”هاءِ زمانا.........!“
رسمي خوشين جا پوڄاري!
تلخ حقيقت کان مُنهن موڙي
هٿرادو هن عيد خوشين جي
آشائن ۾
عيد کي سعيد جا نالا ڏيئي
مجروح دل کي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ
گيت گلابي سرجيندو آن،
ويس نوان پهريندو آن،
ڪُوڙ ڪُپت کي دل ۾ سانڍي
سکڻي عيد مبارڪ ڏيئي
ڏهه ڏهه ڀاڪُر پائيندو آن
ڏاڍو رُوح رنجائيندو آن،
ها پر، هاءِ زمانا تون ڀي
ڪيڏو پاپي ٿي ويو آهين،
ڪُوڙ جو ساٿي ٿي ويو آهين!
هُو جو هيڏو ڏوهه ڪري ٿو،
تاريخن سان ڊوهه ڪري ٿو،
پنهنجي ماتر ڀوميءَ تي ڏس،
ڌاريا لانگ بُوٽن سان ڪاهي،
ڪارا قانون هٿ جا ٺاهي
بيٺا آهن لاهي پاهي
سنڌ سڏي ٿي،
سَڏ ٻُڌين ٿو؟
پَڪ سان گُونگو ٻوڙو آهين،
ڏاڍو دل جو سوڙهو آهين،
هُو ڏِس مياڻي، کرڙي، ٽلٽي،
حيدرآباد، ڪراچيءَ جلدي
سرمد ۽ منصور پُڄي ويا
توکي ننڊ مان جاڳائن ٿا،
ڌرتيءَ جي لئه ٻاڏائن ٿا،
سنڌ وڃي ٿي، سنڌ بچايو!
سنڌ امڙ جي ٿڃ ملهايو!
جاڏي ڪاڏي روڄ ۽ راڙا،
پيارُ، امن ٿيو داڙا ڦاڙا،
نياڻين جا رانڀاٽ ٻُڌين ٿو؟
گولين جا گهوگهاٽ ٻُڌين ٿو؟
پوءِ ڀي تون خاموش رهين ٿو!
ها پر، هاءِ زمانا تون ڀي
ڪيڏو پاپي ٿي ويو آهين،
ڪُوڙ جو ساٿي ٿي ويو آهين!
ڪعبي ۾ جن گوليون هَلايون،
تنهنجون تن سان پوءِ به ڀلايون،
پنهنجن دودن مارائڻ لئه،
خلجين کي ٿو گهر ۾ آڻين،
بي غيرت ٿو ڀر ۾ آڻين،
تنهنجو جي.ايم کي ڪنهن ماريو؟
ڀُٽي کي ڪنهن ڦاهيءَ چاڙهيو؟
ٽوڙهي سانحو ڪنهن هو ڪرايو؟
هُو ڏِسُ! مياڻي، کرڙي، ٽلٽي،
ٽامي وانگر وري تپي آ،
ڌاريا وحشي، فاشي ڪُتا،
سنڌ جا وسيلا نُوسي نُوسي،
شايد قابض ٿيڻ ٿا چاهن،
تنهنجي غيرت ڪاڏي وئي آ؟
تاريخن ۾ ڪين پڙهيو ٿئه!
”مَرسُون مَرسون سنڌ نه ڏيسُون“
هوشو شيديءَ وارو نعرو
ها پر، هاءِ زمانا تون ڀي
ڪيڏو پاپي ٿي ويو آهين،
ڪُوڙ جو ساٿي ٿي ويو آهين!
هُو جو سنڌ کسڻ ٿا چاهن
پنهنجا ڀڀ ڀرڻ ٿا چاهن
ڊرل مشين سان ماروماري
توکي لاش ڏيڻ ٿا چاهن
تنهنجي غيرت ڪاڏي وئي آ؟
آواندي تي ماڻهو مارن
پاند به پنهنجا ڪين وسارن
سنڌ جو سڀ ڪجهه داءَ تي آهي
وقت ڏکيو اڄ ماءُ تي آهي
عدليه جا بُحران ڏٺئه ني!
