شاعريءَ جي حضور ۾....
ماءُ جي مقدس مامتا ۽ محبوبا جي لازوال مُرڪَ جهڙي شاعري!
اڄ مان توسان گهاريل زندگيءَ جي اڻٽيهن سالن ۾ پهريون ڀيرو مخاطب ٿي رهيو آهيان. جيتوڻيڪ اِهو احساس شدت سان اٿم ته اُهو گذاريل سمورو عرصو، تو سدائين مون تي ٻاجهه جو هٿ رکيو آهي ۽ هڪ پل به مون کان پري نه ٿي آهين؛ خاص طور انهن گهڙين ۾، جيڪي منهنجي اذيت ۽ وحشت جون گهڙيون رهيون آهن.
مان پنهنجي عمر جا باقي بچيل، اُهي تيرنهن سال الڳ ڪري رکان ٿو، جن جي گذارڻ کان پوءِ ئي توسان مُکاميلو ٿيو هئو.
عمر جي هر پل جو وِچورُ، اڄ تنهنجي آڏو ظاهر ڪرڻ چاهيان ٿو، ڇاڪاڻ جو شايد اهڙو ليکو چوکو عمر جي آخريءَ گهڙيءَ تائين ڪنهن سان به ڪري نه سگهان، يا پاڻ ۾ اهڙو سَتُ ساري نه سگهان. سبب انيڪ ٿي سگهن ٿا، پر پنهنجي زندگيءَ جو سمورو سچ تنهنجي آڏو آشڪار ڪندي، ڀانيان ٿو ته ايندڙ زندگي گذارڻ مون لاءِ وڌيڪ سهنجي ٿي پوندي، مان وڌيڪ اعتماد ۽ اطمينان سان تنهنجي پاند جي پناهه هيٺ جِي سگهندس.
ٻيءَ طرح جيئڻ لاءِ ڪنهن شخص کي ڪيتريون ئي مختلف پناهون نصيب ٿي سگهن ٿيون، جن سڀني کي مون تياڳي ڇڏيو آهي.
اڄ مون کي محسوس ٿِي رهيو آهي ته زندگي ڏُکي ئي آهي، پر لفظ پنهنجي ليکي وڌيڪ ڏکيا ۽ مشڪل هوندا آهن، انهن جي معنيٰ ۽ مفهوم کي فقط پنهنجي درد جي احساس ذريعي ئي سمجهي سگهجي ٿو.
زندگيءَ جو منظرنامو، جڏهن درد جي ڪَرب نامي جي صورت اختيار ڪندو آهي، تڏهن لفظ به ساٿ نڀائي نه سگهندا آهن ۽ فقط ڳوڙها ئي لفظن جو روپ ڌاري من جي مڪمل مَير کي ڌوئي، اندر کي اُجرو ڪري ڇڏيندا آهن.
جڏهن اڪيلائپ ماڻهوءَ جو مقدر بڻجي پوندي آهي، من ايڪانت جي ڌنڌ ۾ هٿوراڙيون هڻڻ لڳندو آهي ته انهيءَ ڪشمڪش ۾، جيڪي پهريان پهريان لفظ جنم وٺندا آهن، انهن کي ئي شاعري چئجي ٿو.
جيڪڏهن شاعري فرد جي ويڳاڻپ سان واسطيداري نه ٿي رکي يا اُن جي اندر جي آٿت جو سبب نه ٿي بڻجي ته اُن شاعريءَ کي دنيا جي عظيم تخليق چوڻ اڻڄاڻائيءَ کان سواءِ ڪجهه به نه هوندو، اهڙي پڪ آهي.
چيو ايئن ويو آهي ته، ”پٿر ۾ لڪل سڊول جسم موجود هوندو آهي.“
منهنجو مڃڻ اِهو آهي ته سنگتراش جي جذبي ۽ ذهن ۾ ڪو به حسين مجسمو پهرين جنم وٺندو آهي. ها! اُهو فنڪار ان جسم جا غيرضروري پٿر پنهنجي ڇيڻيءَ ۽ هٿوڙي سان ضرور هٽائيندو آهي، پر اُهو جسم حقيقت ۾ سنگتراش جي ذهن جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ اڳ ئي جنم وٺي چڪو هوندو آهي.
