اڄ رات مان ٿو چاهيان
توسان ملي محسوس ٿو مون کي ٿئي،
ڪا هٿڪڙي منهنجي ڪَرائيءَ ۾ وڃي ٿي ٺهڪندي،
دل تي، اکين تي، خواهشن ۽ آرزُن تي وَسُ هلي منهنجو نه ٿو،
۽ زندگي ڄڻ ڄارَ ۾ هر پل وڃي ٿِي ڦاسندي!
اڄ رات اڀَ تي ڪي ڪڪر ڇانيا وسڻ جي ويسَ ۾،
هن پيار جي برسات ۾ تون مان اُڃارا ڇو رهون؟
اڄ رات مان ٿو چاهيان،
تنهنجي اکين جي مڌ ڪٽورين مان پيئڻ،
تفصيل سان تنهنجي بدن محبوب کي هٿ سان ڇُهڻ!
اڄ رات مان ٿو چاهيان،
تنهنجي چنبيليءَ ول جهڙيءَ چيلهه تي چوٽا ڏسڻ،
ڇاتيءَ مٿان سونن خزانن کي لُٽڻ،
آڱر رکي تِــرُ تِـــرُ ڳڻڻ،
۽ ساهه ۾ سانڍي رکڻ،
مدهوش ٿي تنهنجي جوانيءَ کي چُمڻ!
اڄ رات مان ٿو چاهيان،
توکان پُڇان:
ڪنهن جي چئي ۾ عشق ڪافر ٿو رهي؟
گهوڙو ڀَلو، اَلياڻ تنهن کي ڪيئن ڏجي؟
جذبات ۽ جوڀن جهلي ڏَسُ ڪيستائين،
پاڻ کي ايئن روڪجي؟
هيءُ آبشارن ۽ ندين جو سِرُ سمونڊن ۾ سَٽڻ،
اوڙاهه مان اُپڙي سِپن جو ابَر- بُوندن کي جهٽڻ،
ڪنهن چنڊَ ڏي اُڀ ۾ چڪورن جو اُڏڻ،
۽ مور جون نالون سُڻي ڪنهن ڪورَ تي،
ڪنهن ڊيل جو پَرُ پَرُ پَکيڙي،
مينهن ۾ ۽ نينهن ۾ نچندو رهڻ،
هي سج جون سارنگَ منجهان ساکون کڻڻ،
۽ اُڀَ تي بادل چُنيءَ جي چِٽَ وانگر ڪي چِٽڻ،
هي پوپٽن جو گل مٿان شبنم سان اکڙين کي ڌوئڻ،
خوشبو مٿان ٻَلهارجڻ،
روڪي نه سگهندو ڪير فطرت جي انهيءَ ميلاپ کي!
اڄ رات مان ٿو چاهيان،
ڪو گيت تنهنجي سونهن سوڀيا تي لِکان!
ڪو انت ڪونهي سونهن جو،
ڪا سونهن ٿي ڪنهن وٽ اگهي.
مون کان پُڇين ٿي سچ جو جي مامرو،
دل ٿي چوي،
تنهنجي گهٽيءَ کان ڪاڪ ۽
توکان نه آ مومل مٿي،
توسان ملي محسوس ٿو مون کي ٿئي!