دائرا
درد جا ڪارا ڪڪر ڇانيا جڏهن،
دل جي ويرانيءَ منجهان نِڪتيون رڙيون،
سڏ پڙاڏا، ساههَ سڏڪا، ويڻَ ڄڻ،
لڙڪ بڻجي پيا ڇڻي نيڻن منجهان،
۽ پيا جاڳي ڪئين آواز،
ڪر موڙي ازل جي ننڊ مان!
هوريان هوريان جاڳ جا آواز ڇا گونجي اُٿيا،
ڄڻ وِڄن کي وَرَ پيا!
پولار ۾ پڙلاءُ ٿيو، اڀُ ڏريو،
۽ فرشتن جي دلين ۾ ڇِرڪ پيا،
عرش تي پهتي گنهگارِ محبت جي پُڪار،
ڪائناتي ڪا ستار،
پر رڳو توکي ٻُڌڻ ۾ ڪانه آئي!
تارَ ڪا تلوار بڻجي دل اندر ڪيئن ٿي لهي،
ڪيئن ڦُٽي مضراب مان ٿي نغمگي،
آڱرين جي هن هُنر کان بي خبر، اڻڄاڻ ٿي،
زندگيءَ ۾ تو فقط ويڇا رکيا!
جئن شڪاري باز جون اکيون اکياڙي ٿا رکن،
ايئن اکيون مون لاءِ پنهنجون تو سدا پُوري رکيون،
۽ رکيا ڪجهه دائرا،
درد جا ڪارا ڪڪر ڇانيا جڏهن!
ڪونه جاڳيا،
ڪنهن به پاسي، ڪنهن به ريت،
روشنيءَ جا ترورا....!