هڪ بُوندَ جي وِشالتا
هڪ بُوندَ مان مصّورَ!
جوڙيا سَوين سمندرَ!
ڇو ساحلن مٿان آ
هر وقت پيار تنها
جيڏو اٿاههُ ساگر
ايڏي وڏي تمّنا
لهرون کڻي وڃن ٿيون
اوجل اکين جا سپنا
ڪي دلفريب لمحا
مصروفُ عاشقن جا
سڀني نصيب پنهنجا
پنهنجا لِکيا مقدرَ
هڪ بُوندَ مان مصّورَ!
جوڙيا سَوين سمندرَ!
ميرا طويل رستا
ٿا ڌوڙ منجهه ڌوپن
هن ڪينواس تي ڪَئين
چهرا حسين چمڪن
هر هڪ بدن ڏيئو آ
ٻَهَه ٻَهَه ٻَري ٿا ٻَهڪن
صحرا سرابَ سَهڪن
اکڙيون انيڪ جاڳن
هر رنگ جون لڪيرون
هر سوچ جا تصّورَ
هڪ بُوند مان مصّورَ!
جوڙيا سَوين سمندرَ!
ڪنهن ڍنڍَ مان ڪُنواري
وهنجي جڏهن کِلي ٿي
مُکڙي ڪنول جي گل جي
پاڻيءَ مٿان ٽِڙي ٿي
ڪا جل-پري ڪناري
پٿرائجي وڃي ٿي
سڀ سِرشٽي ڏسي ٿي
اوگهڙ سڄي ڍَڪي ٿي
۽ خوبصورتيءَ جا
مُرڪي پون ٿا منظرَ
هڪ بُوند مان مصّور!
جوڙيا سَوين سمندرَ!
دل جي اداس اُڀَ تي
تارا نه، ڪو به بادل
گهِميل هوا گهُلي ٿي
هر سانجهَه سانت گهايل
هر ڏينهن ساههُ ساڻو
هر رات روح پاڳل
هڪ سُور سُور سُمهيل
هڪ درد درد جاڳيل
جيون سفر سفر ۾
ڄڻ پيرَ پيرَ پٿرَ!
هڪ بُوند مان مصّورَ!
جوڙيا سَوين سمندرَ!