شاعري

خواب آوارا پکي

هي ڪتاب اسان جي دور جي خوبصورت شاعر احمد سولنگيءَ جي شاعراڻي تخليقن جو مجموعو آهي. لڇمڻ ڪومل مهاڳ ۾ لکيو آهي:
”احمد سولنگيءَ کي مان هتي نئين نسل جي نئين شاعريءَ جي علامت (symbol) ڪري ٿو کڻان. ان ٽهيءَ جا اڪثر شاعر فئشن پرستيءَ طرف مائل ٿي Stream of consciousness (شعور جي ڌارا) بدران Mainstream (روايت پرست ڌارا) طرف لُڙهندا ويا. جتي شاعري خود شاعرن مٿان نازل ٿيڻ جو فطرتي عمل ٿيڻ جڳائي، اتي هُو پاڻ شاعريءَ مٿان نازل ٿيڻ لڳا ۽ اهڙي افراتفريءَ واري دؤر ۾ ڪيترن کي لُڙ ۾ مزو لڳي ويو ۽ هُو راتورات شاعر ٿي ويا، پر شاعريءَ لاءِ جيڪا اندر جي سُوجهه ٻُوجهه گُهربل آهي، ان تقاضا تي احمد سولنگيءَ جهڙا ڪي ٿورائي تخليقڪار کَرا ثابت ٿي سگهيا.“
Title Cover of book خواب آوارا پکي

ڪراچي

ڪراچي


اي ڪراچي!
سنڌ جي تون نڪ جي آهين ڦُلي.
هسُ ڳچيءَ جو،
سينڌ جو سِندور، ماٿي جو ٽِڪو،
۽ ڪرائيءَ جو ڪنگڻ!
باک بادامي جڏهن ٿي تنهنجي رستن تي لهي،
صبح تنهنجو سون ورنو ٿو لڳي،
۽ جڏهن ٿي شام گهونگهٽ کي کڻي،
سانوري ڪا ڪنوار آرس ٿي ڀَڃي!
رات پنهنجا پاند ڦهلائي جڏهن ٿي تو مٿان،
چنڊُ شرمائي وڃي ٿو تو اڳيان.
تنهنجون رم جهم روشنيون،
شاهراهن تي تکين ڪارن منجهان،
جنهن گهڙيءَ برسات وانگي ٿيون ڇڻن،
هر عمارت جون دريون آڪاسُ ڇُهندي ٿيون کُلن،
ڏُکَ توڙي سُکَ ۾ ٿا، تنهنجا رهواسي رهن!
تنهنجي ديوارن مٿان هي سُرمئي،
رنگ جا ٿا ڪيترا پاڇا لهن.
تون ڪياماڙيءَ، منهوڙي جي هوا،
تون ڪلاچي! شاهه جي آهين دعا،
يا لڳين ٿي سِپَ جي موتيءَ جيان،
يا اسان جي ڀاڳ وانگر،
ڪنهن مقدس ماڳ وانگر،
تون سمندر جي رهين ٿي جاڳ وانگر!

اي ڪراچي!
تون ته پالڻهار وانگي ٿي لڳين،
تون مِلين جي روز چمنين کي دُ کائي،
پيٽَ بُکيا ٿي ڀرين!
زندگيءَ مصروف تنهنجيءَ ۾ رهيا،
بي انت ڪيئي حادثا،
روشنين جا سلسلا!

اي ڪراچي!
تون اسان جي آنههِ ڪرنگهي جي هڏِي،
عڪس، جلوو، آرسي،
۽ اکين جي روشني.
تون رهين ٿي ساهه ۾ سُرهاڻ بڻجي،
وقت ۽ تاريخ جو اُهڃاڻ بڻجي،
تون اسان لئه نينهن جو آهين نياڻ،
تون اسان جو آهين چهرو ۽ صدين جي آن سڃاڻ.

اي ڪراچي!
تون اسان لئه سورهن ئي سينگار آهين!
جهول موتين سان ڀريل ۽ موتئي مهڪار آهين!
تون اسان جي عيد آهين،
تون اسان جي ديد آهين!
تون اسان جي جيت آهين،
تون اسان جي هار آهين!

ڪُڙم جو ٿي ڪاڻيارو،
شال سو ويري مري،
جيڪو چوي،
پنهنجي هوندي،
سنڌ کان تون ڌار آهين!