شاعري

خواب آوارا پکي

هي ڪتاب اسان جي دور جي خوبصورت شاعر احمد سولنگيءَ جي شاعراڻي تخليقن جو مجموعو آهي. لڇمڻ ڪومل مهاڳ ۾ لکيو آهي:
”احمد سولنگيءَ کي مان هتي نئين نسل جي نئين شاعريءَ جي علامت (symbol) ڪري ٿو کڻان. ان ٽهيءَ جا اڪثر شاعر فئشن پرستيءَ طرف مائل ٿي Stream of consciousness (شعور جي ڌارا) بدران Mainstream (روايت پرست ڌارا) طرف لُڙهندا ويا. جتي شاعري خود شاعرن مٿان نازل ٿيڻ جو فطرتي عمل ٿيڻ جڳائي، اتي هُو پاڻ شاعريءَ مٿان نازل ٿيڻ لڳا ۽ اهڙي افراتفريءَ واري دؤر ۾ ڪيترن کي لُڙ ۾ مزو لڳي ويو ۽ هُو راتورات شاعر ٿي ويا، پر شاعريءَ لاءِ جيڪا اندر جي سُوجهه ٻُوجهه گُهربل آهي، ان تقاضا تي احمد سولنگيءَ جهڙا ڪي ٿورائي تخليقڪار کَرا ثابت ٿي سگهيا.“
Title Cover of book خواب آوارا پکي

هر نديءَ جو وهڪرو، ننڍڙو لڳي،

هر نديءَ جو وهڪرو، ننڍڙو لڳي،
تنهنجي اک کان سمنڊُ ٿو، ننڍڙو لڳي.

لانچ جي آ پنڌ ۾ پاڻي وڏو،
ساحلن جو ٿو رَسو، ننڍڙو لڳي.

شهر جي سوداگرن جي ٿاڪ جو،
جو پُڇي مون کان پَتو، ننڍڙو لڳي.

تنهنجو اڌ چهرو کڙي اک ۾ جڏهن،
چنڊُ هر تاريخ جو ننڍڙو لڳي.

موت کي ڏئي ڪيترا ڏانوڻ ڏيون،
زندگيءَ جو ٿو سڳو، ننڍڙو لڳي.

برف جو ٺاهي خُدا هُو ٿا رکن،
جيئن ڳري اُس ۾ ڦڙو، ننڍڙو لڳي.

ڪيتري اک جي ڪشادي آ زمين،
خواب جو ٿو ڳوٺڙو، ننڍڙو لڳي.

سانجهه ۾ مَڌُ ۾ سج کي ٻُوڙي جڏهن،
مئي فروشن جو ڌنڌو، ننڍڙو لڳي.

پاڻ کي احمد کپي آتش ڪدو،
چڻنگَ، ٽانڊو يا اُلو، ننڍڙو لڳي.