چترڪار جي ساڌنا رنگن جي چونڊ کان پهرين پنهنجي درد جي اڪيليءَ رياست ۾ رُلندي آهي. اِهو ڀٽڪاءُ يا آوارگي آرٽسٽ جي ڪُل ميراث به آهي ته اُن جي اَشانت من جي شانتي ۽ آنند پڻ.
درد جي سمفنيءَ جو پهريون ۽ آخري سِرو موسيقار جي من جي خاموش ڪُنڊن ۾ ڪنهن آبشار وانگر پهرين ڦُٽندو آهي.
ڇڙواڳ سُرن جي تخليق، ترتيب ۽ تقسيم موسيقار جي من جي وياڪُلتا سان ئي واسطو رکي ٿي.
نِرتُ، آس پاس جي ماحول/ مانڊاڻ کان پهرين نرتڪيءَ جي ساهه جي سرگم ۾ پيدا ٿيندو آهي. لئي/ تال جو بدني مظاهرو روح جي رياضت کان پوءِ ئي جڳ جي لاءِ مسرت ۽ سڪون جو سبب بڻجندو آهي.
سوال اِهو آهي ته ڇا ڪو به آرٽسٽ اندر جو عياش هوندو آهي يا انهيءَ جِي ڪَهل جي ڪرم سان به ڪا وابستگي هوندي آهي؟ ڇو جو هڪ حساس دل آرٽسٽ جي پهرين ۽ آخري پناهه گاهه درد جي غارِ حِرا ئي هوندي آهي.
درد زندگيءَ جي محرڪ قوت ۽ اُن جي سندرتا جو آئينو هوندو آهي، درد زندگيءَ جي سڦلتا آهي. درد جي ميريءَ ۽ ڌنڌليءَ سانجهه جو سفر به انهن کي ئي نصيب ٿيندو آهي، جن کان قدرت/ فطرت کي گهڻو ڪجهه وٺڻو هوندو آهي.
درد پَيري آهي؛ زندگيءَ جي چور دروازن تائين پُهتل سڀئي پير هُن ليڪي رکيا آهن. هن جي ليڪي پاتل سچ کي وقت لنوائي نه سگهندو.
درد اُهو ڀاڳوند ڀاڳيو آهي، جيڪو پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي به پنهنجي اڻهوند ۽ خاليپڻي منجهان گهڻو ڪجهه حاصل ڪري وٺندو آهي ۽ ان حاصل ڪيل اندر جي خوشحاليءَ مان هُو پنهنجي آس پاس کي اَڻ ميو ارپي به سگهندو آهي.
درد جي سلطنت جي سفير جو بوئنگ جهازُ هر انهيءَ apron تي لهي سگهندو آهي، جنهن جي ڪليئرنس دنيا جي ڪا به اٿارٽي نه ڏئي سگهندي آهي.
دائميت رڳو درد کي ئي حاصل رهي آهي، جنهن ڪري درد قديم کان قديم ۽ جديد کان جديد رهندو پئي آيو آهي، جيڪڏهن ايئن قبول ڪجي ته، جديد ان ڪري جو اُهو اسان جي حال ۾ موجود آهي ۽ قديم ان ڪري جو اُن ۾ هر قديم محبت جي سچائي ۽ امرتا اَوسِ رهندي پئي آئي آهي. ٻيو سمورو ڪجهه هن پوڙهيءَ ڌرتيءَ تي عارضي آهي، جَرَ تي ڦوٽي جو ڏيک آهي، جيڪو لهرن ۽ هوائن منجهه اڌ ٿيڻو آهي.
درد جي امانتدار جو جيڪڏهن ڏَسُ، پَتو پُڇڻو آهي يا درد جي انت کي معلوم ڪرڻو آهي ته گوتم جي گفتگو کي ٻُڌڻو ئي پوندو!
