قلو پطره
ڪُشادي رات جي ٻيڙي،
رسيون، ساڪا، لنگر لوها،
نماڻن ميربحرن جا،
ٿڌا ڪي خوابَ جا پاڇا،
مٿان فانوسُ فطرت جو،
سمورا منتشر تارا،
حسين ڪنهن حادثي جي لئه،
الئه ڇو منتظر آهن؟
جواني قيمتي تنهنجي،
اکين ۾ چاندني پوکي،
هوا مضبوط تختن تي،
لهي ٿي اپسرا وانگي.
درياءِ نيل جو پاڻي،
ڏسي ٿو اک کڻي توکي،
قلو پطره!
چپن جا تو ڏئي ياقوتَ
۽ الماس اکڙين جا،
هٿن جا ڏئي ڪنول اُجرا،
سَريکو سون جو سينو،
ڳلن جا تِرَ، بدن جون ڪئين بهارون ڏئي،
مڃون ٿا تو بچايا،
ملڪ پنهنجي جا،
سوين انمول هيرا ۽ هزارين بي بها موتي،
مٽي محبوبُ پنهنجِي،
آسماني ديوتائن جا سڀئي اوتارَ،
ڏاهپ، ڪرشما، اهرام ۽ صحرا،
قلو پطره!
مٿان فانوس فطرت جو،
سمورا منتشر تارا،
حسين ڪنهن حادثي جي لئه،
الئه ڇو منتظر آهن؟
ملائم، ريشمي، ڪمخواب بِستر ۾،
سُمهين ٿي روز سِيزر سان،
مگر خنجر ٻُڏل رَت ۾،
مٽي تو سُرخ سِيزر جي،
ڏٺي ڪنهن خواب ۾ ناهي!
رسيءَ کان مختصر، نازڪ،
سنهيءَ هِن چيلهه تنهنجيءَ کي،
سهارو ٻانهن جو آهي.
مٿان دستور موجب ئي،
چپن تي چَپَ رکيل آهن.
بدن ڄڻ ڊاک جي وَلِ جئن،
بدن تي ئي وريل آهي.
هٿن جون آڱريون ويهه ئي وڃن ڳنڍجي
اِئين ڪنهن طلسماتي موهَه ۾ ٿيون، جو
پَتو ئي ڪونه ٿو پئي ڪو،
هَوس ۽ عشق ۾ ڪهڙو،
ازل کان رابطو آهي؟
قلو پطره!
مڃون ٿا تون هميشه کان محبت جي اسيريءَ ۾،
اڪيلو ڪونه سيرز کي رکين ٿِي، پر
ڪرين ٿي زلف ڪافر سان، سموري روم کي قابو،
ٻيو ڪهڙو ڀلا ڏَسُ، مصر جي آ چنڊ جو جادو!