”عيد مبارڪ“
عيد جي
ڏينهن وڏي تي سائين
عيد مِلڻ لئه گڏ ٿيا آهيون،
ڀاڪر پائي هڪ ٻئي کي ٿا
عيد مبارڪ يار ڏيون،
پر
مان توکان عيد جي ڏڻ تي
پيارا هڪڙي ڳالهه پُڇان ٿو،
مون کي ڀي تون پنهنجو سمجهي
مونسان هڪڙي ڳالهه سچي ڪر:
”ڇا تون پنهنجي ڌرتيءَ تي
امن ۽ شانتي ساڻ
رهين ٿو؟
شهرن ۾ ڏِسُ روزانو ڪيئن
دهشتگرد ڪلهوڪا آيل
بارودن جي بُوءِ اُٿاري
خون وَهائي آدم جو ڪيئن
اڌ اڌ سنڌ ڪرڻ ٿا چاهن،
مسجدون، سُواريون
توڙي پريسُون
رت سان هن رنگين ڪيون ويون.“
پنهنجو سمجهي مون کي پيارا
هڪڙي مونسان ڳالهه سچي ڪر:
”پنهنجن توکي
ڀاڪر پائي
ڀالا ڪُک ۾ ڪونه هنيا هِن؟
ٻهراڙيءَ ۾ روزانو ڏِسُ
اغوا، ڦُر ۽ ڌاڙا آهن
گهر گهر روڄ ۽ راڙا آهن،
جهيڙا قبيلائي به وڌي ويا،
ذات پرستيءَ جي آڙاهه ۾
گولين جو بَکُ ماڻهو ٿين ٿا،
ويڙهن جا ڏِسُ ويڙها ٿين ٿا،
هڪڙي گهر جا ڀاتي ٿين ٿا،
ڇا هي قومي وحدت جو
نقصان نه پيو ٿئي؟“
ها پر!
مون کي پنهنجو سمجهي
هڪڙي مون سان ڳالهه سچي ڪر:
جمهوريت جي آڙ ۾ توسان
ڪيڏا ڪيڏا ويل ٿيا هن
تنهنجي سنڌوءَ تي ٿا سائين
ڊيم اڏائڻ چاهن زوري
سا آ ڳالهه اسان لئه ڳوري،
پوءِ ڀي ڊيم ٿا ٺاهڻ چاهن،
سنڌ بنجر ٿا ڪرائڻ چاهن.“
ها پر!
مون کي پنهنجو سمجهي
هڪڙي مون سان ڳالهه سچي ڪر:
سنڌي ماڻهو قابل هوندي
بيروزگاريءَ بُک وگهي ٿا
فاقا ڪاٽن
ڪن ته وڃي
خودڪشيون ڪيون هن،
ڪي ته وڃي ڌاڙيل بڻيا هن،
لوئي لڄ به ثابت ناهي
پنهنجي پير، وڏيري ۽
پاپي پوليس جا تو ڪڏهن
ڪُڌا ڪرتوت ڏٺا هن
تن جي ڪهڙي
ڳالهه ٻُڌايان!“
ها پر!
مون کي پنهنجو سمجهي
هڪڙي مون سان ڳالهه سچي ڪر:
روزا نمازون
فرض الله ۽ پاڙي جا سڀ
پورا ڪيا ٿئي؟
انگ اُگهاڙن، مسڪينن کي
کارايو ٿي کاڌو پيتو؟
پارايو ٿي نئون ڪو جوڙو؟
منهنجون ڳالهيون
سڀ مٿيون جي سچيون آهن،
توکي پوءِ هي
واجب ناهي،
ويس نوان تون پائي پيارا
کائي ست رش طعام نيارا
منهن تي ماسڪ جون هي ڪوڙيون
مرڪون ميڙي، واڇون ٽيڙي
ٻانهون پکيڙي
ڪيئن چوين ٿو؟
عيد مبارڪ! عيد مبارڪ!