محبت درس آ جن جو، اڱڻ تن جي اچڻ گهرجي.
گهرائن جي سڏي سڪ مان، تڏي تن جي وڃڻ گهرجي.
مخالف اُن لڏي جا هُون، ضميرن کي جي وڪڻن ٿا،
رُٺل سنگت به پنهنجيءَ سان، هتي گڏ ٿي هلڻ گهرجي.
ڇتي تنقيد ڀلجان ڪر، مگر ترديد کان اڳ ۾،
توکي چُهنڊڙي ڪُک جي، سڄڻ هلڪي سَهڻ گهرجي.
مُخالف ڊئم جا ناهيون، آهي ڏک چالبازيءَ جو،
بلاشڪ هو ٺهي پر، ٿر ۽ ڪاڇي ۾ ٺهڻ گهرجي.
جُڳن کان عيب ٿا سمجهن، سڏائڻ پاڻ کي سنڌي،
گُهرن ٿا سنڌ جو اڌُ ڪيئن! ٻُڏي تن کي مرڻ گهرجي.
ڏسو ڪُرسيءَ جي خاطر ڪيئن، هلي ٿي هيڏي ڄُنڊاپَٽ،
اهو لاشن جي سياست جو، وڏو بُت آ ڊهڻ گهرجي.
ويهاريل جيڪي نياڻيون هِن، وڏيري پِير مُرشد جون،
ڪيرائي ڪوٽ ظلمت جا، الا تن کي ڀڄڻ گهرجي.
زخم ايڏا نه ڏي پيارا، سهڻ جي سگهه نه ’زخميءَ‘ کي،
خدا جي خوف کان ڀي ڪجهه، پرين توکي ڊڄڻ گهرجي.