روپُ انوپُ
تنهنجون مون ۾ جَڙيل اکڙيون،
ٻيا ڪهڙا الماس او سورٺ!
تو لئه ڪيڏا خواب اُڻيا مون،
۽ اُجرا احساس او سورٺ!
تون ئي مون لئه سمنڊُ سراپا؛
تنهنجا مون ۾ ساحل آهن،
تون ئي رڻ جي ريٻارڻ آن؛
تنهنجا مون ۾ بادل آهن!
تون ته گهٽي آن منهنجي من جي؛
تون ئي منزل ۽ مانجهاندو،
تون ئي مومل جي ماڙي آن؛
تو ئي ڪاڪ ۾ مون کي آندو!
آرهڙ جو مان ڄڻ ته ٻِپهرو؛
تون آن ٿڌڙي ڇانو نِمُن جي،
تو ۾ ننڊ نمازون واجب؛
تون ئي سجدي جاءِ اکين جي!
ڇا تون منهنجي ليلان ٿيندينءَ!
تنهنجو آنءُ چنيسر ٿيندس؟
مون کي مڻئي موهَه مٽيندينءَ،
اهڙو نانءُ چنيسر ٿيندس؟
سانجهه شفق جي شهزادي آن؛
يا ته وهائو تارو آهين،
يا تون مون لئه پورنماسي؛
يا ته اُماس انڌارو آهين!
اڳُ مان اهڙو ڪين ٿيو هُئس؛
ڪنهن جي آڏو سربسجود،
تون ئي منهنجي محبوبا آن؛
تون ئي مون لئه آن معبود!
هيئن اکين ۾ ننڊ نه اُڻ تون؛
مون کي ڪيفُ ۽ آرسُ گهرجي،
تون آن سون-سريکي سورٺ!
مون کي ڪوبه نه پارسُ گهرجي.