گوتم پنهنجيءَ خوبصورت ونيءَ يشوڌرا ۽ پنهنجي معصوم پُٽ راهل سان هڪ ئي پلنگ تي اگهور ننڊ سُتل هئو. داسيون نِندرا ديويءَ جي چرنن ۾ پنهنجون ڦول مالهائون، جنهن سمي ارپڻ ڪري رهيون هيون ۽ چاندني وڻن مٿان وسي رهي هئي، گوتم اچانڪ سجاڳ ٿي، پنهنجي هڪ داسيءَ کي ساڻ ڪري، راڄ محل کان ڪجهه ڪوهه پري پنڌ ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي چوٽي پنهنجي ئي تلوار سان ڪَٽي، پنهنجي راڄائي پوشاڪ لاهي، عام رواجي ڪپڙا اوڍي، پنهنجي تلوار، پوشاڪ ۽ اڙل وڇيرو پنهنجيءَ داسيءَ کي ڏيندي چيو ته، ”گهروارن کي ٻڌائجانءِ ته جيستائين درد جو انت نٿو معلوم ڪريان، گهر واپس موٽي نه ايندس.“
درد جي پويان ايئن اُتاولو ٿي لڳي پوڻ، سُکَ ــ سپنن کي تياڳ ڏيڻ، درد کي ئي پنهنجي لاءِ اُتم سمجهڻ، ان جي سُرهي ساٿ کي پنهنجي لاءِ قيمتي وٿُ سمجهي، درد جي ئي مالها سورڻ، ڪشٽُ ڪَٽڻُ، ڪو سڌارٿ ئي اهڙيءَ منزل جو مُتلاشي ٿي سگهي ٿو، ڪنهن عام پُرش جي پهچ کان اِهو سڀ ڪجهه پري آهي.
امرتا فقط درد کي حاصل رهي آهي.
هر اُهو آرٽسٽ جيئدان پائي سگهي ٿو، جيڪو درد جي آئيني ۾ پنهنجي اصل صورت کي ڏسي سگهڻ جو ستُ ساري سگهندو آهي.
شاعري! تون آئينو ته نه آهين، پر آئيني تي ڀنڀليل جهرڪين جو پاڻ سان ئي اُٿاريل جهڳڙو، شور ۽ غُصو ضرور آهين!
اڄ جڏهن مان زندگيءَ جون ايڪيتاليهه بسنتي باکون ماڻي ۽ پن ڇڻ جون ايڪيتاليهون سانجهيون ڀوڳي چُڪو آهيان، تڏهن شدت سان محسوس ڪيو اٿم ته پاڻ سُڃاڻي، پاڻ سان ئي تِکو مِٺو ٿيڻ، خودڪلاميءَ جي ذريعي به ممڪن ٿي سگهي ٿو ته مهاوير وانگي ايشور جي وجود جو قائل نه رهي ڪري، روح جي وجداني قوت جي ذريعي به ٿي سگهجي ٿو.
اهو سچ آهي ته، شاعري تونPersonal History به هوندي آهين! جنهن تخليق ۾ ذات جا الميا، سور سپنا، وڍ واڪا، بي واجبيون، تلخيون، چهڪ چير، سزائون ڪٿائون، جبر، رشتا ناتا، تڪليفون، اهنج ادائون، روڳ رسوايون، زخم ۽ لُڙڪ نه آهن ته اها تخليق تنهنجو اصلوڪو روپُ ڌاري نٿي سگهي، پوءِ ڀلي اُها پنهنجون سڀ خوبيون پوريون ڪندي هجي، پر اُها پنهنجي دؤر جي سچ کي ڪڏهن به پائي نٿي سگهي!
شاعري! تون درد جي مياڻ مان نڪتل اُها تِکي تلوار آهين، جيڪا هر دؤر جي تارونءَ تي ترندي رهندي آهي، ڇاڪاڻ ته دردُ ئي هر دؤر ۾ پنهنجيءَ، پنهنجيءَ نوعيت سان موجود رهندو پئي آيو آهي.
مون سدائين درد جي ذائقي کي چکيو آهي ۽ نمڪين چاهتن پويان ڊوڙندي، هر ڀيري زخم جي گلاب کي پنهنجي ڇاتيءَ تي ٽڙيل ڏٺو آهي.
