شاعري

خواب آوارا پکي

هي ڪتاب اسان جي دور جي خوبصورت شاعر احمد سولنگيءَ جي شاعراڻي تخليقن جو مجموعو آهي. لڇمڻ ڪومل مهاڳ ۾ لکيو آهي:
”احمد سولنگيءَ کي مان هتي نئين نسل جي نئين شاعريءَ جي علامت (symbol) ڪري ٿو کڻان. ان ٽهيءَ جا اڪثر شاعر فئشن پرستيءَ طرف مائل ٿي Stream of consciousness (شعور جي ڌارا) بدران Mainstream (روايت پرست ڌارا) طرف لُڙهندا ويا. جتي شاعري خود شاعرن مٿان نازل ٿيڻ جو فطرتي عمل ٿيڻ جڳائي، اتي هُو پاڻ شاعريءَ مٿان نازل ٿيڻ لڳا ۽ اهڙي افراتفريءَ واري دؤر ۾ ڪيترن کي لُڙ ۾ مزو لڳي ويو ۽ هُو راتورات شاعر ٿي ويا، پر شاعريءَ لاءِ جيڪا اندر جي سُوجهه ٻُوجهه گُهربل آهي، ان تقاضا تي احمد سولنگيءَ جهڙا ڪي ٿورائي تخليقڪار کَرا ثابت ٿي سگهيا.“
Title Cover of book خواب آوارا پکي

احساس جي اڪيلائي

احساس جي اڪيلائي


خاموشيءَ جو ڇاڻي پَن پَن،
ڪاري ڪوئل ڪُوڪي بَن بَن.

وڻ وڻ هيٺان ڇائون ڇاپي،
ڪُوڪَ هوا سان پنهنجي ماپي،
ٺوٺُ مندن ۾ ٺاري تَن مَن-

ڪاري ڪوئل ڪُوڪي بَن بَن.


ڪارا پکَ تتيءَ ۾ تنهنجا،
رنگ نه رنگريزڻ جا اهڙا،
کاڌي مات سمورن رنگن-

ڪاري ڪوئل ڪُوڪي بَن بَن.

راڳ رسيلا سرگم ڇيڙي،
آلاپي ٿي ننڊ اُکيڙي،
ٻول سماواتيءَ ۾ ٻهڪن-

ڪاري ڪوئل ڪُوڪي بَن بَن.

ساري ڌرتي سبز وڇاڻو،
اُڀ اکين ۾، ٻانهن وهاڻو،
خوابن مان جاڳايو جذبن-

ڪاري ڪوئل ڪُوڪي بَن بَن!

تون به اڪيلي، مان به اڪيلو،
ساٿ نه ڪنهن جو هيڪل ويلو،
جيون کي ڄڻ ڳوهيو ڳوڙهن-

ڪاري ڪوئل ڪُوڪي بَن بَن.