آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

ڪاروبار...

مڇيءَ جو ڪاروبار ڪافي وقت کان هلندڙ هئو ۽ ڪجهه وقت بند ٿيڻ کان پوءِ 1978 ۾ ادا غلام حسين وري شروع ڪيو، اها مڇي ڊاٽسن جي ذريعي حيدرآباد، ڪراچي، لاڙڪاڻو، سکر ۽ گهوٽڪي تائين ويندي هئي، مان به باقي وقت ۾ ساڻس هٿ پيو ونڊرائيندو هئس، منڇر مان مڇيءَ لاءِ ڊاٽسن سيوهڻ مان برف کڻي بوبڪ طرف رواني ٿيندي هئي، ان ۾ هڪ ٻه مزدور جيڪي برف به ڪٽي مڇيءَ ۾ هڻندا هئا، ۽ مڇيءَ جون ٽوڪريون ڀري گاڏيءَ ۾ وجهندا هئا.
ادا غلام حسين مڇي لوڊ ڪرائڻ لاءِ اڪثر پاڻ ويندو هئو، جو اتي مختلف ميربحرن سان هيءُ ئي پيو منهن ڏيندو هئو، انهن کي مڇيءَ لاءِ اڳواٽ ڏوڪڙ ڏيڻ ۽ ايترن ميربحرن سان ڪم ڪرڻو پوندو هئو، جيئن ڊاٽسن جو چڪر پورو ٿئي ايتري مڇي هلي جو ڪرايو ۽ خرچ نڪري، سو ان لاءِ هن جو اتي هجڻ ضروري هوندو هئو، مڇيءَ جي واپار ۾ هر ماڻهو ڪامياب ڪونه ٿو وڃي، سڀ کان پهرين اوهان کي ان لاءِ گهربل تجربو هئڻ گهرجي، جيئن ته اصل ۾ اسانجو ڳوٺ منڇر بند سان لڳ ٻلهڻ آهي، ان وقت به ننڍو وڏو مڇي جو ڪم والد صاحب ۽ ادا غلام حسين ڪندا هئا، پر اهو وقت هو، جڏهن آمد رفت جو واحد ذريعو ٽرين هوندي هئي، ۽ ريلوي اسٽيشن تائين پهچڻ جو ذريعو اٺ گاڏي ،ڏاند گاڏي يا گڏهه ۽ گڏهه گاڏي هوندا هئا!