دل جي ڌرتي
دُور هوندي به ڪيڏو تون آهين قريب،
فاصلا هي مسلسل ڀلا ڇا ڪندا؟
سمنڊ روڪي هي سگهندو نه مون کي سَکي!
تانگهه تنهنجي هوا سان اچي ٿي گُهلي،
جهاڳ، لهرون لُڻاٺيون، ڪنارا پُڇن؛
چنڊ – ٻيڙيءَ ۾ ويندس مان توسان ملي،
ساحلن جي مٿان ناخدا ڇا ڪندا؟
فاصلا هي مسلسل ڀلا ڇا ڪندا؟
هيءُ مُکڙيون گُلن جون، ٽڙڻ کان اڳي؛
دل جي ٽاريءَ مٿان ڪئن لُڏن ٿيون پيون،
رنگَ ڪرڻا ۽ سُرهاڻيل روشنيون؛
نيل – ڌارا ۾ تو لئه ٻُڏن ٿيون پيون،
هي جُدائيءَ جا لمحا ڪَڙا ڇا ڪندا؟
فاصلا هي مسلسل ڀلا ڇا ڪندا؟
آءُ نڪري هلون! ڪنهن اڄاتي نگر؛
ڪو سڃاڻي نه وڻ، اجنبي ٿي رهون!
سَوَ ستارا اُڻون، آس جي اڀَ تي؛
دل جي ڌرتي ٿئي، روشنيون روشنيون!
هي انڌيرن سندا، سلسلا ڇا ڪندا؟
فاصلا هي مسلسل ڀلا ڇا ڪندا؟