شاعري

خواب آوارا پکي

هي ڪتاب اسان جي دور جي خوبصورت شاعر احمد سولنگيءَ جي شاعراڻي تخليقن جو مجموعو آهي. لڇمڻ ڪومل مهاڳ ۾ لکيو آهي:
”احمد سولنگيءَ کي مان هتي نئين نسل جي نئين شاعريءَ جي علامت (symbol) ڪري ٿو کڻان. ان ٽهيءَ جا اڪثر شاعر فئشن پرستيءَ طرف مائل ٿي Stream of consciousness (شعور جي ڌارا) بدران Mainstream (روايت پرست ڌارا) طرف لُڙهندا ويا. جتي شاعري خود شاعرن مٿان نازل ٿيڻ جو فطرتي عمل ٿيڻ جڳائي، اتي هُو پاڻ شاعريءَ مٿان نازل ٿيڻ لڳا ۽ اهڙي افراتفريءَ واري دؤر ۾ ڪيترن کي لُڙ ۾ مزو لڳي ويو ۽ هُو راتورات شاعر ٿي ويا، پر شاعريءَ لاءِ جيڪا اندر جي سُوجهه ٻُوجهه گُهربل آهي، ان تقاضا تي احمد سولنگيءَ جهڙا ڪي ٿورائي تخليقڪار کَرا ثابت ٿي سگهيا.“
Title Cover of book خواب آوارا پکي

راڻا سَرُ

راڻا سَرُ

رات راڻا سَرَ مٿان ڪو چنڊ جو شيشو ڀَڳو،
خواب مان ڇِرڪِي جڏهن هو جَرَ کي جاڳي مون ڏٺو،
منهنجي دل جي بيقراريءَ ڀِٽَ کي ڀاڪر ڀَريو،
درد الغوزي جيان ڄڻ روح ۾ وڄندو رهيو،
مون پُڪاريو: “تون ڪٿي آن”؟
تو چيو: “چيلهارَ ۾!”
هن سَمي جي ساهه ۾ ۽ سارَ ۾!

چاندنيءَ سان ڀاڪُرين آوارگي مهڪي پئي،
سُرت ساري ‘سارسن’ جي ٻولَ ٻاجهاري ٻَکِي،
ريت جي آڪاس ۾ ڪئن ننڊ سپنن جي ٽُٽِي،
هن گهڙيءَ، هن سانت ۾ ڪٿ ڍَٽَ جي ڍاڻي سُتِي،
مون پُڪاريو: “تون ڪٿي آن”؟
تو چيو: “چيلهارَ ۾!”
مندرن ۾، گهنڊَ جي گونجارَ ۾.

ڪنهن ٻُڌو سُرَ، سازَ جي آواز جو نغمو مِٺو؟
ڪنهن ڏنو آ گيتَ ۽ سنگيتَ کي گهائي گهُٽو؟
نغمگيءَ جي جهول ۾ آ ڪنهن مٿو پنهنجو رکيو؟
ڇو سدائين آ هوائن جي ڪُلهي ۾ ڪِينرو!
مون پُڪاريو: “تون ڪٿي آن”؟
تو چيو: “چيلهارَ ۾!”
هر صدا جي سوزَ ۾، سُرَ تارَ ۾!

پاندَ منهنجي کي رنگيني ڄاڱِرين ٻيرين ڏني،
ٿوهرن جي ڏارين تي چيٽَ- برکا چاندنِي،
ڪُونڀٽن جون ٽاريون ٿيون دل تي ڇاڻن شاعري،
ڌُنڌلن ڪن درختن ڏي ڄڻ سڏي پئي زندگي!
مون پُڪاريو: “تون ڪٿي آن”؟
تو چيو: “چيلهارَ ۾!”
منظرن جي موههَ ۾، مهڪارَ ۾!

وقت جي ويراني سان ڪنهن تَنَ کي توري رکيو،
‘ساڏوهين’ کي ساههَ ساري، ڏهر کي ڏوري رکيو،
سونهن جي ساڃاههَ کي آ درد جي ٿوري رکيو،
چاهتن جو چنگُ آهي چارڻن چوري رکيو،
مون پُڪاريو: “تون ڪٿي آن”؟
تو چيو: “چيلهارَ ۾!”
پيرَ جي هر ڇيرِ جي ڇمڪارَ ۾!

مان اڪيلو ڪينَ آهيان، پڊَ-پروانا اُڏن،
کوڙ راڻا سَر مٿان ٿا خيال ديوانا اُڏن،
مورَ جهڙا پَنکَ پَهري، نينهن نذرانا اُڏن،
رِند ٻَهڪن، مَڌُ چمڪي ۽ ٿا مئخانا اُڏن،
مون پُڪاريو: “تون ڪٿي آن”؟
تو چيو: “چيلهارَ ۾!”
اچ مسافر مَڌُ جي ملهارَ ۾!