منهنجو ديسُ
هتان ريشمي بادلن جو گُذر ٿيو،
هتان ئي شروع ٿيون هوا جون ڪٿائون،
هتان بيد مُشڪن مٿان ڪي چڪوريون،
کڻي خواب چنڊَ کي چمڻ جا اڏاڻيون.
هتي لاکَ جهڙين چُنين لاءِ آرون،
گگن جي ڪڪوريل ڪنارن تان آيون،
اِهي ئي ته قصا سَکيءَ جي شهر جا،
اِهي ئي پِرينءَ جي پٽن جون پچارون.
اِها ئي ته نيري وفائن جي ڪينجهر،
جتي روز ساجهرُ،
جڏهن سجُ رَڇَ ۾ لڳي ٿو،
تڏهن ئي مياڻي بکي سون بڻجي.
صبح وير نُوريون اُٿن نيڻ مهٽي،
ڇَڄن، کِک، کارين،
اڏين، مَڏ، مڪڙين،
اجهل ڇيڪ ڇولين، منجهان ٿيون نهارن.
اِهي شاهه بندر مٿي پدمڻيون،
سمندر سنديون سون – چِڙيون،
هٺيليون اُڏامڪ، پرهَه جون پَريون،
انهن ساڻ سونهي سڄو ديس پنهنجو!
اِهي کير ٿر جون نه کُٽندڙ قطارون،
سڄي ديس جون ڄڻ ته مضبوط ميخون!
لهي شام جڏهين پهاڙن جي پويان،
چُمن چوٽيون رنگ ۽ نُور جا دُور ڪرڻا،
ڦُٽن ڄڻ ته جِهرڻا،
پکي ڪوبه پنهنجي پَرن سان اُڏامي،
انهن پربتن کي نه ماپي سگهي ٿو!
اِها ئي رتولي حقيقت اسان جي،
اِهي ئي ته دامن ۾ انمول موتي،
اِهو ٿر، وچولو، سِرو ، لاڙ، ڪاڇو،
نرالا رکي رنگَ، ڌاڳا، ٽِڪون پر،
ڀَريل گَجُ هڪڙو سڄيءَ سنڌڙيءَ جو،
اُنهيءَ کي ته دلدار ديوانگيءَ جيئن،
اسان ساهه پنهنجي ۾ آهي سمايو!