لُريءَ ۾ غريبن جو سيارو ڏٺو ٿئه؟
ڇا کائيندي تن کي نه ڏارو ڏٺو ٿئه؟
هُجي وِياج رُشوت تي جنهن جو گذارو،
ڪڏهن تنهن کي ڏيندي اُڌارو ڏٺو ٿئه؟
سَرنهن جي ڦولارن ۾ نارين جون جوڙيون،
پَليءَ جي پَٽڻ جو نظارو ڏٺو ٿئه؟
گُهمي ٻين جي محبوب سان ٿو کِلين پر،
رقيبن سان گهمندي پيارو ڏٺو ٿئه؟
ويهي ڪيئن ٿو بنگلن ۾ چمچن سان کائين،
ٿريچن جو ڏانئڻ گذارو ڏٺو ٿئه؟
وٺڻ پيار ۾ يار جو آزمودو!
صُفيءَ تان سَکيءَ جو اشارو ڏٺو ٿئه؟
اديبن جي قدڪاٺ ماپڻ کان پهريان،
سمنڊ جو ڪڏهن ٻيو ڪنارو ڏٺو ٿئه؟
گهڻن ڀائرن تي ڪرين ٿو تون بانور،
امڙ جو اڪيلو سهارو ڏٺو ٿئه؟
ٻاهر رعب جيڪي هٿيارن تي ڪن ٿا،
تنين جيل هٿ ۾ ٻُهارو ڏٺو ٿئه؟
ڪئي ڪيڏي سائنس ترقي آ ’زخمي‘،
اسان وٽ اڃا ڪاري ڪارو ڏٺو ٿئه؟