جيڪڏهن شاعري! تون ذات جي ڪٿا آهين ته پوءِ هيءُ سڀ ڪجهه تنهنجو روپُ سروپُ نه آهي، پر منهنجي ذات جي چوڌاري گُهلندڙ هڪ اهڙي سرد هوا آهي، جنهن ۾ ڪا به خبر نٿي پوي ته ڪٿان ڪهڙا سُڪل پَنَ، ڪٿان ڪهڙي نراسُ مهڪ ۽ ڪٿان ڪهڙي اداسُ زردُ موسم اڏامي آئي آهي، جنهن جو مان ڪڏهن به تمنائي نه رهيو آهيان، اهو سڀ حادثاتي عمل ئي چئي سگهجي ٿو، ٻيءَ طرح ڪٿي تنهنجي شهنشاهي ۽ ڪٿي منهنجو شعور!
اي شاعري! زندگيءَ جي ڌُٻڻ ڪهڙي ٿيندي آهي، اُها هاڻ ڏسي چڪو آهيان.
ڪنڊو گلاب جي ڀر ۾ ڇو هوندو آهي، يا گلاب جو گل ڪنڊي جي لڳو لڳ ڇو ڦُٽندو آهي يا گلن هوندي آڱريون ڇو رَتو رتُ ٿينديون آهن، انهيءَ جو هاڻ ڳجهه ڳولي لڌو اٿم.
منهنجي اتساهه جو سبب دردُ ئي رهيو آهي. دردُ ئي اتساهه ڏيندي پاڻ ڏي ڇڪيندو رهيو آهي، درد ئي پنهنجي دولت ۽ توانائي ارپي ڇڏي آهي، دردُ ئي نين علامتن، نون استعارن ۽ ڪناين ڏي وٺي آيو آهي، درد ئي نيون زمينون ۽ آسمان ڳولي ڏنا آهن، دردُ ئي نئينءَ سوچ جي سلسلي جو سرجڻهار آهي.
ڀرتري هريءَ، ٽئگورَ، بهادر شاهه ظفر ۽ ٽالسٽاءِ جي اشانت مَنَ جي اُها ڪهڙي لُڇَ پُڇَ هئي، جنهن انهن کي سنساري طور سڀ ڪجهه هوندي به سُک سان سئين لڱين سمهڻ نه ڏنو.
مون به اڪثر پنهنجي اندر جي آرٽسٽ کي گهڻا ئي ڀيرا گُهٽا ڏنا آهن، سُمهارڻ جون انيڪ ڪوششون ۽ جَتن ڪيا آهن، پر هي بيچين چِتَ جون چِڻگون آهن، جيڪي ٿڌي ٿيڻ لاءِ تيار ئي نٿيون ٿين.
ڄَر ۾ ڄرڪڻ ئي منهنجي مٽيءَ جو مجاهدو آهي، جڏهن ته منهنجي مَن جون ماڻڪيون مشاهدي ماڻڻ لاءِ سدائين کليل رهيون آهن.
درد ئي مون کي هميشه موهيو آهي ۽ موهيندو رهي ٿو، Enchantive Sarrows ئي شاعريءَ جو رستو ڳولي لهن ٿا، تڏهن ئي ننڊ سان دشمني ۽ درد سان دوستي رکڻي پئي آهي.
درد جو Flavor دنيا جي ڪنهن به پاسپورٽ اسڪاچ کان وڌيڪ Smooth ۽ سُرور ڀَريو آهي.
شاعري! تنهنجي ۽ شرابَ جي رشتي ڳنڍي رکڻ جي روايت، جيتوڻيڪ ننڍي کنڊ ۾ دهليءَ جي ’گلي باران قاسم‘ کان وٺي، سکر جي ’جنات بلدنگ‘، ’ڪوئنس روڊ‘ ۽ ڪراچيءَ جي ’ڪلفٽن برج‘ تائين ساڳي رهي آهي، جيڪا هاڻ درد جي تقاضا به آهي، ته التجا پڻ!
چئي نٿو سگهجي ته ڪنهن وقت ڌيان جو دُئارُ، درد جي دستڪ تي کُلي پوي ۽ شاعري! تون اُجين جي شهزادي جيان من جي محل ۾ پيهي اچين!
اڄ پنهنجي سموري اعتماد سان چوڻ چاهيان ٿو ته، مان شايد توکان وڌيڪ ڪنهن سان به ايماندار ۽ وفادار نه رهيو هجان! انهيءَ ڪري توکي به مون سان ڪڏهن ۽ ڪا به شڪايت نه رهي آهي.
