آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

ڪامورو؛ محمد هاشم ميمڻ

رات جو ڏهين وڳي D.C دادو؛ محمد هاشم ميمڻ، مون سان فون تي ڳالهايو. D.S.P سيوهڻ جي فون جي لائن تي هجي D.S.P نثار بلوچ مون کي چيو D.C صاحب سان ڳالهاءِ سڀني دوستن چيو ته ڀلي ڳالهائينس. مون فون کنيو ۽ هيلو ڪيو ته ٻئي پاسي کان؛ ها سائين مان محمد هاشم ٿو ڳالهايان-بابا هاڻي اوهان ٿاڻي تان ڌرڻو ختم ڪيو. مون سرڪار سان ڳالهايو آهي اوهان جا همراهه اوهان کي صبح جو ملي ويندا. مون چيو سائين هينئر ڇو نه؟ جواب ۾ چيائين هينئر ئي ڏيون ها، اسان ڏاڍي ڪوشش ڪئي آهي. ڄامشورو پوليس هنن کي گرفتار ڪيو آهي ليڪن اسان وائرليس تي به پيغام ڇڏيا آهن سڀ پوليس چوڪيون هاءِ الرٽ آهن ليڪن هو سيوهڻ ڄامشوري واري رستي تي ڪونه آهن شايد شاگردن جو وڏو تعداد ان رستي کان ويندو يا ايندو هجي ان ڪري هو شايد ڪٿي ترسيا هجن سو صبح تائين جت به هوندا ڇوڪرا اوهان کي ملي ويندا. مون انڪار ڪيو ته اسين ويٺا آهيون جيستائين اسان جا اڳواڻ نٿا آزاد ٿين تيستائين اسين پرامن ويٺا آهيون اوهان چاهيو ته اسان سڀني لاءِ گرفتاري جو حڪم ڏيو. هن چيو اوهان جي مرضي ڀلي ويٺا رهو باقي اوهان جا ليڊر صبح تائين آزاد ٿي ويندا اهو محمد هاشم جو واعدو آهي. سنڌ ۾ چند آفيسر ان وقت ۾ به اهڙا هئا جيڪي قومي تحريڪ ۽ ڪارڪنن سان پيار ڪندا هئا ۽ پنهنجي وس آهر انهن جي مدد به ڪندا هئا اسان جي شايد خوش قسمتي هجي جو انهن مان ٻه آفيسر D.C دادو؛ جناب محمد هاشم ميمڻ ۽ D.S.P سيوهڻ؛ جناب نثار بلوچ صاحب هجي ۽ ان ڪري اسان کي ڪابه سرڪاري طرح انهن شخصيتن جي ڪري تڪليف ڪونه آئي صرف اهو چيو ويو ته اوهان ڀلي ويٺا هجو ليڪن ڪو به جهيڙو ٽوڙ ڦوڙ نه ڪجو ته جيئن اسين اوهان جو مسئلو حل ڪريون! جي اوهان ايئن ڪيو ته اسان لاءِ وڏو مسئلو ٿي ويندو!
اسان ٿاڻي تي ڌرڻو جاري رکيو پوءِ وقت پاس ڪرڻ لاءِ ڪي شاگرد لطيفا ته ڪي قومي گيت ته وري تقرير به ڪن پيا خاص طور تي علي احمد پنهور تمام گهڻا لطيفا ٻڌائي دوستن کي خوب کلايو. هن ورسيءَ ۾ محترم عابد لاکير به آيل هجي هن سان منهنجي پهرين ملاقات ان جلسي ۾ ٿي. جنهن مهل جلسو ختم ڪري ٿاڻي تي پيا وڃون هن مون کي چيو پ پ حڪومت آهي ڇو ٿو سڀني کي ڏچي ۾ وجهين-هيءُ اهڙا سنڌ دشمن اٿو جو پادر به هڻندا جيل به ويندؤ ۽ ضمانت به ڪونه ٿيندوَ. مون کانئس نالو پڇيو، عابد لاکير جواب مليو! مون سوچيو هيءُ ڏاڍو تيز آهي هن عمر ۾ نفعي نقصان جي خبر اٿس. پر هيءُ ته گڏيل فيصلو هئو سو ٿاڻي تي ته وڃڻو هئو پر هي اتان واپس پنهنجي ڳوٺ هليو ويو چيائين پاڻ اهڙن ڏچن لاءِ ڪونه ساماڻا آهيون ۽ همراهه هليو ويو.
ايتري ۾ ٿاڻي تي رات جي ماني به اچي ويئي ڇوڪرن جي طهرن جي ڪاڄ لاءِ رکيل سيڌو قومي تحريڪ جي ڪم اچي ويو! سڄي رات جاڳندي گذري ڪابه بس رواني ڪونه ٿي سڀ شاگرد ٿاڻي تي ويٺا رهيا ۽ اهو معاملو سڄي شهر ۾ باهه وانگر پکڙجي ويو ڪيترا ماڻهو ٿاڻي تي آيا اها اچ وڃ به سڄي رات جاري رهي. هوڏانهن سپاف دادوءَ جو صدر حاجن شاهه لڪياري اهو ٻڌي پنهنجي بنگلي تي ويهي رهيو درگاهه تي نڪرندو آهي ۽ شهر ۾ چڪر هڻندو آهي ان به احتياطاً ڪوبه شهر جو چڪر نه هنيو ته متان هيءُ ڇوڪرا ڪاوڙ ۾ مون سان وڙهن نه! اسان کي ته اهڙي ڳالهه ذهن ۾ به ڪونه هئي اها ڳالهه وري مون کي سندس ڀائٽي محمد شاهه ٻڌائي ته همراهه سڄي رات پريشان هيو.
هوڏانهن محمد هاشم ميمڻ صاحب سڌو رابطو سائين جي ايم سيد سان ڪيو سائينءَ چيو ته هاڻي رات جو دير ٿي وئي آهي آءٌ صبح جو سوير ماڻهو موڪليان ٿو ۽ ٿاڻي تان ڌرڻو ختم ٿي ويندو. صبح جو سوير چاچو علڻ ٿيٻو سائين جي ايم سيد جو خط کڻي مون وٽ پهتو ۽ چيائين هيءُ سائين جو خط اٿو، لکيل هئو مون ڏانهن.