ڪي ڪي جيءَ جيئارا ماڻهو.
ڪي ڪي اندر ڪارا ماڻهو.
ڪي ڪي ماکي مکڻ ماڻهو،
ڪي ڪي ٽُوهَه ڪسارا ماڻهو.
ڪي ڪي پارس پاهڻ ماڻهو،
ڪي ڪي يار مَڪارا ماڻهو.
ڪي ڪي بُک ۾ پاهُه ويا ٿي،
ڪي ڪي خُوب متارا ماڻهو.
ڪي ڪي شاهي کاڌو کائن،
ڪي ڪي ڏُٿ گذارا ماڻهو.
ڪي ڪي پنهنجي پاڇي تي ڏين،
باز جيان لامارا ماڻهو.
ڪي ڪي شوخ ۽ چنچل ماڻهو،
ڪي ڪي قرب قرارا ماڻهو.
ڪي ڪي نفرت ساڻ نهارين،
ڪي ڪي چنڊ چڪورا ماڻهو.
صافُ جنين جي نيت ’زخمي‘،
سي ئي آهن پيارا ماڻهو.
ڪي ڪي ڪوسا جهولا ماڻهو.
ڪي ڪي پيار جي ڳولا ماڻهو.
ڪي ڪي سادا سُودا ماڻهو،
ڪي ڪي هر فن مولا ماڻهو.
ڪي سونهن ۽ سوڀيا وارا،
ڪي ڪي باندر ڀولا ماڻهو.
ڪِن جو ناڻو اڻ کُٽُ آهي،
ڪي ته کپائن ڇولا ماڻهو.
ڪي ڪي ٻاهر ٻاڦ نه ٻاڦن،
ڪي ڪي کاڌل کولا ماڻهو.
ڪي ڪي زاهد عابد ماڻهو،
ڪي ڪي رهزن ٽولا ماڻهو.
ڪي ڪي بي رنگ بي بُو ماڻهو،
ڪي ڪي رنگ رَتولا ماڻهو.
ڪي ڪي ڏنگا ڏکيا ماڻهو،
ڪي ڪي سَستا سؤلا ماڻهو.
ڪي ڪي ٽرڙا ٽانءِ ڏسي ٿين،
پنهنجا ئي پاڇولا ماڻهو.
ساڃَهه جن کي سنڌ جي ’زخمي‘،
سي ئي مُڙس پَٽولا ماڻهو.