تو مون تي هميشه مٺيءَ ماءُ وانگر مِهَر ڪئي آهي، سنڀاليو آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته بچائي به ورتو آهي.
جڏهن جڏهن به وقت اڪيلائيءَ جي آڙاهه ۾ اُڇلايو آهي، تڏهن تڏهن تون مون تي اگهاميل دُعا وانگر لٿي آهين!
تنهنجا مون تي اڻ ڳڻيا احسان آهن، جيڪي ڳڻائي نٿو سگهان، مان جيڪو ڪجهه آهيان ۽ جيئن به آهيان تنهنجي ڪري ئي آهيان ۽ چاهيان ٿو ته ايئن ئي رهان! اها به شايد تنهنجي رضا ئي آهي!
تون مون کي هميشه مٿاهون ڏسڻ چاهين ٿي، نه ته منهنجي سفارش جو ڪڏهن به ٻيو ڪو سبب نه بڻجي ها!
مون توسان ڪڏهن به مصنوعي ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي ۽ تنهنجي آڏو پنهنجي زندگيءَ جي پرديداريءَ کي ڪڏهن به پسند نه ڪيو آهي. زماني سازيءَ جا اڳ پردا گهٽ آهن، جو ڪنهن وڌيڪ اوڇڻ جو ارادو رکجي!
مون توسان ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهايو آهي، توسان سدائين پنهنجي اندر جي اهنجن جو اورڻ اوريو آهي.
مون سدائين تنهنجو وقت تولاءِ ئي وقف ڪيو آهي. وني ۽ ٻارڙا اُن لمحي تنهنجي عبادت گاهه کان ٻاهر هوندا آهن. انهن جو احترام، محبت، چاهنا، احساس، سنڀال ۽ ذميواريءَ کي اول ترين ترجيح سمجهان ٿو. (سمجهڻ به گهرجي) اولاد کي ئي پنهنجو حصو ۽ آئيندو سمجهندو رهيو آهيان. نياڻين کي قدرت جي رحمت ۽ پُٽن کي فطرت پاران مليل اعزاز ڀانيو اٿم.
ڪنفيوشس چيو هئو ته، ”انسان اُهو آهي، جيڪو سڀني سان محبت ڪري، احسان اُهو آهي ته ماڻهو ٻين سان اهڙو ئي سلوڪ ڪري، جهڙي سلوڪ جي هُو ٻين کان پنهنجي لاءِ توقع ڪري ٿو.“
چنڊ جو تمنائي رهيو آهيان، ملڻ کي هڪ دائرو ۽ وڇڙڻ کي ڪائنات سمجهي قبول ڪيو اٿم. ڳولا کي ئي زندگيءَ جو ڳُڻ ۽ پنهنجي لاءِ خوشيءَ جو خزانو ڀانيان ٿو، اهڙيون انيڪ شيون ۽ انهن جي ڄاڻ تنهنجي ذريعي ئي حاصل ڪري سگهيو آهيان.
شاعري! تون ته سمجهين ٿي ته ايڪيهين صديءَ جو نئون ڪئنواس، آيل عالمي تبديلين پٽاندڙ ئي جُڙي راس ٿي رهيو آهي.
نسلي، گروهي ۽ لساني تعصب گذريل صديءَ کي جيڪو ڦُريو، لُٽيو، چيريو ۽ ڦاڙيو آهي، انهن گهاوَن جا نشان اڄ جي انسان جي معصوم ۽ بيوس چهري تي ظاهر ٿي بيٺا آهن، جن کي ڀريندي ڀريندي اڄ نَون تضادن، سوالن ۽ جوابن جنم ورتو آهي.
اڱڻ ڪنهن جو به هُجي، پر اُهو پنهنجي اڱڻ کان ڪنهن به ريت ڪوجهو ۽ گهٽ نه سمجهڻ گهرجي.
ڌرتي ڪنهن جي به هُجي، پر جيڪا ڇِڪَ ۽ مهڪ پنهنجي ماتر ڀوميءَ منجهان ماڻي سگهجي ٿي، اهڙي ئي خوشبوءِ ۽ انهيءَ جي امرتا جو احساس ڪنهن به پل، ڪنهن به مٽيءَ منجهان محسوس ڪري سگهجي ٿو. ڪنهن به ماءُ جو احترام، پنهنجي ماءُ جي احترام برابر ئي هوندو آهي.
