاڻ ۾ گهاٽا، گهرا دوست هئا.
اي ڪاش!
ايندڙ وقت ۾ اسين به ائين ئي
دوست بڻجي وڃون-
هڪ ٻئي جا يار
دل گهُريا دلدار.

نصير مرزا
حيدرآباد
20 نومبر 2020ع