”ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا“
ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!
ڪهڙو تنهنجو مانُ وڏيرا!
هارين کي ٿو هيڻو سمجهين، پاڻ کي پاڻ ٿو ٻيڻو سمجهين،
ڪُک ۾ لڳندءِ ڪانُ وڏيرا، ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!
هاري ناري ڏاٽا کڻندا، تُنهنجي سِرَ کي نيٺ ته لُڻندا،
لهندو پوءِ ارمانُ وڏيرا، ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!
ووٽ وٺڻ لئه واڇُون ٽيڙي، تَرَ سڄي جا ماڻهو ميڙي،
ٿيندو آن مهمان وڏيرا، ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!
تنهنجي غيرت آههِ مَري وئي، ويٺل نياڻي ڪالهه ڀڄي وئي،
ڇا جو آهين خانُ وڏيرا، ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!
تون ته شرابي آهين زاني، چورن جي پڻ آهين ناني،
آهين ڪو شيطانُ وڏيرا، ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!
هاريءَ جو اَنُ سڀ کڻي وئين، ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙِ هڻي وئين،
ناهين ڪو انسانُ وڏيرا، ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!
تُنهنجي ٿاڻيدار سان ياري، ڀَوَ کان ڪرائين اَرڏو هاري،
سؤ ڏهَه ۾ چالانُ وڏيرا، ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!
ڪُوڙا کاتا ڀي ٺهرائي، مسڪينن جا گهر ڊهرائي،
ڳوٺ ڪيئه ويرانُ وڏيرا، ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!
ڏينهن ڏٺي منشيات هلائي، اغوا، ڦُر ڀي جامُ ڪرائي،
قومَ جو ڪيئه نقصانُ وڏيرا، ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!
مسڪينن جا ننگ ٻَڌائين، ٿاڻي تي ٿو ويمَ ڪرائين،
بيشڪ آن بيمانُ وڏيرا، ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!
رِڇَ ڪُتا ويڙهائڻ ڄاڻين، ڪُڪڙن کي ڦڙڪائڻ ڄاڻين،
ساسِين جو ڪر ڌيانُ وڏيرا، ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!
خانگي جيل هَلائي ڏانئڻ، مارُو قيد ڪرائي ڏانئڻ،
ٿيندو آن مستانُ وڏيرا، ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!
ٿاڻي تي ٻَڌ ڇوڙ ڪرائي، عيش لئه پئسا خوب ڪمائي،
آهين ڪندو احسانُ وڏيرا، ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!
ڌاڙيلن جو ساٿاري تون، آهين هَلائيندو پاٿاري تون،
ٻين تي ڇو بُهتانُ وڏيرا، ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!
ايڪويهين صديءَ ۾ داخل ٿيون ٿا، پوءِ ڀي توکي پيرين پَئون ڇا،
غارُ ڪندئي رحمانُ وڏيرا، ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!
نيٺ ٻه پاڻي توسان ٿيندا، ڏکَ ڏولاوا جان ڇڏيندا،
ٿيندو کَڙو طوفانُ وڏيرا، ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!
’زخمي چانڊيو‘ نالو آهي، ڪُوڙ ته ڪڏهن لِکندو ناهي،
ڇو ٿو ٿئين حيرانُ وڏيرا، ڪهڙو تنهنجو شانُ وڏيرا!