ماکيءَ جو ميٺُ سڀني جي لاءِ هڪ جهڙو ئي هوندو آهي.
هوا آزاد آهي، انهيءَ جي حد نشان جي خبر فقط خلائن منجهان ئي لڳائي سگهجي ٿي.
چنڊُ فطرت جو فانوس ته سڀني جي لاءِ ئي آهي.
سمنڊ دنيا جي سڀني عاشقن جي لاءِ هڪجهڙي اتساهه جو سبب پئي رهيو آهي.
بُکَ جو رنگ سڀني جي لاءِ ساڳيو ئي آهي.
آسمان جي ڪشادگيءَ آڏو ڪير پنهنجون اکيون ٻوٽي سگهي ٿو.؟
ها! اُها ٻي ڳالهه آهي ته سڀ کي پنهنجي پنهنجي ريت، پنهنجي ڌرتي، پنهنجا پيغمبر، سپنن جي پنهنجي مالها، پنهنجي دلدل، پنهنجو رستو، پنهنجي منزل ۽ پنهنجا پنهنجا گهاوَ هوندا آهن.
جيڪڏهن ڪنهن لمحي محسوس ڪجي ته سُور جي سَٽَ جو احساس ۽ عالمگيريت جي اُڻ تڻ، جيڪا ڪالهه ڪافڪا، موپاسان، البرٽ ڪاميو، آسڪروائيلڊ، ماريا رلڪي، زاڪ دريدا ۽ رولان بارٿ جي هانوَن ۾ هُري هئي، اڄ به اُها ئي شدت گارشيا ماڪيز، ٽرانسٽومر ۽ سيمس هيني جي ڇاتيءَ ۾ دل وانگر ڌڙڪي رهي آهي.
۽ اسان جو ڀٽائي!
جنهن داخليت جي مقام کان مٿڀرو ٿي، فرد کي فراريت کان بچائي ورتو آهي، اها يا ته اعليٰ فڪر جي وشالتا آهي يا ٻوليءَ جو وسيع پڻو، جنهن ٽن صدين جي وڇوٽيءَ کي ختم ڪندي، ان کي اڄ جي درد جي ڪيفيت سان ڳنڍي ڇڏيو آهي.
پهرينءَ ۽ ٻينءَ مهاڀاريءَ جنگ ۾ جيڪو رَتُ وهايو ويو، اهو اڃا تاريخ جي سُفيد ڪفن تان سُڪو نه آهي.
برف پوش پهاڙن مان هٿ آيل انساني مُردا ۽ انهن جون هراسيل اکيون گواهَه آهن ته انسان بنيادي طور تي حيواني جبلت منجهان پوريءَ ريت جان ڇڏائي نه سگهيو آهي.
قرآن ۾ آيل آهي ته ” لَاۤ اِكْرَاہَ فِی الدِّیۡنِ ۟ۙ “ دين جي باري ۾ ڪو به جبر نه آهي، پر ڀانت ڀانت جي رياستن ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، انهيءَ کان ڪهڙي اک چشم پوشي ڪري سگهي ٿي؟
”رسول اڪرم عالمگيريت، اتحاد، محبت ۽ مساوات جي تعليم ڏئي ٿو، نفرت، عداوت ۽ تعصب کي ختم ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو.“
اڄ مان سوچيان ٿو ته شاعري! جيڪڏهن تون عالمي ڪلچر جو حصو نه ٿي سگهندينءَ ته تون اگهامڻ جي لائق نه رهي سگهندينءَ! پر اهو وسارڻ نه گهرجي ته عالميت جي اهڃاڻ جو آواز به انهيءَ شاعريءَ منجهان اُڀري سگهي ٿو، جيڪا شاعري پهرين پنهنجي ڌرتيءَ جي درد جي دانهن کي سمائي سگهندي.
پنهنجي ذات بابت ڪيل قياس آراين کان چڱيءَ ريت باخبر رهندو پئي آيو آهيان.
ڪِنِ جي سوچ / ويچار موجب نئون نڪور، ته ڪِنِ جي ڄاڻ / سمجهه پٽاندڙ بنهه انهيءَ جي ابتڙ!
