شاعري

خواب آوارا پکي

هي ڪتاب اسان جي دور جي خوبصورت شاعر احمد سولنگيءَ جي شاعراڻي تخليقن جو مجموعو آهي. لڇمڻ ڪومل مهاڳ ۾ لکيو آهي:
”احمد سولنگيءَ کي مان هتي نئين نسل جي نئين شاعريءَ جي علامت (symbol) ڪري ٿو کڻان. ان ٽهيءَ جا اڪثر شاعر فئشن پرستيءَ طرف مائل ٿي Stream of consciousness (شعور جي ڌارا) بدران Mainstream (روايت پرست ڌارا) طرف لُڙهندا ويا. جتي شاعري خود شاعرن مٿان نازل ٿيڻ جو فطرتي عمل ٿيڻ جڳائي، اتي هُو پاڻ شاعريءَ مٿان نازل ٿيڻ لڳا ۽ اهڙي افراتفريءَ واري دؤر ۾ ڪيترن کي لُڙ ۾ مزو لڳي ويو ۽ هُو راتورات شاعر ٿي ويا، پر شاعريءَ لاءِ جيڪا اندر جي سُوجهه ٻُوجهه گُهربل آهي، ان تقاضا تي احمد سولنگيءَ جهڙا ڪي ٿورائي تخليقڪار کَرا ثابت ٿي سگهيا.“
Title Cover of book خواب آوارا پکي

هميرو ڪولهي

هميرو ڪولهي


وقت هميري ڪولهيءَ جو
ڪيئن گذريو آ، ڪيئن گذري ٿو؟

کيڙيءَ ۾ آ خوابُ انهيءَ جو،
اوڙَ اوڙَ ۾ آس انهيءَ جي،
ناڙيءَ تي آ جاڳ انهيءَ جي،
پارڪِري هُو پوڙهو ڪڙمي،
جوڳ انهيءَ وٽ، جاٽَ انهيءَ جي،
پير اگهاڙا واٽَ انهيءَ جي،
گهاٽُ انهيءَ جو گاجاهه موري،
پرڻو اُن جو مرڻي جهڙو،
ڪهڙا گهوٽيتا ۽ ساڏي،
ڪهڙا ڄاڃي، ڪهڙا ڪانڌي؟
زالون اُن جون موت مري ويون،
پٽ، نه نُهرون،اڱڻ اڪيلو،
ڪهڙو اُن جو ڪُڙم قبيلو؟
گهر- لوڙهي ۾ هڪڙو پوٽو.
ٻُڪ ۾ پاڻي پيئندڙ پوڙهو،
رنگ جو ڪارو، ڪن ۾ والِي.
اک سُفيد پکيءَ جي پَر جيئن،
هيءَ حياتي ڪيئن اُن جالِي؟
موڪَ ۾ ريٽ – لُڙاٽيل پاڻي،
سارين سائي چادر تاڻي،
ٻنيءَ ٻنيءَ ۾ ديرو اُن جو
پٽيءَ پٽيءَ تي پيرو اُن جو،
هر پلُ آهي تابع اُن جي،
سانجهي، رات، سويرو اُن جو،
هيءَ ڌرتي آ ماءُ انهيءَ جي،
وڻ وڻ آهي ڀاءُ انهيءَ جو،
پن پن، ڪلَ، ڪنگور ۽ نڙَ سان،
ماٽيلو آ سڱُ انهيءَ جو،
سجُ ۽ ٻجُ ٿو ٻهڪي اُن لئه،
هر ٻارو آ دنگُ انهيءَ جو.

هر ماڻهو ڇا ڄاڻي سگهندو،
اُن جي ڳالهين جي مالها ۾،
آهي معنيٰ جو هر ڌاڳو،
وقت هميري ڪولهيءَ جو،
ڪيئن گذريو آ، ڪيئن گذري ٿو!؟