روايت
قصو صرف تازيءَ قبر جو ئي ناهي،
روايت جي پويان ڪا تاريخ آهي.
روايت ۾ تاريخ جي چيخ آهي،
روايت منجهان رت جي سنڌو وهي ٿي،
روايت ۾ سُورج ڪو مصلوبُ ٿئي ٿو،
روايت اندر چنڊُ نيزي چڙهي ٿو،
روايت ۾ تارا اُجهايا وڃن ٿا،
سويرا انڌيرن تان واريا وڃن ٿا.
روايت منجهان رتَ جون بوندون ڇڻن ٿيون،
روايت ۾ گهڙيون ڪي گهاڻي گُهمن ٿيون،
روايت مان قاتل لڪيرون لنگهن ٿيون،
روايت جي ڪنڌ تي ڪَٽارون هلن ٿيون.
ڪٿي سونهن – ڌرتيءَ جي ڪا ڌيءَ ڪُٺي آ،
“لهوءَ جون پُڪارون هوا پي وئي آ”
روايت ۾ آهن لڪل هٿ پڌرا،
روايت جو موجود راوي به آهي،
رڳو فرد هڪڙي جو هي موت ناهي،
سڄي ايشيا جو هي ڄڻ انت آهي.
سڀئي کنڊَ، پرکنڊَ، ڪيا بَکُ گوليءَ،
سڀئي خواب جا گهر، ڪيا ڪَکُ گوليءَ.
لڳي ڪالهه گولي، لڳي اڄ به گولي،
لڳي ڪينيڊيءَ، ڪِنگ لوٿر کي گولي،
۽ گانڌيءَ کي گولي، لُممبا کي گولي،
لڳي آليندي کي ۽ اندرا کي گولي،
لڳي آسرن، انتظارن کي گولي،
ڪچن نيڻ، نيرن، نهارن کي گولي،
لڳي ديسَ جي ڄڻ بهارن کي گولي.
ڪروڙين اکيون اشڪباريءَ ۾ آهن،
ڪروڙين دليون بيقراريءَ ۾ آهن،
سڀئي هٿ سينه زنيءَ منجهه آهن،
سڀئي پير ماتم ڪدي منجهه آهن،
اڱڻ عُذر خُواهين سان آباد پنهنجا،
سڀئي سَچَ آتش ڪدي منجهه آهن.
دفن ڪائناتن جو محور ڪيو ويو،
خطِ استوا ۽ سمندر ڪيو ويو،
دفن ديس! پنهنجو مقدر ڪيو ويو،
دفن ڪالهه هڪ ٻيو قلندر ڪيو ويو!
گُلن کان ٽِڙڻ جي آ فطرت کسي وئي،
۽ سورج مُکين کان حرارت کسي وئي،
وڻن کان کسيا ويا، سندن ڇانورا سڀ،
ندين کان قديمي رواني کسي وئي،
سڀن موسمن جي جواني کسي وئي!
ڪيو قيد جذبن جوانين کي ويو ۽،
ضميرن کي زنجير پاتا ويا ۽،
اُميدن کي آڙاهَه ۾ ويو جلايو،
تڏهن وقت کي هُن، هي انداز بخشيو،
جو سوچن صليبن کي اعزاز بخشيو،
مٽيءَ تي ٽڙيل هُن جي رت جي لڪيرن،
صدين جي خموشيءَ کي آواز بخشيو!
زماني جي تاريخ ۾ هيءَ شهادت،
امر بڻجي رهندي نئين هڪ روايت!