ڪِن جي سامهون کليل ڪتابُ ته ڪن جي لاءِ وڇوٽيءَ سبب ڏِٺِ ۽ پرولي رهيو آهيان.
ڪي Positive ته ڪي Negative سمجهندا رهيا آهن.
ڪِن چڱو ته ڪِن مَٺو سمجهيو آهي.
مون ڪڏهن به پاڻ کي کير سان وهنتل هجڻ جو ڀرم نه پاليو آهي. هڪ ساڌارڻ شخص جيان ڳُڻن ۽ اَوڳُڻن جو مجموعو ئي رهيو آهيان.
دنيا جي ڪنهن به تخليق يا ڪلاتمڪ رچنا تائين رسائي ممڪن ٿي سگهي آهي ته انهيءَ کي اول ۽ آخر تخليقيت جي ڪسوٽيءَ تي ئي پرکيو اٿم.
علم جي آبشارن ۽ ادب جي چشمن جو Transparent پاڻي ڪوهستان جي قديم پهاڙن ’هوٿياڻو‘، ’سُنبڪ‘ ۽ ’سورجاڻ‘ جي سِرهَه (Ibex) وانگر وقت جي نٽهڻ اُس ۾ ڊُڪي ڊوڙي واپرايو اٿم.
شاعري! مان توکي پنهنجو لباسُ نه، پر پنهنجي بُت جي چمڙي سمجهان ٿو. لاهيان، لاهي نٿو سگهان.
شاعري! تو مون کي جيڪي ڪجهه ڏنو آهي، ان کي پنهنجو موروثي حق سمجهڻ مون لاءِ ڏاڍو ڏکيو آهي. ان کي فقط قدرت جي نوازش سمجهي قبول ڪيان ٿو. تنهنجو سڱ نه هجي ها ته شايد ڪڏانهڪر زمين دوز هجان ها.
هر ڀيري توئي پنهنجو سٻاجهو هٿُ هٿَ ۾ ڏئي آفتن کان پناهه ۾ رکيو آهي.
مون کي جيڪو ڪجهه ڳالهائڻو/ چوڻو هو يا آهي، اُهو مان سڀ ڪجهه تنهنجي ذريعي اظهاري چُڪو آهيان.
هي ڪتاب تنهنجي روپَ/اسلوبَ ۾ ضرور آهي، پر هي ڪتاب منهنجي وجود جي مهاڀارت به آهي ته منهنجي اندر جي آتم ڪٿا پڻ.
هڪ يُگَ جي يُڌ جي مڪمل ڄاڻ انهيءَ کي ٿي سگهي ٿي، جنهن وٽ اشوڪا جهڙي پرمپرا هوندي آهي.
مان پاڻ پنهنجي اظهار منجهان سوڳوار ڌنن ۽ شادمانن جي شهناين جو آواز ٻُڌندو رهيو آهيان. مختلف ڪيفيتن ۽ الڳ الڳ حالتن جا جُهڙَ جِهمندي ڏٺا آهن. سڀني سان مون کي هڪ جيترو لڳاءُ ۽ روحاني ويجهڙائي رهي آهي.
مان سُکن ۽ دُکن جون مهربانيون ۽ انهن جا ٿورا مڃيندو رهيو آهيان ۽ انهن سڀني جو احسانمندُ آهيان.
سور جو هر صفحو، سُکَ جو سبق سمجهي ياد ڪيو اٿم.
مون دوستن جا گل پنهنجي جهول ۾ سانڍي رکيا آهن، ۽ دشمنن جي پٿرن کي گُل ڪرڻ جي قدرت منصور حلاج کان پرائي اٿم.
رشتن کي ڪڏهن به ڪائي، ڪچ سان ڀيٽَ نه ڏني اٿم، پر شيشن کان به نازڪ رشتن جي ٽُٽڻ جو آواز ٻُڌي، انهن ٽُٽل شيشن تي پنهنجا اُگهاڙا پُٺا رکي، ڏينهن جا تارا ضرور ڏٺا اٿم.
اکين مان اَکٽُ رتُ ڳاڙي، اڪيلائي جي ويڪري ڇاتيءَ ۾ خودڪشيءَ جي خيال جو خنجر ضرور کوڙيو اٿم.
