تمنا جو انت
اُڀ – شيشي کي اُگهان مان ڪيستائين؟
چنڊ جا ٽڪرا ڳنڍيان مان ڪيستائين؟
مان نه شيشه گر، نه ڪوئي سنگتراش!
مان مجازي بت پرستيءَ ۾ مگن،
ڪو خدا آهي نه توکان ٻيو حسين!
تو اڳيان ئي ٿي جُهڪي منهنجي جبين.
مون ڏٺا جو نيڻ تنهنجا اي سکي!
سڀ ستارا پيا ڪِري، منهنجي هٿن مان،
ڪو به زهرو، مشتري منهنجو نه آ،
ڪوبه سُرخو، ڪو به انبلک يا ڪُميت،
سنج- جوهر سان جَڙيل منهنجو نه آ.
نانگ ڪاريهر لڪل آ ريت ۾،
پير واريءَ جي مٿان ڪنهن جو نه آ.
عشق ڏيکاري اجل جو آئينو،
ڇو تمنا روز تنهنجي ٿو ڪري؟
تون پکيءَ جي پَر مٿان ڪا بوند آن،
تون پري، ڏاڍو پري، ڏاڍو پري!
مان ڪنارو سمنڊ جو ڪو نامُراد،
تون لُڻاٺٖي واءَ جو جُهوٽو مٺي!
مان اڻاسيءَ اُسَ جو ڪو ترورو،
تون ٿڌو ڪو ڇانوَ جو ٻوٽو مٺي!