سمنڊ ۽ شهر جي ڪٿا
سمنڊُ هي شهر سان لُڇيو آهي:
لهر آوازَ جو پڙاڏو ٿِي،
هر ڪناري مٿان ڊُڪِي، ڊوڙي،
شهر جي زهر کي چَکيو آهي-
سمنڊُ هي شهر سان لُڇيو آهي!
سمنڊُ فطرت جو معجزو آهي،
۽ زمينن جو آئينو آهي؟
صُبح سانجهيءَ رنگين غاليچا؛
سانگَ سِيرن مٿان سجائن ٿا،
رنگَ ۽ روشنيءَ جي ساحل تان؛
ڄڻ هوا کي پکي اُڏائن ٿا!
پنکَ پر هانوَ ۾ هَلائن ٿا!
روح شاعر جو ڪنهن رڱيو آهي؟
سمنڊُ هي شهر سان لُڇيو آهي!
شهر ننڍڙو نِراسُ ڪيڏو آ،
دل جو گهرڙو اُداسُ ڪيڏو آ!
هن صديءَ جي ٿڪل مسافر جي؛
سونُ- پيرن تي ڌوڙ چاندي آ،
پنڌ دل جو قديم تنهن ڪاٽي؛
پيارَ جي ڪائنات آندي آ،
موههُ باندي نه سونهن ماندي آ!
درد پر ڪنهن سندس ڪَڇيو آهي!
سمنڊُ هي شهر سان لُڇيو آهي!
سمنڊَ ۽ شهرَ جي صدا پنهنجي،
هرڪا تمثيل ۽ ڪٿا پنهنجي،
شهر چپُ آ زبانَ جي هوندي؛
سمنڊُ گُونجي گَڏي ڪنارن کي،
شهر پُرهول، پُرخطر آهي!
سمنڊُ عاشق سڏي ستارن کي،
چينُ آڇي ٿو بيقرارن کي!
ريت تي رات ڀر رُليو آهي!
سمنڊُ هي شهر سان لُڇيو آهي!