ڪاري پاڻيءَ جو اڪيلو قيد ڪاٽي Depression ۽ پاڳل پڻي جي احساس جي ويجهو وڃي محسوس ڪيو اٿم ته زندگيءَ جو هڪ ٻيو پاسو به آهي، جيڪو عقليت ۽ اُميد ڏانهن وٺي وڃي ٿو.
هيڪلائيءَ جا ڪڙا ڳوڙها پِي، جُدائي جا ڪيترائي شوال ڪاٽيا اٿم.
پيار جي پٿراڻين مٿان وِرهه جا وِهاڻا رکي ڪوڙيءَ ننڊ ۾ پنهنجون اکيون ضرور ڪاڙهيون اٿم.
دردُ، جيڪو سڀني کي هڪ ٻئي سان جوڙيندو آهي. انهيءَ عظيم درد ئي ’بالزاڪ‘ ۽ ’ميلان ڪنڊيرا‘ جهڙن صدين جي سرجڻهارن سان سَنمُک ڪرايو آهي، جن پنهنجي تخليقن وسيلي انسان جي روشن آئيندي جو ڏَسُ ڏئي، ان کي خوف جي ڪاري ۽ منحوس رات مان ڪڍي سج ــ ورنو صبح ڏيکاريو آهي.
هن ڪتاب جو انتظار منهنجي جيڏن ۽ دل گُهرين کي ته هُئو، پر جيڏو هن ڪتاب جي ڇپجڻ جو اونو ۽ شدت سان انتظار منهنجي مٺيءَ ماءُ کي هئو، شايد دنيا جي ڪا به ڦيٿَ اُن شدت کي ڪَٿي نه سگهي.
ساهتي پرڳڻي جي هجڻ جي ناتي مون دل جي ڌرتيءَ جي ورهاڱي واري هاڃي کي قبول نه ڪيو آهي.
سنڌي ٻوليءَ جو (شايد) آخري نقاد لڇمڻ ڪومل، اڄ به ’ڪنڊياري‘ ۾ ئي رهندو آهي. ’مورو‘ انهيءَ کان ڪجهه فاصلي تي موجود آهي، مٽي ۽ جَرُ هڪ ئي آهن. لڇمڻ ڪومل کي فن ۽ فڪر جي حوالي ۾ مون سان اختلاف ٿي سگهي ٿو يا هُن جي ويچارن سان مان سهمت هوندي به اَسهمتي ڏيکاري سگهان ٿو، پر منهنجي اندر جو آرٽسٽ لڇمڻ ڪومل کي نظم ۽ نثر جو هڪ سُچيت پارکو سمجهڻ ۾ غلطي ڪري نه ٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته هُو پنهنجي راءِ ڏيڻ ۾ ڪو به رک رکاءُ ڪرڻ وارو شخص/ ليکڪ نه آهي.
هُن پنهنجي طبيعت جي ناچاڪيءَ جي باوجود، نوي ڏينهن جو طويل وقت ڪڍي منهنجي مسودي کي باريڪيءَ سان پڙهيو ۽ ان تي جيڪو اظهار لکت ۾ ڪيو آهي، سندس ان احسان جو بار مان پنهنجي ڪلهن تي سدائين محسوس ڪندو رهندس ۽ سندس مون بابت ڪٿيل معيار تي لهڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندو رهندس، جيڪڏهن ايئن ڪري سگهيس ته سمجهندس ته اُهو سَڀاڳُ قدرت طرفان منهنجي حصي ۾ ئي لکيو ويو هئو. ۽ هُو منهنجو دوست، رکيل مورائي جنهن منهنجا ڪيترائي جنم ڏٺا آهن ۽ انهن سڀني کي ڪجهه صفحن ۾ سموهي مون کي پنهنجو پاڻ ايئن ڏيکاريو آهي، جيئن مان به پاڻ کي ڪڏهن نه ڏسي سگهيو آهيان. ان لاءِ ڪي رسمي لفظ لکي مان پنهنجو پاڻ کي ۽ هُن کي الڳ ڪرڻ نه چاهيندس.
احمد سولنگي
ڪراچي، سنڌ
خوابَ آوارا پکي،
بند اکڙين جي وڏي ڪنهن
جهنگَ ۾ آهن اُداس!