ماتمي جلوسن جو پاڻ ۾ مقابلو
سنڌ ۾ ٻاهران آيل اهي پنهنجي ليکي اعليٰ نسل جا ماڻهو جيڪي هتي اچي سادات ۽ آل محمدﷺ جي نسبت جي نفسياتي هٿيار سان جيڪو سنڌي ماڻهن سان حشر ڪيو ويٺا آهن، اها به هڪ تلخ ترين تاريخي حقيقت آهي. هاڻي ته اهي به سنڌي آهن ۽ سنڌ جي نمائندگي به ڪن پيا ۽ سنڌ جي حقن جي ڳالهه جي اڳواڻي به ڪن ٿا. ايتري قدر جو جي ايم سيد سنڌ جي آزاديءَ جو نظريو ڏيندڙ اڳواڻ هئو. جنهن تي آئون کيس سلام ٿو پيش ڪيان. شايد هن اها سنڌ جي نمڪ حلالي جو فرض ادا ڪرڻ لاءِ اها جدوجهد ڪئي. باقي ته سڀ اسان وٽ ٻاهران آيا جيئن هاڻي پاڪستان کان پوءِ پناه گير آيا ۽ اسان جي سموري اقتصاديات، روزگار، شهري ڪلچر ۽ ٻوليءَ تي قابض ٿي ويٺا آهن. شايد اڳتي هلي اهي به چون ته سنڌي آهيون ئي اسين. ۽ اسين جيڪي اصل سنڌ جا رهواسي آهيون، اهي ڪنهن به کاتي ۾ نه هونداسين. ايامن کان هر غاصب قوم جو تسلط اسان تي رهيو آهي. ڪڏهن اصلاح جي نالي ۾، ڪڏهن اسلام جي نالي ۾ ته ڪڏهن جي سلامتيءَ جي نالي ۾. ان باري ۾ پنهنجي سمجهه ۽ سوچ مطابق جيڪو مون ڏٺو ۽ سمجهيو ان تي ضرور بحث ڪرڻ گهرجي. پوءِ اختلاف راءِ هر ڪنهن جو حق آهي. في الحال محرم جي رسومات تي واپس ٿا اچون. اسان اڃا سانڀر جهڙا ٿيا آهيون ته اهي ان وقت جون ۽ ننڍي هوندي جون يادگيريون آهن جيئن مون سمجهيو. ايئن بيان پيو ڪريان، ڇو ته وقت بدلجڻ سان رسمون ۽ رواج به بدلبا رهيا آهن.
اسان جي سيوهڻ جا والي ۽ وارث اهي سادات سڳورا، جيڪي شهر جي ماڻهن جا جهڙوڪر رکوالا هجن، انهن ۾ مٿي ذڪر ڪيل ٻئي خاندان ۽ سيد پير بخش شاهه هاڻي سندس پٽ غلام علي شاهه بخاري، سيد جئندل شاهه لڪياري، آراضيءَ وارو، سيد مراد علي شاهه واهڙ وارو، سيد حبيب شاهه جهانگارن وارو، اهي سڀ سيوهڻ شهر يا تعلقي جا بااثر ۽ پئسي وارا ماڻهو هوندا هئا.
محرم ۾ امامن جي عقيدت سان گڏ سيد سڳورن جو پاڻ ۾ جلوسن جي اهتمام جو مقابلو به هوندو هئو. ته ڪنهن وڌيڪ عقيدت جا جوهر ڏيکاريا! سبزوارين يا لڪيارين؟! مون ذڪر ڪيو ته لڪياري ۽ سبزواري قلندر جي گاديءَ تي براجمان ٿيا. هتان جي بنيادي ماڻهن کي تاثر ڏنائون ته اسان سيد آهيون قلندر به سيد هئو تنهنڪري ان جا وارث اسين آهيون ، مشالچي، جيڪي انصاري، علوي ۽ هندو مذهب جا ماڻهو هئا ۽ اسلام قبولڻ بعد شيخ سڏجڻ لڳا گذريل ڇهن صدين کان قلندر جا ٻهاريدار ۽ عقيدت مند هئا. انهن کي سادات سڳورن ٻهاريدار ئي رهڻ ڏنو.
سيوهڻ ۾ محرم جي موقعي تي پهرين تاريخ کان وٺي ماتمي تقريبون شروع ٿينديون آهن. جن ۾ مجلسون۽ نياز جو اهتمام ڪيو ويندو آهي پنجين تاريخ کان ئي اها سرگرمي وڌي ويندي هئي. ان ۾تابوت جيڪي رات جي وقت ۾ نڪرندا هئا. پنجين تاريخ تي شام جي وقت تقريبن ٽيپهريءَ جو شيخ محله مان امامن سان منسوب پهريون گهوڙو-ذوالجناح نڪرندو هو. جيڪو اسان جي سانڀر ۾ مجيد پنجابيءَ جي گهر ڀرسان نڪرندو هو. سو مجيد پنجابيءَ جي انتظام، سنڀال ۽ نظرداريءَ ۾ نڪرندو هئو ۽ شاهي بازار جي پوئين پاسي کان قنڌاري محلي کان مڙي پيربخش شاهه جي حاويليءَ کان سوني دروازي کان ٿيندو سج لهڻ کان ٿورو اڳ ۾ ڇٽي عمراڻيءَ جي مزار تي اختتام پذير ٿيندو هو.
ڇهه تاريخ شام جو ٽيپهريءَ ويلي بودلي بهار وٽان ذوالجناح جو ماتمي جلوس قاضين جي محلي کان ٿيندو تجر مُقام تي اختتام پذير ٿيندو هو. هن گهوڙي جي سينگار جي ذميواري ميان اختر پيرزادو سرانجام ڏيندو هو. ست محرم تي ذوالجناح سبزواري سيدن جي امام بارگاهه مان سينگارجي نڪرندو هئو، سبزواري محلي کان قلندر جي مزار تي مجلس بعد درگاهه معصوم وٽ پڄاڻيءَ تي پهچندو هئو. اٺ محرم تي ذوالجناح لڪياري سيدن جي امام بارگاهه مشالچي محلي مان نڪري قلندر شهباز جي درگاهه تي پهچندو هئو. اتي مجلس ۽ ماتم کانپوءِ ڪربلا ثابت علي شاهه وٽ اختتام پذير ٿيندو هئو.
نائين محرم الحرام جي رات جو يارهين وڳي لڪياري سادات پاران حسيني امام بارگاهه مان سيج نڪرندي هئي. سيج شهزادي قاسم جي نالي سان منسوب هوندي آهي. نهال شاهه نوريءَ جي گهٽيءَ وٽان لنگهي، ڪجهه وقت لاءِ اتي رکي هي اتان وري ساڳي امام بارگاهه کان واپس ٿيندي، لڪياري سيدن جي پڙ تي جيڪو لعل داس جي ڪافيءَ جي سامهون آهي، گجگاهه علم سميت پهچندي آهي. ان کان پوءِ سيدن جي حويلي سان هڪ ننڍڙي معصوم نياڻي لباس ۾ هٿ تي ميندي رکي عورتن جي وڏي جلوس جي اڳواڻي ڪندي ۽ روئيندي پٽيندي امام بارگاهه حسينيءَ تي پهچندي هئي. ان جلوس پهچڻ شرط روڄ راڙو، ياحسين، هاءِ حسين جو دل ڏاريندڙ آواز امام بارگاهه ۾ سوڳوار ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏيندو هو ۽ پوءِ مينديءَ جون مخصوص رسمون ادا ڪيون وينديون هيون.