ڇو فقير جو ڪِشتو، اڄ ڀَريل نه خالي آ،
مرڪ هُن جي مُک تي ۽ اک سندس جُهڙالي آ.
ڪجهه ڳڀا ستارن جا، چنڊ جي سَڄِي ماني،
هُن پِني پِني سڀ کان، ڪائنات پالي آ.
نانگ نَر وَڄائي ٿو، مُرليون نچائي ٿو،
نانگراجَ اهڙي ڪا، ڦوڪَ ڄڻ سنڀالي آ.
عشق جي اميريءَ کي، دل غريب ڇا ٻُڌندي؟
خيرپور ۾ هاڻي ڪو، ميرُ آ، نه بالي آ.
هنجَ تون تَري اچجان، واءَ سان وَري اچجان،
اک سفيدُ گُل گُل جِي، آرزوءَ ۾ آلي آ.
هُو لڪيءَ- هندوري ۾، گُل تَريو ڪَٽوري ۾،
سنڌ جي سَويري ۾، لال! تنهنجي لالي آ.