ڇا ٿو سمجهين، ڇا ٿو سوچين؟
روز بِهاري سنڌ اچن ٿا،
کُليا دهشتگرد گهمن ٿا،
سوين سنڌين جا وحشي قاتل،
پيرول تي آزاد ٿين ٿا،
خوشيءَ منجهاران خوب نچن ٿا،
نچي نچي پوءِ هيئن چون ٿا:
”وري به قائد جي آرڊر تي
ساڳيا ساڳيا ڪم ڪنداسين“
ها پر، هاءِ زمانا تون ڀي
ڪيڏو پاپي ٿي ويو آهين،
ڪُوڙ جو ساٿي ٿي ويو آهين!
جاڏي ڪاڏي رشوت خوري
اغوا، بيروزگاري، چوري،
ڌارين جي ڏس داداگيري،
پنهنجن جي ڏِس پيداگيري،
واهه مهانگائي تنهنجا جاوا،
سستو خُون مهانگا سودا،
غريب آهن ڏکن لئه ڄاوا،
جُوئا ۽ منشيات ڏِسين ٿو؟
ٿاڻن جا حالات ڏِسين ٿو؟
ذليل انسان ذات ڏسين ٿو؟
پوءِ ڀي تون خاموش رهين ٿو!
ها پر، هاءِ زمانا تون ڀي
ڪيڏو پاپي ٿي ويو آهين،
ڪُوڙ جو ساٿي ٿي ويو آهين!
بجليءَ جا هِن چور پنجابي،
پوءِ ڀي ٿي شهزور پنجابي،
بجلي، فون جا بِلَ پُڇن ٿا،
ڌرتيءَ واسين ڏنڊ هڻن ٿا،
ورنه زوريءَ جيل وجهن ٿا،
ڪالاڊيم ٿا ٺاهڻ چاهن،
سنڌوءَ کي ٿا سُڪائڻ چاهن،
سنڌ بنجر ٿا ڪرائڻ چاهن،
ڳڻپ شماري ڪيئن قبوليئون؟
داداگيري ڪيئن قبوليئون؟
ماڻهو پنهنجو پاڻُ ٿا ساڙن،
۽ هُو ويٺا سنڌ اُجاڙن،
ڏينهن ڪلهوڪو آهي پيارا
ڌاڙيلن جا خان کڄي ويو
منهنجو ڄڻ ايمان کڄي ويو
ڀاءُ سان ڀاءُ به ايئن ڪندو آ؟
عيد ٻچن سان ڪين ڪرڻ ڏي!
سُک ۾ سانگي ڪين ڏِسڻ ڏي!
اهڙي ڀاءُ تي لعنت آهي،
ها پر، هاءِ زمانا تون ڀي
ڪيڏو پاپي ٿي ويو آهين،
ڪُوڙ جو ساٿي ٿي ويو آهين!
قلم ڌڻين کان لکرائين ٿو ”عيد قصيدا“،
”عيد حقيقي آهي اُن جي
جنهن سان گڏ گڏ دلبر هوندو
ديد سان ديد ملي ٿي جنهن جي
سوئي عيد ڪندو آ هتڙي“
ها پر هاءِ زمانا ٻُڌ تون!
عيد حقيقي اُن جي آهي
جيڪو امن جي لاءِ وڙهي ٿو،
جيڪو سنڌ جي لاءِ ڪڙهي ٿو،
جيڪو سچ جي لاءِ وڙهي ٿو،
جيڪو سُونهن جي لئه جهيڙي ٿو،
جيڪو حق جي لاءِ وڙهي ٿو،
غلام قومن جون ڪهڙيون عيدون؟
امن سوا هن ڪهڙيون عيدون؟