خوابن جي خُودڪُشي
هوائن ۾ شُعاعن کي جڏهن ٿو سجُ اُڇلائي،
تڏهن ماحول ساڪن ٿئي،
سناٽن ڏي وڃن آواز ٿا ڊوڙي،
اُڏامي ڌُوڙ ٿِي درياهه مان ڪيڏي!
وٽيو آ وقت اُن کي ايئن،
لڳي ٿو مُڃَ جي نوڙي!
وڃون جاڏي، انهيءَ پاسي!
رڳو خاموشين جا مقبرا آهن،
سياستدان نابالغ مجاور ٿي پيا آهن!
تپي ٿي لوهه وانگر سج جي هيٺان جنم ڀومي،
جتي اڄ پاڻ بيٺا هون،
اها ڌرتي وڃي ٿي مختصر ٿيندي،
مٿان آڪاسُ هي نيرو ،
وڃي ٿو دائرن ۾ ڄڻ ننڍو ٿيندو،
ڪپاهان ريشمي بادل،
وڃن ٿا ڇِڙوڇڙ ٿيندا،
پکي پنهنجي نگاهُن جا،
وڃن روپوش ٿا ٿيندا!
مگر هوءَ بي خبر ڪافر حسينا ڇو چئي ٿي پئي:
جنم پنهنجو اکين ۾ ئي ٿيو آهي،
عمر جا سڀ لٽا پنهنجي اکين آڏو لٿا آهن!
لڳو ڪلهه پيار جو پيوند،
جواني ٻُور تي پهتي،
وڻن جي ڇانوَ ڇو پنهنجي،
جڙن ۾ ٿي وڃي موٽي؟
سمورا خواب پنهنجا ڇو،
ڪرڻ ٿا خُودڪشي چاهن؟
اڙي او بي خبر ڪافر حسينا!
ڇا اِها توکي خبر آهي؟
هٿن ۾ هٿَ آهن، پر
مٽي پيرن جي هيٺان پنهنجي حصي جي،
وڃي محدود ٿيندي ٿي،
ڦُٽن ٿا شهر مان جيڪي سمورا ڳوٺَ جا رستا،
انهن ۾ نانگَ پنهنجا ڪَرَ ،
کڻي هر روزُ بيهن ٿا،
سمورن جاگرافيءَ جي ڪتابن کي،
اُڏوهي ڪا لڳي وئي آ،
نئين تهذيبَ جي نالي اسان جي پيارَ جي ٻولي،
پُراڻن کنڊرن جو ڄڻ قديمي گيت ٿي پئي آ،
اسان پاران اسان جي ئي حصي جي زندگيءَ کي ڪو،
گُذاري ٻيو رهيو آهي،
اسان ڄڻ زندگيءَ کي زهر وانگي، پِي رهيا آهيون،
اسان دنيا جي گولي تي اڪيلا جِي رهيا آهيون!