منهنجو پُٽ
منهنجي پڙڏاڏي جي پيڙهي،
مون کان پوءِ!
منهنجي پُٽ تائين آ پُهتي.
هُن جو منهنجو جرُ به ساڳيو،
ٻانهون ساڳيون، ٻرُ به ساڳيو،
منهن، مهانڊو قد ۽ هاٺي،
چال بناوت ساڳي آهي،
منهنجي ۽ منهنجي پُٽَ جي
نڪ، اکين جي جوڙَ جڙاوت ساڳي آهي.
سڀ ڪجهه هي هڪ جهڙو هوندي،
هُن جي خوابن جي پر سرحد پنهنجي آهي!
مان ڳوٺاڻو،
منهنجو دريا ڀرتي ڀاڻو،
منهنجو اُڀرڻ، اُلهڻ پنهنجو،
منهنجو نڪرڻ، سنبرڻ پنهنجو،
منهنجو هر پل پنهنجي تَرَ سان،
لڳ لاڳاپو پنهنجو آهي!
منهنجي رهڻي ڪهڻي پنهنجي،
سڱ سياپو پنهنجو آهي!
منهنجي پٽ جي پيرن هيٺان،
شاهي رستو شهر ولايت وارو آهي.
وينزويلا يا آمريڪا،
ميڪسيڪو يا ڪئناڊا،
هُن جي اک جي آڏو آهن،
هُن وٽُ پنهنجا زاويا آهن
پنهنجا نقشا، خاڪا آهن!
سوچَ به پنهنجي رُخ جي آهي،
هُن جي خواهش جو هر پاسو پنهنجو آهي،
هِن دنيا ۾ هُن جو حصو پنهنجو آهي!